• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي ڪمپيوٽر کي بند ڪرڻ لاءِ ٽائيم سيٽ ڪريو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ائين کوڙ دفعا ٿيندو آهي جو توهان کي پنهنجي ڪمپيوٽر کي هلندو ڇڏي ۔۔۔ ڪاڏي نڪرڻو پئجي ويندو هجي ۔۔۔ بعد ۾ ياد اچي ته ڪمپيوٽر ته کليل رهجي ويو۔۔۔ هوئن ته ان جا کوڙ حل توهان وٽ هوندا ۔۔۔ ٻيو نه ته موبائيل جي ذريعي ڪال ڪري پنهنجي ڪنهن ساٿي جي ذريعي ڪمپيوٽر کي بند ڪرائي سگهجي ٿو پر هتي مان توهان لاءِ هڪ مفت جو ڪارآمد ٽول کڻي آيو آهيان۔۔۔ هي آهي KShutdown جنهن جي ذريعي توهان سي پي يو جي ميمري کي استعمال ڪندي پنهنجي يا وري نيٽورڪ تي رکيل ڪمپيوٽر جي بند ٿيڻ جو شيڊيول بڻائي سگهو ٿا۔۔۔۔

kshutdown2.0-linux-kde4.png

هن ڪارآمد ٽول جي ذريعي توهان پنهنجي ڪمپيوٽر جو صرف شٽ ڊائون شيڊيول ئي نه پر ريسٽارٽ، لاگ آف، هائيبرنيٽ، اسٽينڊ ۽ لاڪ پي سي پڻ سيٽ ڪري سگهو ٿا۔۔۔
سادي ۽ سولي انٽرفيس واري هن مفت سافٽويئر جو وزن صرف ساڍا چار ميگا بائيٽ آهي۔۔۔

 
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر کي بند ڪرڻ لاءِ ٽائيم سيٽ ڪريو۔۔۔

ادا سائين تمام بهترين شيرنگ آهي،
 
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر کي بند ڪرڻ لاءِ ٽائيم سيٽ ڪريو۔۔۔

لاجواب شيئرنگ آهي ادا

اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر کي بند ڪرڻ لاءِ ٽائيم سيٽ ڪريو۔۔۔

سائين جن جي هميشه ڪمپيوٽر جي باري ۾ سٺي ڪارائتي ونڊ هوندي آهي۔

مان ته سائين جن کي ائين چوندم ته اهڙي ونڊ جاري رکو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر کي بند ڪرڻ لاءِ ٽائيم سيٽ ڪريو۔۔۔

تمام سٺو ادا
مان هاڻي ٽائيم سيٽ ڪندس
 
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر کي بند ڪرڻ لاءِ ٽائيم سيٽ ڪريو۔۔۔

هي سافٽويئر ان وقت ته انتهائي ڪارآمد ٿيندو آهي جڏهن توهان ڪمپيوٽر تي ڪا شي ڊائونلوڊ لاءِ لڳائي هجي ۽ رات جي پهر ۾ توهان کي زوردار ننڊ به ايندي هجي (ادا سليمان وانگر) ته پوءِ توهان هن تي ڪمپيوٽر کي شٽ ڊائون ڪرڻ لاءِ وقت سيٽ ڪري سگهو ٿا۔۔


دوستو ڪنهن دوست جي فون ڪرڻ تي لنڪ هڪ دفعو ٻيهر درست ڪيو ويو ۔۔
 
Back
Top