• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويڙهيچن جو وستار؛ محمد هنڱورجو، ٿر ۾ ڏڪار جا بيت، مهراڻ رسالي جي ٿورن سان.

موٽي پنهنجيءَ مُند تي وٺي نه برسات،

ملي ماروئڙن کي،سورن جي سوغات،

ڏوٿيئڙا ڏينهن رات، اچي ويا ارمان ۾.



ٿيو ڏيهه ڏڪار، ڏوٿي ڏُلي ڏور ويا،

ويئي ويچارن وسري سندن پيٽ پچار،

رڳو اون اپار، مارن آهي مال جي.



سورن سان سانگيئڙا سينو نت ساهين،

ڏهڪن،ڏڪن ڪينڪي نه ئي دل لاهين،

لاچاريون لوڪ۾ لک نه لکائين،

ڀلي ٿا ڀانئين، ڀاڳيا بک ڀرم جي.



ڏڪارن ڏيه جا، مارو ڪيا محتاج،

ويچارن وطن ۾ نه حيلو هلي حاج،

راڄن سندا راڄ، اچي ويا ارمان ۾.



نهاري نڀ ۾ ٿڪا نيڻ مون،

وٺي ورهه ڇڏيوآهي پيڻ مون،

سانگي سيڻ مون، پيا هيل پرک ۾.



وسين نه ٿو وڏڦڙا، ڪهڙي سبب ڪوهه،

ڪهڙوڪيو ڏوهه، مارن آهي منهنجي.



ڪُڏنديون هيون ڪالهه دونابون دڙن تي،

بلڪل اڄ بي حال، پيون آهن پڇ تي.
 
Back
Top