دوستو سنڌ سلامت تي خالص سنڌي ۾ تيار ڪيل مسڪراهٽون۔۔۔ ادا عباسي المعروف مگسي جي طرفان تحفو هيون۔۔۔ جيڪي فورم تي مسلسل هڪ سال تائين لڳل رهيون۔۔۔۔
هنن مسڪراهٽن کي جتي پسند ڪيو ويو اتي هڪ شڪايت به ملي ته هي مسڪراهٽون سائيز ۾ ڪجهه وڏيون آهن۔۔۔ هن شڪايت کي ختم ڪرڻ لاءِ مسڪراهٽن کي ايڊيٽرن جي هيٺان سجايو ويو۔۔۔
ان سان ڪجهه بهتري ته آئي پر ڪجهه دوستن شڪايت ڪئي ته کين سنڌي الفابيٽ جا ڪجهه اکر ياد نه رهندا آهن ته اهي ڪهڙي بٽڻ تي آهن ۽ جڏهن اهي مائوس ذريعي ايڊيٽر هيٺان رکيل اکرن کي ڪلڪ ڪرڻ چاهيندا آهن ته اهي وڏين وڏين مسڪراهٽن جي هيٺان هوندا آهن جن تي درست طريقي ۽ درست جڳهه تي ڪلڪ ڪرڻ ۾ کين ڏکيائي ٿي اچي۔۔۔
ااهڙين شڪايتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ادا مگسي کي ٻيهر مسڪراهٽون ننڍي سائيز ۾ ٺاهڻ لاءِ درخواست ڪئي وئي پر سندن مسلسل مصروفيت کين ان ٽاسڪ کي پورو ڪرڻ نه ڏنو ۔۔۔ مجبورن اها درخواست ادا اسد المعروف مست کي ۽ ادا ابو زين ڏانهن منتقل ڪئي وئي۔۔۔۔
ٻنهي دوستن جي محنت جاري آهي۔۔۔ ۽ جلد ئي بهتر سنڌي مسڪراهٽون تيار ٿي وينديون۔۔۔ تيسيتائين ياهو ميسينجر جون مشهور مسڪراهٽون فورم تي سجايون ويون آهن۔۔۔۔ ان سلسلي ۾ توهان جي هيٺين سوالن مطابق صلاح گهرجي۔۔۔۔
توهان کي هي مسڪراهٽون ڪيئن لڳيون۔۔۔؟
سنڌي مسڪراهٽن ۽ سائيز بابت مشورا ڏيو۔۔۔۔
۽ سنڌي ۾ مشهور ٽپيڪل لفظن ۽ تڪيا ڪلامن بابت معلومات ونڊيو۔۔؟