• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عيد ۽اظهار يڪجهتي سنڌ جا سياسي وڏيرا ، ڀوتار ، سردار ، مها پير ،مها سيد

سڀاڻي سنڌ ۾ سنڌ جي ماڻهن جا ” سياسي وڏيرا ، ڀوتار ، سردار ، مها پير ،مها سيد ، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز “پنهنجي اباڻي ڳوٺن ۾ سالن کانپوء اچي ” عام ، خاص و چمچن ، مها چمچن ۽ غلم جي توپچين “ کي پنهنجو درشن کلي عام ڪرائيندا ۽
اسين عوام انهن سان اظهار يڪجهتي طور سندن ” حاضري “ ڀرڻ لاء ، ” رئيسن ، وڏيرن ، ڀوتارن ، سيد بادشاهن ، پيرن ، مرشدن ، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز “ جي بنگلن تي رش ۾ پيا هڪ ٻئي جي مٿان ڪرندا بيهوش ٿيندا هڪ وڏيري کان ٿيندا ، ٻئي ڀوتار کي سلام ڪرڻ لاء فجر کان وٺي دوڙون پائڻ شروع ڪنداسين .
 
ادا توهان بلڪل صحيح لکيو آهي. اسان جا ڪافي ماڻهون رڳو سياسي وڏيرن ، ڀوتارن ، سردارن ، مها پيرن ،مها سيد ن، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز سان ملڻ ئي پنهنجو اعزاز سمجهندا آهن. ۽ عيد تي اها روش مڙئي وڌي ويندي آهي.
 
Back
Top