نوٽ: مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن جي ڪمينٽس (نقطئه نظر) کان پڙهندڙ دوستن کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ منهنجي ڪوشش رهي آهي، ان سلسلي ۾ غلام مصطفيٰ لاکي جو جي هي ليک هتي رکان ٿو: معصوم ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’ سنڌي قومپرست تشدد جي پوڄا ڪري ته ڪيئن ڪري؟ غلام مصطفيٰ لاکو سنڌي قومپرست تشدد پرست ٿي تشدد جي پوڄا ڪري ته ڪيئن ڪري؟ ان سوال جي جواب کي ڪٿي ۽ ڪيئن ڳولجي؟ منھنجي خيال ۾ ڪنھن ٻئي پاسي وڃڻ جي ضرورت ناھي. جواب سائين جِي ايم سيد جي لکڻين، سندس قولن ۽ عمل ۾ رَھِي سگھي ٿو سو انکي اتي ئي ڳولجي. جيڪڏھن چئجي ته سنڌي قومپرستي کي سنڌ ۾ مذھب جو درجو حاصل آھي ته وڌاءُ نه ٿيندو، ڇو ته سنڌي قومپرست انکي عقيدت جي عينڪ پائي ڏسڻ جا نه رڳو عادي ٿي ويا آھن پر ان عادت تي ناز به ڪن ٿا. ان عادت کي قائم ۽ دائم رکڻ جي لاءِ، انکي وڌائڻ ويجھائڻ جي لاءِ پنھنجو سر ۽ ساھ به صدقو ڪرڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. ان عقيدتمند عادت جي جادو جو اثر ھي ٿيو آھي جو اھي سائين جِي ايم سيد کي سنڌي قومپرستي جو پيغمبر مڃين ٿا. سندس ڳوٺ سن کي سنڌي قومپرستن جون عقيدتمند اکيون سنڌي قومپرستي جي ڪعبي جو رتبو ڏين ٿيون. ساڳين عقيدتمند اکين جي نظر ۾ سندس لکڻين کي سنڌي قومپرستي جو بائيبل يا پاڪ ڪتاب جو درجو حاصل آھي. جيئن ته سنڌي قومپرستي جو پيغمبر ھئڻ سبب سائين جِي. ايم. سيد سنڌي قومپرستي جو رول ماڊل پڻ آھي سو سندس سُنَتَ تي ھلڻ سنڌي قومپرستن لاءِ نھايت ضروري آھي نه ته انھن جي لاءِ قومپرستي جي ليڪي ۾ رھڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو. سنڌي قوم پرستي ۾ تشدد جو پوڄاري لاڙو پنھنجي سگھه جِي ايم سيد جي فڪر مان وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان لاڙي جي نظر ۾ جناب جِي ايم سيد عدم تشدد پرست نه ھو پر تشدد جو پوڄاري ھو، سو سچي سنڌي قوم پرستي اھا آھي جيڪا تشدد جي پوڄا ڪري. باقي سڀ ڪوڙ! سندس خيال ۾ عدم تشدد جي پرچار ڪرڻ ڪوڙي قوم پرستي آھي. ٻئي پاسي سنڌي قوم پرستي ۾ عدم تشدد پرست لاڙو به پنھنجي سگهھ جِي ايم سيد جي فڪر مان وٺي ٿو. ھي لاڙو جِي ايم سيد کي تشدد جو پوڄاري نه ٿو سمجھي پر تشدد جو سخت مخالف ۽ عدم تشدد پرست سمجھي ٿو. ٻئي لاڙا جِي ايم سيد جا پوئلڳ آھن. ھن وقت جناب جِي ايم سيد ھن دنيا ۾ جسماني طور تي ته موجود ناھي پر پنھنجي لکڻين ۾ زندھ آھي. پاڻ پنھنجي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل لکڻين ۾ موجود آھن. اھڙي حالت ۾ جيڪڏھن ڪو جِي ايم سيد جي فڪر کي سمجھڻ چاھي ته ان جي لاءِ سڌي ۽ رڪاوٽن کان پاڪ ۽ صاف واٽ ڪھڙي ٿي سگھي ٿي؟ سوال آھي ته جناب جِي ايم سيد تشدد جو پوڄاري ھو يا عدم تشدد جو پيغمبر ھو؟ سندس اھي پوئلڳ جيڪي تشدد جا پوڄاري آھن تن بابت پتو نه پئجي سگھيو آھي ته چوويھن ڪلاڪن مان ڪيترا ڪلاڪ تشدد ڪرڻ ۽ انجي پوڄا ۾ گذاريندا آھن. خير، جيڪڏھن کين تشدد جي پوڄا مان واندڪائي ملي ته ھڪڙو ڪم ڪري سگھن ٿا. پنھنجي پيغمبر جون جيڪي به لکڻيون آھن، جيڪي به الف کان وٺي ي تائين لکڻيون آھن تن مان اھي لفظ، جملا، سٽون، پئراگراف يا حصا جن ۾ تشدد جي پوڄا بابت پرچار، پيغام، تبليغ يا واعظ ڪيل آھي تن کي انھن لکڻين مان ڪڍي ھڪ ھنڌ گڏ ڪري ڇپائين جنھن جو عنوان ھجي: “تشدد جو پوڄاري پيغمبر سائين جِي ايم سيد پنھنجي لکڻين جي آئيني ۾”. ان ڪتاب ۾ ھي عام دعوت به ڏنل ھجي ته اسانجي پيغمبر جو تشدد بابت وساريل پيغام پاڻ پڙھو، ٻين کي پڙھايو ۽ گھر گھر پھچايو. اھڙو ڪتاب مفت ورھائجي. ڪتاب جو ٻيو حصو تشدد بابت ڏنل انھن سمورين ھدايتن تي ھجي جيڪي پاڻ وقت به وقت پنھنجي بااعتماد پوئلڳن کي ڏيندا رھندا ھيا. تشدد ڪرڻ بابت ٺاھيل اھي ادارا يا سينٽر جي سندس زندگي ۾ ٺھيا، يعني سندس ھدايتن تي ٺھيا، ۽ جي انھن جو افتتاح پاڻ ڪيو ھيائون ته ان وقت تشدد جي ساراھ ۾ ڪو پيغام ته ڏنو ويو ھوندو. جيڪڏھن اھو پيغام لکت ۾ ناھي پر زباني ڏنل آھي ته پوءِ انھن تقريبن ۾ موجود سڀني پوئلڳن جي زباني معلوم ڪري قلمبند ڪجي، ڪتابي شڪل ۾ ڇپائجي. ان ڪتاب جو عنوان ھجي: “تشدد جو پوڄاري پيغمبر سائين جِي ايم سيد جون تشدد بابت ھدايتون”. ان ڪتاب کي منظر عام تي آڻجي ته جيئن اڄوڪي نسل جا سڀ پوڙھا، پڪا ۽ نوجوان پڙھي سگھن ۽ تشدد بابت تعليم، ھنر، فن ۽ ڏانءُ سکي سگھن ۽ ٻين کي سيکاري سگھن. اھو ڪتاب به مفت ورھائڻ گھرجي. ٻئي پاسي اھڙو ڪم سندس انھن پوئلڳن به به ڪرڻ گھرجي جيڪي عدم تشدد پرست آھن. سندن پاران ڇپايل ڪتاب جو عنوان ھجي: “ عدم تشدد جو پوڄاري پيغمبر سائين جِي ايم سيد پنھنجي لکڻين جي آئيني ۾”. ان ڪتاب ۾ ھي عام دعوت به ڏنل ھجي ته اسانجي پيغمبر جو عدم تشدد بابت وساريل پيغام پاڻ پڙھو، ٻين کي پڙھايو ۽ گھر گھر پھچايو. اھڙو ڪتاب مفت ورھائجي. ڪتاب جو ٻيو حصو عدم تشدد بابت ڏنل انھن سمورين ھدايتن تي ھجي جيڪي پاڻ وقت به وقت پنھنجي بااعتماد پوئلڳن کي ڏيندا رھندا ھيا. عدم تشدد ڪرڻ بابت ٺاھيل اھي ادارا يا سينٽر جي سندس زندگي ۾ ٺھيا، يعني سندس ھدايتن تي ٺھيا، ۽ جي انھن جو افتتاح پاڻ ڪيو ھيائون ته ان وقت عدم تشدد جي ساراھ ۾ ڪو پيغام ته ڏنو ويو ھوندو. جيڪڏھن اھو پيغام لکت ۾ ناھي پر زباني ڏنل آھي ته پوءِ انھن تقريبن ۾ موجود سڀني پوئلڳن جي زباني معلوم ڪري قلمبند ڪجي، ڪتابي شڪل ۾ ڇپائجي. ان ڪتاب جو عنوان ھجي: “ عدم تشدد جو پوڄاري پيغمبر سائين جِي ايم سيد جون عدم تشدد بابت ھدايتون”. ان ڪتاب کي منظر عام تي آڻجي ته جيئن اڄوڪي نسل جا سڀ پوڙھا، پڪا ۽ نوجوان پڙھي سگھن ۽ عدم تشدد بابت تعليم، ھنر، فن، ۽ ڏانءُ سکي سگھن ۽ ٻين کي سيکاري سگھن. اھو ڪتاب به مفت ورھائڻ گھرجي. ھن وقت صورتحال صاف ۽ چٽي ناھي. صفبندي جو فقدان آھي. صاف صفبندي ٿيڻ گھرجي. سو ھي وقت ليڪو ڪڍڻ جو آھي. پوئلڳن جي وچ ۾، جِي ايم سيد جي پوئلڳن جي وچ ۾ ليڪو ڪڍڻ جو وقت آھي. جيڪي تشدد جا پوڄاري پوئلڳ آھن سي ليڪي جي ھڪڙي پاسي ٿي بيھن، ۽ ٻئي پاسي اھي پوئلڳ بيھن جيڪي عدم تشدد جا پوڄاري آھن. ٻنھي وٽ جھنڊا ڀلي الڳ الڳ ھجن پر انھن جھنڊن ۾ جِي ايم سيد جي تصوير مشترڪ ھجي ته جيئن سندن سڃاڻپ ٿي سگھي. ڀلي جِي ايم سيد جي تصوير مختلف ھجي پر ھجي، ضرور ھجي، نه ته سڃاڻپ نه ٿي سگھندي. ھڪڙي تصوير اھڙي ھجي جنھن ۾ ڏيکاريل ھجي ته جِي ايم سيد جو جسم مٿي کانوٺي پيرن تائين نه رڳو بارود سان ڀريل آھي پر ھٿ ۾ ڪلاشن اٿس جنھن سان فائر ڪري رھيو آھي، اڳيان رت جا دٻا ۽ لاشن جا ڍير ڏيکاريل ھجن. ٻي تصوير اھڙي ھجي جنھن ۾ ڏيکاريل ھجي ته جِي ايم سيد سفيد ڪپڙن ۾ آھي پر ھٿ ۾ قلم اٿس جنھن سان ڪوري ڪاڳر تي لکي رھيو آھي: رت جو ڦڙو وھائڻ کانسواءِ آزادي حاصل ڪرڻ جوھنر، فن ۽ ڏانءُ سکو. جيڪڏھن پھرئين تصوير کي ڏسي سنڌي ماڻھو ڪٽڪن جي شڪل ۾ تشدد جي پوڄارين سان اچي ملن ته پوءِ ٻيو ڇا کپي؟ اصل معاملو ٿي ويندو مَن! چوڏس ۽ چوڌار واھ واھ ٿي ويندي! تاڙيون ئي تاڙيون! تاڙين جو ڦھڪو! جيڪڏھن نه ته پوءِ تشدد جي پوڄاري قومپرستن وٽ ھڪڙو آپشن يا ھڪڙي واٽ اڃا به موجود آھي. اھي وڏي واڪي چون ته سائين جِي ايم سيد سنڌي قومپرستي جو پيغمبر برابر ھيو پر آخري پيغمبر نه ھيو. ھو پھريون پيغمبر ھيو. جيئن ته پيغمبري رحمت آھي، سنڌي قومپرستي جي پيغمبري رحمت آھي تنھنڪري اھا ڪنھن به صورت ۾ بند نه ٿيڻ کپي، ان کي بند ٿيڻ نه ڏينداسون انھن مان ڪو ھڪ اٿي نئين پيغمبر ھجڻ جي دعويٰ ڪري ۽ اعلان ڪري ته جي ايم سيد جي لکڻين ۾ عدم تشدد جي تعليم مدي خارج آھي سو انکي کي رد ۽ باطل سمجھيو وڃي. gmlakho.advocate@gmail.com>, < 0300-2174118