ويجهڙائيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ منهنجي ملاقات ٿر جي هڪ شاعر پروفيسر محمد هنڱورجو سان ٿي. پاڻ تعليم جهڙي مقدس ۽ قومن جي زندگي ۾ بنيادي تعميري حيثيت رکندڙ شعبي سان لاڳاپيل آهي. هن لائق استاد ۽ اديب جو ٿر سان ايترو ته پيار آهي، جو سندس ڪلام ۾ به ٿر جون يادگيريون سمايل آهن. پروفيسر محمد هنڱورجو (تخلص ملزم ٿري) 1946ع ۾ مٺيءَجي هڪ ڳوٺ ڍنڍي هنڱورجا ۾ ڄائو. بنيادي تعليم مٺيءَ مان وٺڻ بعد هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم. اي ڪئي. پاڻ زندگيءَ جو وڏو حصو تعليم سان ئي وابسته رهيو آهي. ٻه سال کن اڳ سندس شاعريءَ جو مجموعو ”کيرون کاهوڙين جون“ ڇپيو آهي. نموني خاطر سندس ڪجهه شعر هتي ڏجن ٿا: اچن اتر پار کان پهه ڪري پرواز، تلورون تڙن تي انوکي انداز، همه گڏ همراز، پائر جي پٽن ۾. محمد هنڱورجو (ملزم ٿري) مٿئين بيت ۾ تلورن(Houbara Bustard) جو ذڪر ڪيو آهي. بيت جي آخري سٽ شايد ڪيترن کي سمجهه ۾ نه اچي. مون به هي سٽون لکڻ مهل کيس مٺيءَ فون ڪري پڇيو. پاڻ ٻڌايائين ته پائر ٿر جي ڏکڻ اوڀر واري حصي کي سڏجي ٿو، جتي ميلن ۾ ڌرتي Flat آهي ۽ ڪٿي ڪٿي تلاءَ به ٺهيو وڃن، جن تي هي پکي لهن ٿا. ڪن جو چوڻ آهي ته مارئي جو ڳوٺ عمرڪوٽ ڀرسان نه، پر هن پائر واري علائقي ۾ هو. ملزم ٿريءَ جا ڪجهه ٻيا خوبصورت بيت هن ريت آهن: پائر جي پٽن ۾ تلورون تمام پرديسان پيهي ڪن، سنڌڙي کي سلام حُسن هاديءَ ڏنو تن ازل کان انعام عجب اکيون ان جون گلابي گلفام مارڻ واري مام، پوءِ به مارينِ ۾. پوءِ به مارن من ۾ سندو سونهن شڪار هلن پيا هر وار، ڪاهيو ڪڍ انهن جي. ۽ هي هيٺيون شعر پرديسي پکي چيڪلو (Teal) تي آهي. چيڪلو هڪ هوشيار پکي ٿئي ٿو. شاعر ملزم ٿري چوي ٿو: چيڪلا چالاڪ، ڪٿان آئين اڏري رک اهيرين اڍڪو، وتن تنهنجي تاڪ آئين جو ادراڪ، نه آهي ڪو اِن کي. نه آهي ڪو ان کي، آئين جو احساس معصومن جو ماس، کپي نت کرين کي. کپي نت کرين کي، روزانو رت ڇاڻ بازن بندوقن سان، رکن ڄاڻ سڃاڻ اياڻن اماڻ، مور نه ڄاڻن موڳڙا. http://sindhitravelogues.blogspot.com/2011/11/blog-post_4472.html