ادا اسان کي ٽيهن روزن جو حڪم ناهي مليل اسان کي صرف رمضان جو حڪم مليل آهي ته توهان جي لا رمضان ۾ روزا فرض ڪيا ويا آهن، باقي 29 يا وري 30 اِهيو چنڊ تي موقوف آهي ڪڏهن چنڊ 29 ٿيندو آهي ته وري ڪڏهن 30 ، باقي توهان جي 29 مان ڪا ٻي مراد آهي ته توهان پاڻ ئي وضاحت ڪيو ، پاڪستان ۾ ته مفتين جي به حڪمراني آهي جهڙي طرح پشاور ۾ مفتين کي چنڊ نظر ايندو آهي ڇو جو سعوديه ۾ جو نظر آيو ته هر صورت ۾ عيد ڪندا آهن چنڊ نظر اچي يا نه اچي انهن وٽ عيد جو اعلان ٿي ويندو آهي،
ادا سائين اوهان جي ڳاله سمجه ۾ نه آئي ، ته اها هر ماڻهو کي خبر آ ته اسلامي مهينه چنڊ جي حساب سان هلندا آهن ۽ چنڊ اسان جي حساب ته هلي ڪو نه ٿو جو اسان چئون ته مان 30 ئي روزا رکان ! باقي پاڪستان ۾ ته مفتين جي مرضي آ ، پو عيد 28 تي ڪن يا 30 تي.............
ادا سمون صاحب ڳالھ ته واضح آهي، اسان کي رمضان جي مهيني جا روزا رکڻا هئا، هاڻي رمضان 30 آهي يا 29 ، ۽ اسان کي حڪم صرف رمضان جي مهيني ۾ روزا رکڻ جو آهي، 29 ، 30 سان ڪو واسطو ئي ناهي،