آهن ڪي جوڌا، جيڪي ڌارين جي ايندڙ لڏپلاڻ کي روڪي سگهن؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جولائي 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    آهن ڪي جوڌا، جيڪي ڌارين جي ايندڙ لڏپلاڻ کي روڪي سگهن؟

    تاريخ ٻڌائي ٿي ته دنيا جون وڏيون قومون ۽ ٻوليون، ڪيئن نه ٻاهران ايندڙن، پوءِ چاهي اهي حملي آور هجن يا لڏي ايندڙ (ٻين لفظن ۾ مهاجر) جي غلبي هيٺ اچي پنهنجو تشخص ۽ وجود وڃائي ويٺيون آهن. سنڌو ماٿري به اهڙين ئي قديم تهذيبن مان هڪ تهذيب جي علمبردار آهي. اسان پنهنجي تهذيب (جيڪا هاڻي آهستي آهستي بدتهذيبيءَ ۾ تبديل پئي ٿي) ۽ ٻوليءَ کي عظيم ۽ قديم قرار ڏيندي نه ڍاپندا آهيون. ان قديم تهذيب جي وارثن جو اڄ حشر ڇا آهي؟
    جيڪي قومون يا گروھ، ڪنهن به تاريخي جبر يا المئي جي نتيجي ۾ پنهنجا گهر، زمينون، ۽ اباڻا پٽ ڇڏي، جڏهين ڪنهن ٻئي جهان ۾ واسو ٿا ڪن ته انهن جي، جذباتي ۽ نفسياتي ڪيفيت ڇا هوندي؟ اتر وزيرستان مان نڪتل اُهي باشندا جيڪي پنهنجا آباد ۽ وسيل گهر ڇڏي، ڪئمپن ۾ پيا رهن ۽ ماني ڳڀي لاءِ ٻين جا محتاج ٿيندا هوندا ته انهن جي اندر ۾ ڪهڙا طوفان پلبا هوندا. هڪ صوبي کان ٻئي صوبي جي سرحدن تي جڏهن کين پنهنجو استقبال، احتجاجي نعرن جي صورت ۾ ٿيندي ملندو هوندو، ته هو ڪنهن کي ان جو ذميوار قرار ڏيندا هوندا؟
    سنڌ ۽ سنڌي پوين 66 سالن کان ان لڏپلاڻ کي منهن ڏيندا پيا اچن. 1947ع جي نتيجي ۾ آيلن جي يلغار ۾ سنڌي، نون آيلن کان ايئن مرعوب ٿيا، جو سنڌي وڏ گهراڻن، پنهنجي ٻولي ڇڏي، ٻارن سان اردوءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. هاڻي ته پاڻ هڪ قدم اڃا به اڳتي وڌي چڪا آهيون، پاڻ کي ”مهذب“ ۽ ”ماڊرن“ سڏائڻ جي شوق ۾ ڪيترن ئي گهرن ۾ ٻارن سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ به عام جام آهي. ويتر رهي سهي ڪسر، سيل فونن جي ايس ايم ايس سروس پوري ڪري ڇڏي آهي. جتي پيغام رسائي لاءِ چڱا ڀلا ”قوم پرست“ به رومن ۾ اردو لکي، گفتگو فرمائيندا آهن. ون يونٽ جي زماني ۾ استحصالي قوتن ملڪ ۽ قومي اتحاد جي نالي ۾ اردوءَ کي قومي زبان قرار ڏيندي، سنڌي ٻوليءَ جا لاھ پٽڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سنڌ ڄاون، اديبن، دانشورن، استادن ۽ شاگردن جي جدوجهد ۽ جاڳرتا مهم ناڪام بڻايو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته گذريل 66 سالن ۾ سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ ”سنڌي“ حڪمرانن ۽ انهن جي پارٽين جي پاليسين تي نظر وجهجي ۽ تجزيو ڪجي ته ان عرصي ۾ اسان کي ٻن قسمن جا ”سنڌي“ حڪمران نظر اچن ٿا. هڪ اُهي جيڪي مارشل لا جي دورن ۾ الائي ڪٿان، کوٽي ڪڍيا ويا ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي مُهرن طور ڪم ڪندا رهيا. انهن کان سنڌ، سنڌيت، ان جي ٻولي، ثقافت، قدرتي وسيلن، زمينن ۽ پاڻيءَ جي حفاظت جي توقع رکڻ عبث هئي. نه هو ماڻهن جي مرضيءَ سان آيا ۽ نه ئي وري انهن ڏانهن جوابده رهيا. ان ڪري اُنهن اهوئي ڪيو، جيڪي غلامانه ذهنيت رکندڙ حڪمران، پنهنجن اصلي آقائن جي اشارن تي ڪندا آهن. انهن جي دور حڪومتن ۾ سنڌ جون زرخيز زمينون، فوجي حڪمرانن جي قدمن ۾ پيش ڪيون ويون. سنڌ جي دريائن جي پاڻيءَ تي سودا ٿيا. سنڌ جا ٻيلا وڪيا ويا. چئن ڏينهن جي حڪمرانيءَ لاءِ پنهنجي مٿان عمر ڀر جو لعنتاڻو کڻي به ڌارين کي خوش ڪيائون ۽ سنڌ جا وڏا شهر، اکيون ٻوٽي ٻين جي حوالي ڪري پاڻ هٿ ڇنڊي ويهي رهيا.
    ٻيو قسم انهن حڪمرانن جو آهي، جيڪي وقفي وقفي سان ماڻهن جي ووٽن سان چونڊجي آيا. انهن ۾ خير سان هڪڙي ئي پارٽي آهي.شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پيپلزپارٽي، جيڪا 1971ع کان وٺي 2014ع تائين پنج ڀيرا، سنڌين تي حڪمرانيءَ جو شرف حاصل ڪري چڪي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي پهرين حڪومت، ۾ آئين ڏيڻ کان علاوه، پاليسي ليول تي مختلف قسم جون بنيادي تبديليون آنديون ويون، جن ۾ صنعتن ۽ تعليمي ادارن ۽ بئنڪن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ وارا اهڙا فيصلا به ڪيا ويا، جيڪي هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ ٻين حڪومتي دورن ۾ واپس ورتا ويا. انهن فيصلن جا ناڪاري اثر انهن شعبن تي اڄ به محسوس ڪري سگهجن ٿا. انهن قدمن مان هڪ شئي واضح ٿي ته ڪيئن ته سُٺا ۽عوام جي مفاد ۾ ڪيل ڪيترائي فيصلا ان مهل ناڪام ٿي وڃن ٿا، جڏهين انهن تي عملدرآمد ڪرڻ واري مشينري، حڪمران ۽ بيوروڪريسي، بدعنواني ۽ پنهنجا نوازي ۽ ذاتي مفادن لاءِ انهن اسڪيمن جو ٻيڙو ٻوڙي ٿي ڇڏي.
    پيپلز پارٽيءَ جون ٻه حڪومتون بينظير ڀٽو جون رهيون جيڪي ٻئي دفعا بدعنوانيءَ جي الزام هيٺ برطرف ڪيون ويون، پيپلز پارٽيءَ جي پوئين ۽ هاڻي هلندڙ حڪومت جيڪي ڪارنامه سرانجام ڏنا آهن، ان جو تجزيو ۽ ان تي تبصرو روز پيو هلي. ان لاءِ مختصر طور اهو چئي سگهجي ٿو ته هنن وٽ عوام کي ڀنڀلائڻ لاءِ شهيدن جا لاش انهن جو خون ۽ انهن جي قربانين جي نعرن کان علاوه ڪجهه به نه آهي. مفاهمت جي نالي ۾ حڪمراني ڪندڙن ان اصولن هيٺ ڪهڙيون ڪهڙيون سوديبازيون ڪيون آهن، سي به آهستي آهستي کلنديون پيون وڃن.
    جيستائين پنهنجي صوبي جي سرحدن جي چرپر ڌارين جي آمد کي روڪڻ جو سوال آهي ته هي اُتر وزيرستان وارا ته اڄ آيا آهن، پر هندستان سان لاڳاپيل سرحدن ۽ ٻين زميني ۽ هوائي ۽ پاڻيءَ رستي داخل ٿيندڙن ڌارين تي هنن جي ڪهڙي چوڪسي رهي آهي؟ جڏهن ته سنڌ کان علاوه وفاقي ادارن تي سندن حڪمراني رهي آهي جتي رحمان ملڪ جهڙا، هنن جا سڄڻ هجن، اُتي سنڌ جي گورنري به يرغمال ته سنڌ جون سرحدون به ٻين لاءِ کُليل، سنڌ جا ٻيٽ به ملڪ رياض جي حوالي ته ڪراچيءَ جا قديم ڳوٺ، قبضي مافيائن جي رحم و ڪرم تي اڳوڻا ڳوٺ ۽ شهر برباد آهن ته وري سمنڊ کي به تين وال ڪرڻ ۽ زمينن تي قبضي لاءِ شهر ذوالفقار آباد نالي ۾ وسائڻ جون تياريون شروع آهن. سنڌ جي قسمت ۾ بي وس، بي اختيار ۽ انتظامي اهليت کان وانجهيل وزير اعليٰ کي اڳيان ڪيو ويو آهي، جڏهين ته حڪومت جون ڏوريون، ڪڏهين ادين، ڪڏهين دين جي ڀائرن ۽ اڪثر دبئي ۽ بلاول هائوس مان پيون ڇڪجن.
    سنڌ جا اسڪول تباھ، ماستر ويزا تي ويل، نوڪريون پئسن تي وڪرو، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن، روينيو کاتو، ايريگيشن، ورڪس اينڊ سروسز، زراعت ۽ هوم ڊپارٽمينٽ ناڻي کاتي ۽ اطلاعات کاتي سميت اهو ڪهڙو کاتو آهي جتان باقاعدي ڦرلٽ ڪري عوام جي پسئن تي پلجندڙ، ڪامورا ۽ حڪمران ٺٺ نه ٿا ڪن. سنڌ جي موجوده حڪمرانن جي خوشقسمتي ۽ سنڌ جي بدقسمتي اها آهي ته هنن کي چئلينج ڪرڻ واري ٻي ڪا سياسي جماعت اڃا سامهون ڪانه آئي آهي. سو موجوده حڪمران، بنا ڊپ ڊاءَ جي وطن ڪارڊن بينظير ڪارڊن جي راند رچايون ويٺا آهن. باقي جي هو ٿورا گهڻا سڌا آهن ته لنڊن واري ادي جي ڏنڊي سان سڌا آهن. اُن سڄڻ کي ”نه“ چوڻ هنن لاءِ مشڪل آهي. ڇو ته هڪ نقطي تي ٻئي ڌريون متفق آهن ته ”سنڌ کي گڏجي ايترو لٽڻو ۽ ڦرڻو آهي جو هنن کان پوءِ پٺيان رڳو ڀينگ هوندي.
    هاڻي، آخري نقطو مٿي ٻڌايل تاريخي پس منظر جي روشنيءَ ۾، پاڻ رڳو اهو ڏسون ته، اسان ۾ اُهي ڪهڙا جوڌا آهن جيڪي ڌارين جي ايندڙ لڏپلاڻ کي روڪي سگهن؟ حڪومت ته پنهنجي بيانن ۾ روز نئين قلابازي پئي کائي، اُتان نه ڪنهن موثر پاليسيءَ جي اميد آهي نه ئي ڪو موثر آواز ٻڌبو. سنڌي ٻولي جا پير پختي ڪرڻ ۽ ان کي ترويج ڏيڻ لاءِ غير سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي ڪڏهين لاڳو ڪئي ويندي؟ ڪراچيءَ جي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائجي به ٿي يا ان سلسلي ۾ رڳو رسمي لٻاڙ ئي آهي؟ سو، سنڌ جا درد رکڻ وارا سڄڻ، دربدر ٿيڻ وارن جو درد بلڪل صحيح، پر پنهنجي ڌرتيءَ جا سور به ڪنهن کي سُجهن ٿا، اسان جي مٿان ٻين جي يلغار کان علاوه، نام نهاد ”پنهنجن“ جيڪي قهر ڪيا آهن، تن جو حساب ڪتاب ڪيئن ٿيندو؟ ڪير وٺندو؟ پنهنجي جيجل ٻولي بچندي يا وري اُها به تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويندي؟ اهو سوال لکندي اي ڪاش منهنجو قلم ٽٽي پوي. پر مون کي جواب کپي، ڪير ڏيندو جواب؟ ڪو آهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو