شاهه جو سُر مارئي ۽ محقق شاهه جي رسالي جي ترتيب ۽ تشريح وارو ڪم جيڪو لطيف جي عاشقن، عالمن ۽ عظيم اسڪالرن آڳاٽو شروع ڪيو هو، سو تا حال جاري آهي. اُنهن سمورن معزز محققن / مرتبن جون محنتون، محبتون ۽ بي لوث خدمتون قابل قدر. پر ڪي لفظ ۽ معنائون البته غلط لکي ويٺا، جيڪي هن لاثاني شاعر جي لافاني ڪلام ۾ هرگز نه هئڻ کپن. اسان جو نوجوان نسل، جيڪو لطيف کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ جو وڏو شوق رکي ٿو، سو غلط ۽ مختلف معنائن باعث پاتاڙجي وڃي ٿو. ٿر واسي هئڻ ناتي آئون ٽن مهان عالمن / محققن 1. هوتچند مولچند گربخشاڻي، 2. ڪلياڻ آڏواڻي ۽ 3. غلام محمد شاهواڻي جي ترتيب ڏنل رسالن کي سامهون رکي رُڳو ”سُر مارئي“ ۾ آيل اهڙن ڪن لفظن ۽ معنائن جو ذڪر ڪندس، جن بابت ٿورو گهڻو سمجهي سگهيو آهيان. حوالي طور ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي ترتيب موجب داستان ۽ بيت نمبر ڄاڻائبا، جيڪڏهن ڪو بيت اُن ۾ ناهي ته پوءِ ٻئي فاضل مرتب جو حوالو ڏبو. داستان 1. بيت نمبر 2. جڏهن ڪُن فيڪون، مَن تڏهانڪون مارئين، تون ڪيئن وجهين تن کي سومرا: شڪون، هميرن هَڪون، جاڙ جُسي کي پاتيون. معزز محققن هن بيت ۾ آيل ٻن لفظن ”شڪون“ ۽ ”هڪون“ جي معنيٰ ڪجهه هن طرح لکي آهي: • گُربخشاڻي: ”شڪون“= ڪِليون، ڪيريون، بند. ”هَڪون“= شَڪون. • آڏواڻي: ”شڪون“= زنجيرون. ”هَڪون“= زنجيرون. • شاهواڻي: ”شڪون“= ڪِليون، بند. ”هَڪون“= بند. ٽنهي محققن ٻنهي لفظن جي ساڳي معنيٰ لکي آهي، جڏهن ته لفظ هَڪون ڪنهن لغت ۾ ڪٿي آهي ئي ڪونه. دراصل هي ٻه لفظ آهن 1. همير ۽ 2. ناحقئون، جن سان بيت جو مفهوم واضح ۽ سمجهاڻي آسان ٿي وڃي ٿي. يعني: ڌڻيءَ امر ڪيو ته ”ٿيءُ“ ڪائنات ٺهي پئي مُنهنجو مَن اُن وقت کان ئي مارن سان واڳجي ويو تون ڪيئن تن کي (پاڻ ڏانهن اشارو) زنجيرون ٿو وجهين. اي عمر سومرا! تو اِهي (زنجيرون) منهنجي جسم کي ناحقي پارايون آهن. داستان 2، بيت نمبر 1: نه ڪو اير نه ڀير، نڪو اوٺي آيو، مون وٽ آيو، ڪو نڪو پائران ڀَري پير، ڪتابتون ڪير، آڻي ڏيندم اُنِ جون. ٽنهي محققن هن محاوري ”اير ڀير“ جي ٻنهي لفظن کي ڌار ڪري معنائون ڪجهه هن طرح لکيون آهن. • گربخشاڻي: ”اير“ = چاري، خبر آڻيندڙ. ”ڀير“= ڦيريدار، واٽهڙو، مسافر. • آڏواڻي: ”اير“ = سماءُ آڻيندڙ. ”ڀير“= پانڌي. • شاهواڻي: ”اير“= چاري، خبر چار آڻيندڙ. ”ڀير“= واٽهڙو، مسافر. جڏهن ته ”اير ڀير“ هڪ محاورو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اچڻ وڃڻ يا وارو ڦيرو. اُن سان ئي بيت جي سمجهاڻي درست ٿي بيهي ٿي. يعني: ڪو اچڻ نه وڃڻ ۽ نه وري ڪو قاصد آيو. مون وٽ ٿر پائر کان ڪو به هلي ناهي آيو. مون کي سندن خبرون ۽ خط پَٽ ڪير آڻي ڏيندو. داستان 6، بيت نمبر 4. مَ سپني مارئي مُئي مَ ڄائي، جنهن اچي عمر ڪوٽ ۾ لوئي لڄائي، جا سانگين سيڏائي، سا ڪين مَرڪي ماڙيين. هن بيت ۾ لفظ ”سِيڏائي“ آهي، جنهن جي معنيٰ معزز شارحن هن طرح لکي آهي. • گربخشاڻي: ”سِيڏائي“ = سِڪائڻ، موهڻ. • آڏواڻي: ”سِيڏائي“= موهت يا مفتون ڪئي. • گربخشاڻي: معنيٰ ناهي لکي. دراصل هِي لفظ سِيڏائي نه پر سَڏائي آهي، يعني مارو جنهن کي سارين پيا، سَڏين پيا. جيئن داستان 9 جي بيتن ۾ چيو ويو آهي. -تاڙا تنوارين، مينهن وسندا موٽ تون، -ڀلو ڪندو ڀال، مينهن وسندا موٽ تون، -کاٽونبا کاڄن، مينهن وسندا موٽ تون. يا وري داستان 10، بيت 6 جي آخري سِٽ: ٿيو سڏ سمانو، حرف لٿي هڪڙي. ۽ بيت نمبر 8 جي آخري سِٽ: ساڻ امانت اچ، ته ٿيين سماني ساڻهه ۾. ايئن مارئي جا مائٽ مارو ماڻهو کيس سراسر ساريندا ۽ سڏيندا رهيا. هن سلسلي ۾ هڪڙو بيت جيڪو شاهه سائين جي مختلف رسالن ۾ آيل آهي، مگر مذڪوره رسالن ۾ ڪو نه آهي. اُن بيت مان پُڻ سانگين جو سڏڻ / سڏائڻ واضح آهي. بيت آهي: جنهن ستيءَ سَتُ نه ڇڏيو، سا مارئي مَرُ ڄائي. اچي عمر ڪوٽ ۾ جنهن، لڄ نه لڄائي. جا سانگين سَڏائي، سا ڪين رهندي ڪوٽ ۾. داستان نمبر 6 بيت نمبر 10: ڳچيءَ ڳانا لوهه جا زيريون ۽ زنجير، پيڪڙا پيرن ۾ ڪوٺين اندر ڪِير، ڇَنِ نه ڇڄي آهيان اهڙيءَ سٽ سرير، مارو ڄام ملير، پُڇج ڪِي پهنوار کي. هن سلسلي جا اڳيان ٻه بيت: شاهواڻي جي ترتيب موجب بيت نمبر 14 جي پهرين سِٽ: ڇن نه ڇڄي هيٺ، ڪُڇن آهيان ڪوٽ ۾. بيت نمبر 15 جي به پهرين سِٽ: ڇن نه ڇِڄي آهيان ڪُڇن ۾ ڪوٽن. هتي ڇن، ڇڄي ۽ ڪُڇن ٽي لفظ آهن، جن جون معنائون معزز محققن هن طرح لکيون آهن. • گربخشاڻي: ”ڇن“=ـ خوشيءَ سان، مرضيءَ سان، وس پئي. ”ڇڄي“= ڇت، ڇنو، ڪوٺي. ”ڪُڇن“= بنا مرضيءَ، لاچاري، بيوس. • آڏواڻي: ”ڇن“=ـ خوشيءَ سان. ”ڇڄي“= ڪوٺيءَ ۾. ”ڪُڇن“= پويان ٻه بيت ڪلياڻ وٽ ڪونهي. • شاهواڻي: ”ڇن“= خوشيءَ سان. ”ڇڄي“ = ڇت، ڇٽي، ڪوٺي. ”ڪُڇن“= بنا مرضيءَ جي، لاچار. جڏهن ته انهن لفظن جي صحيح ۽ درست معنيٰ هيئن آهي. ڇن = ڇني، مَنهه. ڇڄي = ڇڄاري، ڇپرو. ڪُڇن = بنهه بڇڙي، خراب ڇني ۾. جيئن عام طور خراب شين لاءِ چئبو آهي. ڪُذات، ڪُمهل، ڪُسوڻ ۽ ڪُريت وغيره. مذڪوره سِٽن بلڪ بيتن جي سمجهاڻي البته هيئن ٿي بيهي. ”پنهنجي ڇني ۽ مَنهه جي ڇانوَ هيٺ / ۾ ڪو نه آهيان. هن پرائيءِ بنهه بڇڙي ڇني يعني ڪوٽ ۾ بند آهيان. هوڏانهن وطن ۾ ويٺل سرتيون سڀ خوش آهن. مون کي هتي زنجيرن ۾ جڪڙي رکيو ويو آهي. پهريدار چوڪس بيٺا آهن. (مارئي پنهنجي مارن ۽ مڱيندي (کيت) کي چوي ٿي ته ان حالت ۾ مُنهنجي ڪا پُڇا ۽ پوئواري ڪجو.!“ داستان نمبر 7، بيت نمبر 4. آڻين ڪِي چاڙهين، ڏُٿ ڏهاڻي سومرا سَٿا ڪيو سيد چئي سائون سُڪائين، منجهان لنب لطيف چئي چانئر ڪيو چاڙهين، پُلاءُ نه پاڙين، عمر! ”آراڙِيءَ“ سين. لفظ ”آراڙيءَ“ جي هن کان اڳ وارن فاضل شارحن مان ڪنهن هڪڙي به درست معنيٰ ناهي لکي. ڪلياڻ آڏواڻي اُن کي اڇن گُلن وارو گاهه ۽ شاهواڻي گاهه جو هڪ قسم چوي ٿو. گُربخشاڻي ته عجيب قسم جي هڪڙي ڊگهي لسٽ ڏني آهي. لکي ٿو ته ”آراڙي اڇن گُلن وارو هڪڙو گاهه آهي، جنهن کي ٿري ماڻهو ڀاڄيءَ طور رڌي کائين. وري ڏڌ ملائي اُن مان مٺو به ٺاهين. ڪي اُن گاهه کي ڦوڳسي چون. لاڙ ۾ ڏونرن جي ڀَت کي آراڙو يا آراڙي چون.“ دراصل ٻاجهريءَ جي ٻُوٽي مشابهه گهڻي ڏٿ وارو هيءُ (آراڙي) هڪڙو گاهه آهي، جنهن کي ”ٻَرُو“ به چون. ڪنهن زماني ۾ ٿر ۾ هي گاهه عام جام هو، مارو ماڻهن جي گذران جو هڪڙو ذريعو پڻ. اڃا به وڏين ڀٽن ۾ ملي ٿو. ٻئي طرف مال جي چاري لاءِ هاڻي اُهو گاهه ٿر سان لڳ بئراج ايريا ۾ به پوکين. نئون ڪوٽ شهر ۾ اهلحديث مسجد لڳ واقع ٻج ۽ اناج جي دڪانن مان آراڙيءَ جو ٻج پڇي، ڏسي ۽ حاصل ڪري سگهجي ٿو. داستان 7، بيت نمبر 8: در دروازا، دريون هاڻي هتي هو، ڪوڙيين اڏيان ڪيترا تنبو مٿان تو، جي مُل نه آيا مارئي تنين رڙ مَ رو، ڪوڪٽ آهي ڪو، پُسيءَ پهنوارن ۾. ٽنهي فاضل شارحن لفظ پسيءَ جي معنيٰ ”پُسيءَ تي گذران ڪندڙ“ ڄاڻائي آهي. جڏهن ته هي لفظ پُسي نه پر ”پَسين“ آهي. يعني ڏسين پئي ته! ايئن سڄي بيت جي حقيقت ۽ سمجهاڻي واضح ٿي وڃي ٿي. عمر مارئي کي چوي ٿو: در درين سان سينگاريل ماڙيون اڳيئي آهن ٻيا به ڪيترائي محل ۽ تنبو تو لاءِ تيار ڪرايان، هو تنهنجا مائٽ جيڪي تو وٽ آيا ئي ناهن، تن لاءِ روڄ راڙو نه ڪر، ڏسين پئي ته منجهن ڪو ويڌن آهي جو هو تو وٽ اچن ئي ڪو نه ٿا. لطيف سائين لفظ ڏسڻ جي جاءِ تي اڪثر ”پَسڻ“ استعمال ڪيو آهي. جيئن ” اُڀر چنڊ پَسُ پرين، پسي ڳاڙها گُل، پُڇن سي پسن، پَسي پر عجيب جي ۽ پيهي پس ملير ۾ وغيره. پيهي پسڻ واري هن بيت ۾ ته لطيف سرڪار مارو ماڻهن کي ويتر مرڪائي ۽ جرڪائي ڇڏيو آهي. فرمائي ٿو: ٿوري قُوت قراريا رهن سَٻر سَتِ، کٿيءَ کِهه ڀُڪليا ڀڻن اهڙيءَ ڀَت، پهنوارڪِي پَت، پيهي پَسُ ملير ۾. اڪثر رسالن ۾ پيهي ”پُڇ“ ملير ۾ لکيل آهي. جڏهن ته پُڇبو اُن شيءِ / ڳالهه بابت آهي، جيڪا موجود نه هُجي يا اڳ گُذري وئي هُجي. سو هي لفظ پُڇ نه! پر پَسُ! آهي، يعني پيهي پس ملير ۾. ڀٽائي گهوٽ چوي ٿو ته: ٿورڙي ۽ اڻپوري کاڌي، کٿي واري کهري لباس ۽ دز مِٽيءَ ڀريل هوندي به مارو ماڻهو وڏيءِ سگهه، سُڪون ۽ ايمان سان پيا رهن ۽ هلن ڦرن، منجهن اڻ ڳڻيون خوبيون آهن جيڪي آئون سڀ بيان ڪري نٿو سگهان، هو قاريءَ کي تاڪيد ٿو ڪري ته پاڻ پيهي وڃي اکين سان ڏس! مارو ماڻهن جي شان مان ۽ ساک پت جي پوءِ توکي پروڙ پئجي سگهندي. داستان 7، بيت نمبر 10: سَنهيءَ سُئيِ سِبيو، مون مارؤ سين مَنُ، هڻي کَڻ حِلم جا تَهه وڌائون تن، ڪيئن ٽوپايان ڪَن، اباڻيءَ اِبر ري. گهڻن رسالن ۾ لفظ تَن (ت مٿي زبر سان) لکيل آهي. هتي به ٽنهي محققن اُن جي معنيٰ بُت، جسم ۽ بدن ڄاڻائي آهي ۽ بدن کي ڪپهه جي تَهن ۾ قابو ڪرڻ واري عجيب و غريب قسم جي سمجهاڻي ڏني آهي. دراصل هي لفظ تُن آهي، (ت مٿي پيش سان). جنهن جي معنيٰ آهي ”سوراخ“. ڪپڙو ڪجهه اهڙي نموني سَڙي يا ٽٽي پوي، جنهن کي سِڌو ملائي سِبي نه سگهجي ته پوءِ اُهو تُن ڀرائبو آهي، يعني رَفُو ڪرائبو آهي. ڀرت واري سَنهي سُئي ذريعي پشم يا ريشم جي ڌاڳي سان اُهو تُن ڀريو وڃي ٿو. هتان جون سگهڙ عورتون نهايت ئي نفاست سان مختلف ڊزائينن ۾ اُهي تُن ڀرين جيڪي نه صرف مضبوط پر ڏاڍا سُهڻا به ٿين. داستان 8، بيت نمبر 8: ڀِنيءَ جو ”ڀوڻن“، ڀيڄ ڀُڻڪو نه سُڻان، ”سنجڻ“ واريون سُتيون وڃي ويڙهه ”ورن“، پيا ”سيٽ“ سَڙن، ”تَرهي“ ٻنهي ڪنڌيين. هن بيت ۾ اهڙا پنج لفظ آهن. 1. ڀوڻن. 2. سنجڻ. 3. وَرن. 4. سيٽ ۽ 5. تَرهي. ٽنهي محققن پنجن ئي لفظن جون معنائون هن طرح لکيون آهن. ڀوڻن = هلڻ ڦرڻ. سنجڻ = کوهن تان پاڻي ڀرڻ. وَرن = ڀتارن، گهوٽن. سيٽ = نوڙيون، رسا. تَرهي = کوهه. جڏهن ته هر لفظ جي درست معنيٰ هن موجب آهي. 1. ڀوڻن = ڪاٺ جي اُن ننڍي چرخيءَ کي ڀوڻي ۽ وڏيءَ کي ڀوڻ چون. جنهن تان وَرت واري کوهه مان پاڻي ڪڍن. انهن ڀوڻين يا ڀوڻن جي ڦرڻ سان هڪ قسم جو هلڪو آواز نڪري. وانگ / مَک ڏنل نه هوندو ته وڏو آواز ٿئي. سو هي لفظ آهي ”ڀوڻن جو“ يعني چرخين جي ڦرڻ جو (آواز). 2. سِنجڻ (مصدر) = سِينچڻ، ڇڪڻ تاڻن. کوهن مان پاڻي مختلف طريقن سان ڪڍيو ويندو آهي. عام طور ڀاڳيا پنهنجي مال لاءِ ڪوساين وهٽن ذريعي کوهن مان پاڻي ڪڍن، اُنهن تيڻن / وارن هلندي پاڻهياريون اُتان پاڻي ڀري وڃن. ٻيو طريقو آهي پاڻ ڇڪي / تاڻي پاڻي ڀرڻ وارو. جنهن کي سيٽڙي ڪرڻ يا سيٽڙي ڪري پاڻي ڀرڻ به چئجي. لطيف سائين انهي طريقي کي سنجڻ چيو آهي، جيئن هن سٽ ۾ آهي. ”سنجين ساٺيڪن تي وڏيءَ وير وَهون.“ يعني: نوجوان عورتون سوير اُٿي سٺ پُرهه اونهن کوهن تان پاڻ ڇڪي پاڻي ڀرين. 3. وَرن = وراڪن، وڻن جي وَر وڪڙن. جيئن هڪ ٻئي بيت ۾ چيل آهي. ”وهڻ وراڪن ۾ اُن جي اجوکي اوطاق.“ هونئن به سنجڻ واريون سڀ وَرن (ڀَتارن) واريون به ناهن هونديون. 4. سيٽ = اڻرتل چمڙي مان ڪَشن وانگر ڪوري / ڇِهي ڪڍيل چيپن (سنهين پَٽين) کي سيٽ چئبو آهي، جن کي ملائي وَٽي کوهه جي ماپ کان ٽيڻو ڊگهو تندو ٺاهبو آهي، پوءِ ورت ٺاهڻ واري ڪاريگر (جنهن کي ڀاڃارو چون) کان اُهو تندو ٽيئڙ ڀڃرائي وَرت ٺاهين. اُنهن سيٽن مان پاڃاريءَ ۾ پوندڙ سِيرڻ ۽ آڙنگا پُڻ ٺهن. چمڙي جي سيٽن مان ٺهيل انهن سمورين شين کي لطيف سائين سيٽ چيو آهي، جيڪي شروع کان استعمال ۾ هُئا. البته چمڙو مهانگو ٿيڻ ۽ مضبوط رسن / واجهن جو قدري سستي اگهه سان ملي وڃڻ سبب ورت طور هاڻي اُهي به استعمال ڪيا وڃن ٿا، مگر اُنهن کي سيٽ چئي نٿو سگهجي. سيٽ صرف چمڙي مان ٺهيل شين کي چئي سگهجي ٿو. 5. تَرهي = کوهه، تَڙ. هي ڍاٽڪي ٻوليءَ جو لفظ ”تَڙهو“ آهي، جيڪو ٿر ۾ عام جام ڳالهايو وڃي ٿو. لهـٰذا هن کي ترهي نه پر تَڙهي پڙهڻ گهرجي، يعني تَڙهي ٻنهي ڪنڌيين. داستان 8، بيت نمبر 16. (شاهواڻي جي ترتيب موجب). کوهر، ٿوهر، ٿر، جت ساٺيڪا ۽ ”سٽيون“، چارين اُت چاهه منجهان پاسي ”ڦوڳن“ ڦر، ڪيئن لهندم ڪر، جيئن مارو پاڻ اَپاريا. هن بيت ۾ وضاحت طلب ٻه لفظ آهن. 1. سَٽيون ۽ 2. ڦوڳن. جن جي فاضل شارحن معنيٰ هن طرح ڄاڻائي آهي. • گربخشاڻي: سٽيون = واحد سيٽي مذڪر. سيٽ = رسي • شاهواڻي: سٽيون = رسيون، نوڙيون. • آڏواڻي جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ هي بيت ڪو نه آهي. دراصل هي لفظ سَٽيون يا سَتيون نه، پر سيٽيون يا سيٽڙيون آهن. واحد سيٽي / سيٽڙي. چمڙي مان ٺهيل اُنَ سنهيءَ ورت کي چئجي ٿو، جنهن ۾ هلڪي چَڙهي ٻڌي کوهه مان پاڻ ڇڪي پاڻي ڪڍي سگهجي. • گربخشاڻي: ڦوڳن = ڦوڳ هڪ ننڍو ٻوٽو آهي جو جابلو ۽ وارياسي زمين تي واهندن لڳي اُڀرندو آهي. اُن جون ٽاريون ڊگهيون ڳنڍيدار ٿينديون آهن، جن ۾ اڇي رنگ جا خوشبو دار گُل ٿين. • شاهواڻي. ڦوڳين = ٻوٽي جو قسم. ڦوڳ نه ته ڪو ٻوٽو آهي ۽ نه وري اُهو واهندن ورڻ سان اُڀرندو آهي. هي ٿر جو هڪ ننڍو ۽ انتهائي ڪارائتو وڻ آهي، جيڪو پنهنجي طبعي عمر تائين ٻيٺو ٿو هجي. هن ۾ پَن ڪو نه ٿين، رڳو سايون لاسون هُجن ٿيون، جن ۾ وڻ ڦوٽ واريءَ مُند (بهار) ۾ ٻُور ٿئي، جنهن کي ڦوڳي چون. مال اُن کي شوق سان کائي، هن وڻ جي ڪاٺي ٻَرڻ ۾ تيز هُجي ٿي، هي وڻ اڪثر قد ۾ ننڍو پر ڪٿي ڪٿي وڏو وچوليءَ ٻير جيڏو به ٿئي. داستان 9، بيت نمبر 8. هن مُند مارو سَنرا جيائيءَ جالين، چاريو لنب لطيف چئي واڳئين وهارين، ڪِيٽائي ڪاهين، مينهن وسندا موٽ تون. هن بيت ۾ وضاحت طلب ٽي لفظ آهن. 1. جيائي، 2. واڳئين. 3. ڪيٽائي. ڪلياڻ آڏواڻي وٽ هي بيت ڪو نه آهي، باقي ٻنهي شارحن بلڪل ساڳي معنيٰ ڪجهه هن طرح لکي آهي. o جيائي ـ جيائو تڙ. کپري تعلقي ۾ هنڱورني ڳوٺ کان اُتر طرف ٻن ڪوهن پنڌ تي هڪ تڙ جو نالو. o واڳئين ـ واگهين جو تڙ. هي تڙ جيائي کان چار ڪوهه پري ڏکڻ طرف آهي. o ڪيٽائي ـ ڪِيٽائو (تڙ جو نالو). هي تڙ واگهين کان ٻه ٽي ڪوهه ڏکڻ طرف آهي. عجب ڳالهه چئبي، هي ٽيئي ڳوٺ جيڪڏهن ڪي آهن به، ته معزز محققن جي لکڻ موجب اُهي هنڱورني ڳوٺ جي ڀرپاسي، چند ڪوهن جي فاصلي تي اندر بيراج ايريا ۾ آهن، جن جو ٿر سان ڪو تعلق ئي ڪونهي. ته پوءِ ساوڻ رُتِ ساري سرها ٿي اُتان جا مارو ماڻهو، مارئيءَ کي موٽي اچڻ لاءِ ڪيئن پيا سڏين ۽ سارين؟ دراصل انهن ٽنهي لفظن جي صورتخطي ۽ معنيٰ هن طرح آهي. o جيائي / جيوائي = مال مويشي. o واڳئين / واگهئين = هي لفظ واڳئين يا واگهئين نه پر واڙيين آهي. o ڪيٽائي ـ هي لفظ به ڪيٽائي نه، پر ڪِٽڪاري يعني ڪٽڪار ڪري آهي. مارو ماڻهن سدائين مال سان گڏ گذاريو آهي، سو جيائي لفظ ٿر ۾ اڄ به ڀاڳيا عام جام پيا استعمال ڪن. جيئن هي جُملا: 1. ٻيلي: پنهنجو ته گذران اِن جيائيءَ تي آهي. يا 2. ويچاري جِيائي آهي، جيڪا ڍڪيو پيو اچي. باقي مال کي واري واڙين ۾ وهارڻ يا ڪٽڪاري ڪاهڻ وارا الفاظ ته بنهه عام فهم ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڳالهايا ۽ سمجهيا وڃن ٿا. داستان 10، بيت نمبر 11. سپ سمنڊين سپجي ابر آساروس، ٻاڙو پئي نه ٻپڙي مٺو منهن لڳوس، ماڻڪ تي مڙيوس، جيئن تنگ ڪڍيائين تار ۾. هتي ”مُنهن لڳوس“ هڪ محاورو آهي. جنهن جي معنيٰ معزز محققن البته هيئن ڪئي آهي. • گربخشاڻي مٺو پاڻي پُڻ مُنهان پيل اٿس، يعني اُن مان پُڻ ڪرهت ٿي اچيس. • آڏواڻي نه وڻيس. • شاهواڻي. مُنهان پيس، کاري پاڻيءَ کان نفرت اٿس. صحيح معنيٰ: منهن لڳوس، چَس لڳي ويس، هير پئجي ويس، وڻي ويس، لذيذ لڳس. سمجهاڻي: سپ سمنڊن ۾ پيدا ٿئي ٿي، پوءِ به اُن کي اَبر جو ئي آسرو ۽ انتظار آهي، کيس اَبر واري مٺي پاڻي جي چَس لڳي وئي آهي، سا سمنڊ جو کارو پاڻي هر گز نٿي پيئي، هن کي ماڻڪ ان ڪري ملي ٿو، جو هيڏي ساري اونهي پاڻيءَ ۾ رهندي به هوءَ ڪشالو ڪڍي ٿي ۽ ٻيو پاڻي اصل نٿي واپرائي. داستان 10، بيت نمبر 17. پهرين رات پَسي، مون ماڙيءَ مَن ڦڪو ڪيو، هوهر ماروئڙن کي واحد ڏيج وسي، آهر جنهن اسين، سو ملندو شال ملير ۾. هن بيت ۾ هڪڙو ئي لفظ آهي ”وسي“ جنهن جي معنيٰ فاضل شارحن البته هيئن ڪئي آهي. • گربخشاڻي وسي: ويڪري، موڪري، ڪُشادي. • شاهواڻي. وسي: وسيع، ويڪري. جڏهن ته هي لفظ ايترو ته سليس ۽ سادو آهي، جو اڻ پڙهيل ماڻهو به اُن کي سولائي سان سمجهي پيو سگهي. مارئي الله پاڪ کي عرض ٿي ڪري ته مارن جو ملڪ ٿر موهر وسي / وسائي کين وڏا ريج ڪري ڏي. هونءَ به وسڻ ۽ وسائڻ واري کي عام طور هڪڙو ئي تصور ڪيو وڃي ٿو. جيئن ويجهو ايندڙ برساتن جون لاڻون، گوڙون ۽ کِوڻون ڏسي ٿري ماڻهو گهرن مان نڪري وڏي آواز سان ”ڀيڄ مولا! ڀيڄ“ چوندا آهن، يعني وس مولا وس. سو مارئي به مولا کي عرض ٿي ڪري ته مارن کي سندن ملڪ وسي يعني وڏڦڙا وسائي سرسبز ۽ شاداب ڪري ڏي. جيئن سهارن وارا سڀ موٽي پنهنجي ملڪ ملير ۾ ملاقاتون ڪري سگهن. متفرقه بيت نمبر 35. جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن مون من ماروئڙن جون، ڏنيون لَس لطيف چئي هينئڙي کي همير، وڃي منجهه ملير، سڀ ڇوڙينديس سومرا. هتي ٽنهي محققن لفظ ”لَس“ جي معنيٰ ”لَسيون ڳنڍدون“ لکي آهي، جڏهن ته اُن جي معنيٰ آهي ”مسلسل، عام جام، گهڻو، وري وري.“ تصديق لاءِ لطيف سرڪار جي هڪڙي ٻئي بيت جي هيءَ سِٽ ڪافي آهي. وليون وَڻ ٿلاريا، لُلر نڱيو لَس. منهنجي خيال ۾ هن بيت جي پهرين سٽ جو آخري لفظ ”جُون“ نه پر ”جي“ ـ جيڪي آهي، يعني مون مَن ماروئڙن ”جُون“ نه، پر مون من ماروئڙن ”جي“ آهي. (مارئي عمر سان مخاطب ٿي چوي ٿي). جيئن ڳنڍير گاهه ۾ گهڻيون ڳنڍيون آهن، تيئن ماروئڙن مُنهنجي من کي جيڪي جام ڳنڍيون ڏيئي ڇڏيون آهن، سي اي عمر سومرا! (هِتي ڪڏهن به نه کلنديون) اُهي آئون پنهنجي مُلڪ ملير وڃي (پنهنجن مارن لاءِ) سڀ ڇوڙي ڇڏينديس. هن کان اڳ مون ڀٽائيءَ تي تحقيق واري هڪڙي ڪتاب ”ڇپر ڪين ڏي“ ۾ آيل ڪن لفظن / معنائن سان اختلاف ڪندي هڪڙو مضمون لکيو هو، جيڪو ”جاکوڙ“ رسالي جي آڪٽوبر ـ نومبر 2009ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو. ٻين سُرن سان گڏ ”سُر مارئي“ سان متعلق ڪجهه لفظن جهڙوڪ: پَهون، جنڊن، ڪَهون، ڇڇيا، ڇيڪاريو، تاڙو / تاڙا، پهريو، پهرو، مَڪ، ٿوڪ، موڪ، چلڙ ۽ وانڍين وغيره جي اُن ۾ وضاحت ڪئي هئي لهـٰذا هن مضمون ۾ وري اُها وضاحت ورجائڻ مناسب ڪو نه سمجهيم. تاهم سُر مارئي ۾ اڃا به ڪي لفظ آهن جيڪي بهر حال تحقيق طلب آهن. ايئن سڄي رسالي ۾ بلڪه رسالن ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ، گڏيل ڇنڊ ڇاڻ جا گُهرجائو آهن، انفرادي ڪوششن جو ڪو خاطر خواهه نتيجو ناهي نڪتو. مرحوم انور پير زادي چواڻي ته: ”شاهه جهڙي سمونڊ شاعر جي ڪلام جي مڪمل شرح ۽ ترتيب ڪنهن هڪ عالم اڪابر جي وس جي ڳالهه ڪانهي.“ اِهو ڪم سڀني عالمن کي گڏجي ڪرڻو آ. اُن لاءِ متعلقه سرڪاري، نيم سرڪاري خواهه نجي علمي ادبي ادارن کي اڳتي اچڻ گُهرجي. کين حاصل صلاحيتون، علم، اختيار ۽ بجيٽون سڀ قوم جي امانت آهن، سو ”آيتون آهين“ جهڙي هن اهم ڪم ۾ اُهي استعمال ٿيڻ کپن. اتفاق راءِ سان مرڪزي ڪميٽي ٺاهي هر ضلعي لاءِ اهل ماڻهن جون ٽيمون مقرر ڪيون وڃن، کين گُهربل سهوليتون ڏيئي ڪم سان لڳايو وڃي. پوءِ اُهي سندن لاءِ مخصوص ضلعن جا تفصيلي دورا ڪن، حاصل معلومات سهيڙي آڻي مرڪز وٽ جمع ڪرائين. جمله مواد ملي وڃڻ کانپوءِ اُن تي تفصيلي غور و خوض ڪري حتمي مواد ڇپائڻ وارو ڪم هٿ ۾ کنيو وڃي. سخت نگرانيءَ ۾ اُهو آخرڪار مڪمل ڪرايو وڃي. انهي ڪم تي ڪيترو به وقت ۽ پئسو خرچ ٿئي ته اهو سجايو چئبو. اميد ته اسان جا عالم، اڪابر ۽ متعلقه ادارن جا سُڄاڻ سربراهه هن طرف توجهه ڏيندا ۽ ڀٽائيءَ جو هڪڙو مُڪمل ۽ مستند رسالو منظر عام تي اڻي پاڻ سان گڏ پوري سنڌي قوم کي پڻ سُرخرو ڪندا