داعش جون دعوائون ۽ سامراج جون صلاحون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جولائي 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    نوٽ:
    منهنجي ڪوشش رهي آهي ته هميشه ڏيهي توڙي پرڏيهي واءُ سواءَ ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن جا ڪمينٽس (نقطئه نظر) کان پڙهندڙ دوستن کي ڄاڻ فراهم ڪريان، ان سلسلي ۾ حافظ سڪندر تنيو جي هي ليک هتي رکان ٿو: معصوم
    ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’

    داعش جون دعوائون ۽ سامراج جون صلاحون
    حافط سڪندر تنيو

    اسلامي ملڪن ۾ نت نيون تحريڪون جنم وٺي رهيون آهن. ۽ هو هڪ تنظيم اسلام جي الڳ الڳ تشريح ڪري رهي آهي، ڪجهه وقت اڳ القائده جي هيبت دنيا مٿان حاوي هئي. ۽ هينئرهڪ نئين تنظيم داعش جي نالي سان نروار ٿي آهي، جيڪا خلافت جو نظام قائم ڪرڻ جي ايجنڊا کڻي نڪتي آهي، سندس اثر عراق ۽ شام ۾ وڌي رهيوآهي. تازو سندن بيان شايع ٿيو آهي ته هنن کي سعودي عرب جو ڪنٽرول حاصل ٿيو ته ڪعبي کي ڊاهي ڇڏيندا ۽ جيڪي ماڻهو ڪعبي ۾ نصب ٿيل پٿر حجر اسود کي چميون ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا آهن، تن پٿر جي پو ڄارين کي قتل ڪندا. ڏسجي ته اها سموري ٽڪساٽ عالمي سامراج جي صدين کان اڳ جي جوڙيل آهي ان جا پيرا شيخ عبدالوهاب نجدي تائين پهچن ٿا. هڪ انگريز جاسوس همفري جي ڊائري ڪجهه وقت اڳ شايع ٿي آهي، جنهن ۾هن انڪشاف ڪيو آهي ته عبدالوهاب انگريزن جو ايجنٽ آهي، اهو انهن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان پوءِ جڏهن اسامه بن لادن ظاهر ٿيو ته ان لاءِ به پڪيون ثابتيون مليون ته هو آمريڪا جو ماڻهو هيو ۽ آمريڪين لاءِ ڪم ڪرايو ويوهئس، هينئر داعش لاءِ به خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته هن کي به عالمي سامراج آمريڪا، برطانيه ۽ اسرائيل جي حمايت حاصل آهي ۽ کيس ٽارگيٽ ڏنو ويو آهي ته مسلمان ملڪن ۾ مذهب جي نالي تي قتل غارت ڪرائي گهرو ويڙهه جو ماحول پيدا ڪيو وڃي ته جيئين سامراج جو قبضو مسلمان ملڪن تي مضبوط ٿيندو رهي.
    ڪعبته الله جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن حضرت ابراهيم ان جي عمارت جوڙائي هئي ته اتي پسگر دائي جا قبيلا ۽ قومن ٻارهين مهيني گڏ ٿيندا هئا، ۽ منجهن جيڪي اختلاف پيدا ٿيندا هئا، تن کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرائي کين کير کنڊ ڪري واپس موڪليو ويندو هيو ۽ پوءِ ڪعبي جي اها روايت آهستي آهستي ختم ٿيندي ويئي، ڪعبي ۾ بت خانو بڻايو ويو ،قران مجيد چيو ته اتي جيڪي صلوات ادا ٿيندي هئي سا هڪ تماشو بڻجي چڪي هئي. مرد ۽ عورتون اگهاڙا طواف ڪندا هئا .عورتن کي ٻار ڄمڻ جي وقت ويم جي سورن جي تڪليف کان بچائڻ لاءِ ڪعبي ۾ ويم ڪرايو ويندو هيو ته جيئين سندن ويم سولائي سان ٿي سگهي.
    ڪعبته الله کي بين الاقوامي انصاف جي عدالت جو درجو مليل هيو، ساڳيو ئي ابراهيم وارو طريقو رائج ٿيو ماڻهن جا مسئلا حل ٿيڻ لڳا ۽ ڊگهو سفر هجڻ ڪري ماڻهن کي چيو ويو ته ڪعبي ۾ غير آباد بنجر زمين آهي، هتي پوکي راهي گهٽ ٿئي ٿي، ان ڪري حج جي لاءِ اچو ته پاڻ سان گڏ جانور به آڻيو مٿن سواري به ڪندا اچو ۽ هتي اچي ضرورت آهر انهن ڍورن کي ذبح ڪيو پاڻ به کائو ۽ ٻين کي به کارايو ۽وري جيڪي جانور بچايا وڃن تن تي چڙهي واپسي جو سفر طئه ڪري گهرن ڏانهن هليا وڃو ۽ اها ذبح يا قرباني صرف ڪعبي ۾ ٿي ڪئي ويندي هئي اڄڪلهه جيان دنيا جي ٻين ملڪن ۾ نه ٿيندي هئي، نبي سائين جن کي جڏهن مڪي مان جلاوطن ڪيو ويو ته قرآن مجيد ۾ کيس چيو ويو ته توکي جلاوطن ڪرڻ سان تنهنجي قرباني تي به بندش وڌي اٿن ، ڇو جو قرباني صرف ڪعبي ۾ ڪرڻي هئي، ماڻهن کي کارائڻو هيو زيان ڪرڻو نه هيو، ۽ڪعبي جي اقوام متحده جهڙي حيثيت هئي، جتي سموري جهان جا ماڻهو اچي پنهنجن ملڪن جا ڦڏا ۽مسئلا حل ڪرائيندا هئا. ۽حج جو سڏ سڀني انسانن لاءِ هيو ان لاءِ مذهبي پابندي رکي نه ويئي هئي پر عالمي سامراج جي چالين سندس اها حيثيت گهٽائي ڇڏي. لارنس آف عربيه هڪ عيسائي عالم کي عربي سيکاري ڪعبي ۾ ڪيترن ئي سالن تائين پيش امامت ڪرائي ويئي ۽ گهڻن ئي سالن بعد ان راز تان پردو هٽيو هيو.
    بر صغير ۾ مغلن جي دور ۾ به مغل حڪمران حج تي نه ويندا هئا، اڪبر، شاهجهان، بابر وغيره جو حج تي وڃڻ ثابت نه آهي، ۽ پوءِ جڏهن بحري جهاز ايجاد ٿيا ته انگريزن عام مسلمانن کي به حج تي وٺي وڃڻ جو بندوبست به مفت ۾ ڪيو ته جيئن سندن ڪاروبار هلي سگهي ۽ ان تي علامه عنايت الله مشرقي چيو ته حج جي ابراهيم عليه سلام ۽ نبي سائين واري مسيت بدلجي چڪي آهي. ضرورت آهي ته ٻيهر ڪعبي کي سموري انسان ذات جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي جاءِ بڻايو وڃي تڏهن ئي گهر بل مقصد حج جو حاصل ٿي سگهندو انهيءَ چوڻ تي کيس ڪفر جي فتويٰ سهڻي پئي هئي.
    اڄ وري هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سامراج مسلمان ملڪن ۾ ڏڦيڙ وجهڻ لاءِ اهڙين تنظيمن جي سر پرستي ڪري رهيو آهي، ڪڏهن ضياءُ الحق جي دور ۾ جهادي مومن پيدا ڪرايا۽ پوءِ وري کين طالبان سڏي ماري رهيو آهي . القائده کي به هنن ئي پيدا ڪيو ۽ پوءِ ايبٽ آباد ۾ خود ئي ختم ڪرايو ويو. هينئر داعش وغيره پيدا ڪري خانا جنگي جي باهه مسلم ملڪن ۾ٻارائي رهيو آهي ۽ اڳتي هلي انهن جي جاءِ تي وري نيون تنظيمون آڻيندو،جيڪي وري لبرل مذهب جي نالي ۾مسلط ڪيون وينديون ۽ فحاشي کي عام ڪرايو ويندو ۽ماڻهو داعش جي اسلام کي رد ڪري ان کي قبول ڪندا .اهڙي طرح آهستي آهستي مسلمان ملڪن جي اقتصادي معاشي وسيلن تي قابض بڻجي پنهنجون فوجون داخل ڪري ڇڏيندو . هر هنڌ سندن لاءِاڇا جهنڊا کڻي آمريڪا، اسرائيل مرحبا جا بينر ۽ نعرا لڳا يا ويندا. ان ڪري مسلمان ملڪن جي سربراهن کي سوچڻ گهرجي ۽ ڪعبي کي بين الاقوامي انصاف جي عدالت جو ٻيهر رتبو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، اقوام متحده جي غلامي جوڳٽ لاهڻ گهرجي.ته جيئن دنيا کي مذهبي ۽ لساني فرق کانسواءِ انصاف ڏياري سگهجي قرآن ان مقصد لاءِ ئي کين دنيا جي امامت جو اهل چيو هو .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو