روس امريڪا تڪرا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جولائي 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    روس ----امريڪا تڪرار
    اثر امام
    ناليواري امريڪي ٽي وي چينل سِي. اين. اين پاران تازو ان سوال تي سروي ڪرائي وئي ته ڇا روس آمريڪا جي لاءِ خطرو آهي؟ 69 سيڪڙو ماڻهن جواب ها ۾ ڏنو. اها ڳالهه الڳ آهي ته 40 سيڪڙو ماڻهن چيو نسبت گھٽ خطرو آهي جڏهن ته 29 سيڪڙو ماڻهن جو خيال هو ته انتهائي ڳنڀير خطرو آهي. بهرحال سروي ۾ شامل ڪيل ماڻهن جو 69 سيڪڙو ان خيال جو هو ته روس آمريڪا جي لاءِ ڳڻتي جوڳيءَ حد تائين خطرو آهي. سال 2012 ۾ به ساڳي اداري اهڙي سروي ڪرائي هئي جنهن موجب 44 سيڪڙو ماڻهن جو اهو خيال هئو ته روس آمريڪا جي لاءِ خطرو آهي. روس کي امريڪا جي لاءِ ڳنڀير خطرو سمجهڻ وارن ۾ ايترو تڪڙو اضافو (44 سيڪڙو کان 69 سيڪڙو تائين) ظاهري طور تي يوڪرين واري معاملي تي ٺهيل نئين صورتِ حال آهي. ڏسو نه، سروي ۾ شامل ماڻهن منجهان 81 سيڪڙو چيو ته يوڪرين ۾ روس جيڪي ڪجهه ڪيو سو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي هئو. پڇيو ويو ته ڇا توهان کي لڳي ٿو ته تازي صورتِ حال کان پوءِ دنيا ۾ هڪ نئين سرد جنگ شروع ٿيڻ واري آهي؟ 48 سيڪڙو ماڻهن جو جواب ها ۾ هئو. هڪ وِک اڳتي وڌي پڇيو ويو ته ڇا توهان ڀانيو ٿا ته روس سان ائٽمي جنگ لڳي سگهي ٿي؟ 40 سيڪڙو ماڻهن جو جواب هئو “ها”.
    روس کان خطرو روس جي انٽر ڪانٽينينٽل بئليسٽڪ ميزائيل يعني هڪ کنڊ کان ٻئي کنڊ تائين مار ڪندڙ ميزائيلن منجهان ٻڌايو وڃي ٿو جيڪي سڀ جا سڀ روس ۾ آهن. پنهنجي ملڪ ۾ تيار حالت ۾ آهن. ضرورت پوڻ تي انهن کي فائر ڪري سگهجي ٿو. پر ان جي ابتڙ امريڪي فوج ۽ هٿيار ته سڄي دنيا ۾ ڦهليل آهن. انهن منجهان ڪجهه ته روس جي ايترو ويجهو ملڪن ۾ آهن جو لڳي ٿو ڄڻ روس کي ڪَڙو چاڙهيو ويو آهي. مثال طور: ناروي، ايسٽونيا، ليٽويا، فن لينڊ، جارجيا، بيلاروس، يوڪرين، آزربائيجان ۽ قزاقستان. ايترو ئي نه پر آمريڪي فوجي ڪجهه ٻين اڳوڻين سوويت رياستن ۾ به مقرر آهن جهڙوڪ: ازبڪستان، ترڪمانستان، تاجڪستان، ڪرغزستان ۽ مولدووا ۾. اڃان اڳتي هلو ته آمريڪا جا 35000 فوجي جپان ۾ به مقرر آهن جيڪو روس جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ جنهن جو روس سان ڪجهه سامونڊي ٻيٽن جي مالڪيءَ جي معاملي تان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي. ائين روس امريڪا جو گھيرو ڪو نه ڪيو آهي. روسي فوجون نه ڪينيڊا ۾ آهن نه ميڪسيڪو ۾ ۽ نه ڪنهن ٻئي هنڌ، سواءِ روس جي جيڪو الاسڪا واري پاسي کان نسبتن آمريڪا کي ويجهو آهي.
    ان ڪري امريڪا رڳو روسي خطري جي ڦوبيا پيدا ڪري پنهنجي ماڻهن کي ڊيڄارڻ چاهي ٿو ته جيئن امريڪا تي حڪومت ڪندڙ مالياتي سرمائي جي مالڪن جي حڪمرانيءَ کي حقيقي عوام دوست قوتن پاران ڪنهن خوف خطري کان بچايو وڃي ۽ سڄي دنيا کي به اهو باور ڪرائي سگهجي ته امريڪا جنگي هٿيارن ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ تي جيڪي کربين ڊالر سيڙائي رهيو آهي سي خوشيءَ سان نه پر مجبوريءَ منجهان سيڙائي رهيو آهي. اڳ اهو خطرو سرخ روس کان هوندو هئو هاڻي شايد سفيد روس کان آهي. بهرحال عوام تي حڪومت ڪرڻي آهي ته کين ڊيڄارڻ ۽ بيوقوف بڻائڻ وارو عمل جاري رکڻو پوندو. وڏي ڪاريگريءَ سان سڀ ڪجهه انجام ڏيڻو پوندو. پاڪستان ۾ ويهي ماڻهو سوچيندا آهن ته امريڪي ماڻهو سڀ کان وڌيڪ پڙهيل ۽ سمجهو آهن پر حقيقت اها آهي ته امريڪا ۾ نوم چومسڪيءَ جهڙن ماڻهن جو تعداد سَوَن ۾ به ڪونهي. آمريڪا وٽ اهڙا اينٽي بئليسٽڪ ميزائيل آهن جيڪي پهرئين حملي ۾ دشمن جي سمورن ميزائيلن کي زمين تي ئي ناڪاره بڻائي سگهن ٿا جنهن کي چيو ٿو وڃي امريڪا جي “نيوڪليئر معتبرائپ”. اها ڪا هوائي ڳالهه به نه آهي نه وري سکڻي دعوى آهي. امريڪا جي پرڏيهي مامرن جي وزارت پاران پڌرو ڪيل مضمون جيڪو اسٽيون اسٽار لکيو آهي ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته امريڪا ائين ڪري سگهي ٿو. مضمون ۾ وڌيڪ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته نه رڳو روس امريڪا جي مقابلي جهڙو نه آهي پر سوويت يونين جي مقابلي ۾ هاڻوڪي سرمائيدار روس وٽ ڏُور مار ڪندڙ بمبار 39 سيڪڙو، انٽر ڪانٽينينٽل بئليسٽڪ ميزائيل يا آئي. سِي. بِي. ايم 58 سيڪڙو، عام جنگي هٿيار 80 سيڪڙو گھٽ آهن. ان کان علاوه روس جو حملي جي آگاهي ڏيندڙ سرشتو به گھڻو پٺتي پيل آهي. هلندڙ ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ تائين روس پنهنجا سوويت يونين جي زماني وارا جنگي هٿيار اڃا وڌيڪ وڃائيندو ڇاڪاڻ ته اهي مُدي خارج ٿي ويندا. اهڙيءَ ريت امريڪا ان قابل ٿي ويندو ته روس جي خلاف پهريون حملو ڪري ڏئي.
    امريڪي پرڏيهي کاتي هڪڙو مضمون ڪِرِس ارنيسٽو جو به ڇاپيو آهي جنهن جو عنوان ئي آهي “برزينسڪيءَ 1997 ۾ ئي يوڪرين جي جنگ بابت ٻڌايو هئو”. اهو مضمون مارچ 2014 ۾ ڇپيو آهي ۽ ان ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته امريڪي ٿنڪ ٽينڪ برزينسڪي 1997 ۾ لکيو هئو ته امريڪا کي دنيا جو اڪيلو سپر پاور هئڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ يوڪرين تي پنهنجو قبضو قائم ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته اهو هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو جيسيتائين روس جي سڳي ڌاڳي ۾ رهندو، روس ايشيا ۽ يورپ جو بادشاهه بڻيل رهندو. اهو برزينسڪي ئي آهي جنهن سڀ کان پهريان روسي صدر پيوتن کي هٽلر سان ڀيٽيو آهي. اتان اندازو لڳايو ته يوڪرين ۾ ويجهي ماضيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو اهو ڪيئن ۽ ڪنهن جي چُرچ تي ٿيو آهي. 1997 ۾ امريڪي ٿنڪ ٽينڪ طئي ٿي ڪري ته يوڪرين تي قبضو ڪرڻو آهي. 15 سالن کان به پوءِ دنيا کي ٻڌايو پيو وڃي ته روس يوڪرين ۾ شيطان گيري ڪري رهيو آهي. انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. سمجهه رکندڙ ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته شيطان گيري ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪير ڪري رهيو آهي ۽ عالمي ميڊيا تي ڪنٽرول هئڻ جي ڪري اهو الزام ڪنهن تي مڙهيو پيو وڃي. يوڪرين ۾ ملائيشيا جو جيڪو جهاز ويجهر ۾ ڪِري تباهه ٿيو آهي يا ڪيرايو ويو آهي اهو به روس جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. حالانڪه جتي جهاز حادثي جو شڪار ٿيو آهي اهو علائقو امريڪي نواز يوڪريني حڪومت جو آهي پر ڏاڍي جي لَٺِ کي ٻه مٿا مطابق آمريڪا فرمائي ٿو ته ان علائقي ۾ باغي ته روس نواز آهن نه! ان جهاز حادثي سان هڪ ٻِي ڳجهارت به سلهاڙيل آهي. جيڪڏهن اهو جهاز سوچي سمجهي ڪيرايو ويو آهي ته پوءِ ملائيشيا جي جهاز جي ئي چُونڊ ڇالاءِ ڪئي وئي؟ ملائيشيا جي هوائي سروس دنيا جي 10 بهترين هوائي سروسز ۾ شامل هوندي هئي. ملائيشيا جي پُر اسرار نموني گم ٿيل جهاز کان پوءِ اها 125 هين نمبر تي پهچي وئي پر هاڻي هِن حادثي کان پوءِ ته سندس رهي کُهي ساک به ختم ٿي وئي. سو ملائيشيا جي جهاز کي چُونڊڻ پروفيشنل ساڙ به ٿي سگهي ٿو. يا جنهن کي چئبو آهي هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ. ٿي سگهي ٿو ڪو ماڻهو ائين به سوچي ته ملائيشيا اڪيلو اهڙو ملڪ آهي جيڪو اهڙي ڀلي ايئر لائين جو مالڪ هئو ۽ گڏوگڏ مسلمانن جو ملڪ به هئو. ان ڪري سندس ٻن جهازن سان حادثو پيش آيو آهي. پر مان ائين نه ٿو سمجهان. منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ ڪٿي به مسلمان ۽ عيسائين جي جنگ ڪا نه پئي هلي. هر هنڌ قدرتي وسيلن ۽ معدني دولت تي جهيڙو آهي. اهو اتفاق آهي ته قدرتي وسيلا مسلمانن جي ملڪن ۾ وڌيڪ آهن. ان ڪري اهي جنگ جو ميدان بڻيل آهن. جيڪڏهن عيسائين ۽ مسلمانن جي جنگ هجي ها ته آمريڪا سعودي عرب ۽ قطر کي ڊگهو رَسو نه ڏئي ها. امريڪا کي ايران ۾ ته خامنائيءَ جي آمريت نظر اچي ٿي پر سعوديءَ ۾ خادم الحرمين الشريفين کي جمهوريت جو ابو سمجهي اکيون بند ڪيون ويٺو آهي. ڇو؟ اها ڳالهه سمجهي ڇڏڻ جي آهي ته جنهن ڏينهن سعوديءَ جا اهي حڪمران امريڪي سامراجي محفل منجهان اٿڻ جي ڪندا ان ڏينهن آمريڪا کي سعوديءَ ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي ڳڻتي سمهڻ نه ڏيندي.
    امريڪا سڄي دنيا تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ چاهي ٿو جيڪو سوويت يونين جي ٽُٽڻ کان پوءِ کيس مليو هئو. پر فطرت جو قانون اهو آهي ته شيون ۽ لقاءَ هڪ هنڌ بيٺل نه هوندا آهن. اهي سدائين چُرپر جي حالت ۾ هوندا آهن ۽ جيڪا شئي چُرپر ۾ هوندي آهي اها تبديل به ٿيندي رهندي آهي. سوويت يونين جي ٽوڙ ڦوڙ کان پوءِ روس کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۽ سرمائيدار روس طور پنهنجو پاڻ کي دنيا جي اڳيان پيش ڪرڻ ۾ ڏهاڪو کن سال لڳي ويا. پر ان کان پوءِ اهو بنا ڪنهن منافقيءَ جي سخت موقف رکي اڀرندڙ سامراجي مرڪز طور سامهون آيو. لينن جو ملڪ هئڻ جي ناتي روس سان عقيدت نه آهي پر چين جي مقابلي ۾ روس جو امريڪا مخالف موقف چِٽو ۽ سخت رهيو آهي اها حقيقت شڪ کان پري آهي. پيوتن جو روس هڪ سرمائيدار ۽ سامراجي ملڪ آهي. جيڪو امريڪا کان جديد دور جي ڪالونين ۾ پنهنجو حصو وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. برڪس جهڙيون تنظيمون توڙي ڪيوبا جو دورو ۽ فيڊل ڪاسترو سان ملاقات به ان سلسلي جي ڪڙي آهن. برڪس ۾ شامل ٻيا ملڪ به پنهنجي حصي پتيءَ لاءِ سرگرم آهن. امريڪا ۽ ان جي پٺڀرائي ڪندڙ عالمي سرمائي جي مالڪن کي اها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي. دنيا جي برابر تقسيم ٿي ته ٺيڪ آهي جيڪڏهن نه ته پهرين ۽ ٻِي مهاڀاري لڙائيءَ جيان وري ٽين مهاڀاري لڙائي هر ڪنهن کي ان جو حصو پتي ڏياريندي. پر هن ڀيري جوهري جنگ ٿيندي ۽ ان ڳالهه جا چِٽا امڪان آهن ته مالِ غنيمت ته هجي پر ونڊڻ ورڇڻ وارا ڌرتيءَ جي گولي تان مَليا ميٽ ٿي چُڪا هجن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو