• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

......حليم بروهي جي ياد ۾

منصور سرور

سينيئر رڪن
زوهيب علي سومرو
اڄ حليم بروهي جي ورسي آهي. انهيءَ ڪري مان پنهنجي هن آرٽيڪل جي شروعات ۾ ئي سندس زندگيءَ ۾ چيل موت متعلق لفظ لکڻ يا دهرائڻ کي ترجيح ڏيندس، جيڪي ڪجهه هن ريت هئا:

”موت جي ڪيفيت هڪ عجيب ڪيفيت آهي، جيئن ننڍي هوندي موت کان ڊپ ٿيندو آهي، قبر کان ڊپ ٿيندو آهي ۽ اهڙي قسم جي سڀني ڳالهين يا شين کان ڊپ ٿيندو آهي پر مان هاڻ پنهنجي زندگيءَ جا 60 سال گذاري چڪو آهيان ۽ اڄ کان ٻه يا ٽي سال اڳ اها ڳالهه سمجهي چڪو آهيان ته موت جهڙو ڪو به ٻيو Relief دنيا ۾ موجود نه آهي.“

سندس اهڙي قسم جي لفظن مان گهٽ ۾ گهٽ مان ته اهو اندازو لڳائي سگهان ٿو ته سندس زندگي ڪيتري قدر مشڪلاتن سان ڀرپور هوندي, جو هن موت کي ئي پنهنجي لاءِ Relief ڄاتو. زندگيءَ ۾ ڪنهن به ٽاپڪ يا ڪنهن به مسئلي يا ڳالهه جي باري ۾ لکڻ تي مون کي ايتري قدر پريشاني يا ايترو مونجهارو محسوس نه ٿيو جيترو هن وقت محسوس ٿي رهيو آهي.

هن مختصر ۽ محدود آرٽيڪل ۾ حليم بروهي جي لکڻين جي مزاحيه انداز جي باري ۾ لکان يا انهيءَ مزاحيه انداز ۾ لڪل تمام گهڻين اهم ڳالهين جي باري ۾ لکان. سندس ظاهري شخصيت جي باري ۾ لکان يا سندس ظاهري شخصيت ۾ به لڪل هڪ شخصيت جي باري ۾ لکان. سندس زندگيءَ جي باري ۾ لکان يا سندس زندگيءَ جي آخري ڪجهه ڏينهن جي باري ۾ لکان. سندس چهري تي سجيل مخصوص مسڪراهٽ جي باري ۾ لکان يا سندس اُن مسڪراهٽ مان به ظاهر ٿيندڙ سندس سڏڪن، لڙڪن ۽ دردن جي باري ۾ لکان، کيس زندگيءَ ۾ ليلائي ليلائي ڪجهه ئي مليل خوشين جي باري ۾ لکان يا سندس غم، ضد ۽ تنهائيءَ واري زندگيءَ جي باري ۾ لکان. سندس سوچ ۽ ويچار جي انداز جي باري ۾ لکان يا فطري طور تي مليل کيس God gifts جي باري ۾ لکان.

سچ چوان ته هن وقت حليم بروهي منهنجي ذهن جي تصور ۾ مون اڳيان ويٺو آهي پر سندس هڪ ئي شخصيت جا گهڻائي ڪردار منهنجي ذهن ۾ ائين گهمي رهيا آهن، ڄڻ هڪ موت جي کوهه ۾ هزارين اسڪوٽر ڦري رهيا هجن ۽ انهن هزارن اسڪوٽرن مان صرف هڪ ئي اسڪوٽر تي نظر ڄمائي ويهڻ منهنجي لاءِ تمام گهڻو مشڪل ٿي رهيو آهي.

انهيءَ ڪري بجاءِ جو مختلف ڪردارن تي غور ۽ فڪر ڪري ڪجهه لکان، ڇو نه مان حليم جي باري ۾ اهو ڪجهه لکان جيڪو مان سائين جن لاءِ سوچيندو آهيان يا سندس باري ۾ ڄاڻان ٿو.حليم صاحب جي باري ۾ مان تاريخ 2012-10-24 جي عبرت اخبار ۾ پنهنجي آرٽيڪل ”حليم چيو“ ۾ گهڻو ڪجهه لکي چڪو آهيان پر اڄ مان سندس اهو ڏک بيان ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪو حليم صاحب کي پنهنجي ڪجهه دوستن ۽ رشتيدارن پاران مليو، جنهن جو ذڪر هو پنهنجي حياتيءَ ۾ تمام گهڻي غم ۽ افسوس سان ڀريل هٻڪندڙ لهجي ۾ ڪندو هو. جيئن ته حليم هڪ تمام معروف ۽ سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي اهميت رکندڙ شخص ته هو پر گڏوگڏ هو هڪ ناليوارو وڪيل پڻ هو پر هن پنهنجي وڪالت جي شعبي کان وڌيڪ اهميت خط ۽ ڪتاب کي ڏني. منهنجي منطق مطابق حليم صاحب هڪ state forward، سچائي تي هلندڙ، صحيح کي صحيح ۽ غلط کي غلط چوندڙ ۽ تمام گهريون logics رکندڙ شخص هو، جنهن جي ڪري هن ڪورٽ سڳوري جي ماحول ۽ سسٽم کي نظر ۾ رکندي پنهنجي وڪالت جي شعبي کي گهڻو ئي اڳ نظرانداز ڪندي خط و ڪتاب کي ترجيح ڏني ۽ هاڻ جڏهن مان وڪالت جي فيلڊ ۾ آيس ته حيدرآباد جي سول ڪورٽ جي بار روم ۾ منهنجي ملاقات هڪ تمام گهڻي سينئر ايڊووڪيٽ سان ٿي، جنهن سان ڪچهري ڪندي حليم بروهي متعلق ڳالهه کلي ته ان وڪيل ٻڌايو ته حليم بروهي منهنجي ويجهن ۽ تمام بهترين دوستن منجهان هو ۽ چيائين ته حليم کي مون گهڻو ئي سمجهايو ته تون هڪ تمام گهڻو هوشيار ۽ داناءُ انسان آهين جي تون پنهنجي وڪالت تي ڌيان ڏين ته ڇا مان ڇا نٿو ٿي سگهين. توکي ان خط و ڪتاب منجهان ملي ڇا ٿو. نه تو وٽ گاڏي آهي نه بنگلو ۽ نه ئي ٻيون سهولتون اٿئي. سو مهرباني ڪري ڇڏ انهن ڳالهين کي ۽ وڪالت ۾ پنهنجو ڌيان ڏي ۽ بلڪل اهڙي ئي قسم جون ڳالهيون حليم صاحب کي سندس ڪجهه رشتيدارن پاران ٻُڌڻ لاءِ ملنديون هيون، جن متعلق حليم صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ افسوس سان ڀرپور غم واري انداز ۾ اهو چئي ويو ته ”ملڪيت هجي يا نه هجي زندگيءَ جي پڇاڙي خراب ٿيڻي ئي آهي.“

حليم صاحب کي اهڙي قسم جون صلاحون ڏيندڙن بابت آئون سوچيان ٿو، ته ڇا اهي حليم بروهي کان وڌيڪ غور ۽ فڪر ڪندڙ هئا؟ ڇا اهي حليم صاحب کان وڌيڪ خط و ڪتاب ذريعي سنڌي ادب کي انمول خزانا ڏيندڙ شخص هئا؟

اسان جي معاشري ۾ جتي اهل شخص کي ايوارڊ به نااهل شخصيتن جي هٿان ملن، جتي اهل شخصيتن جي اهليت جو فيصلو به نااهل شخص ڪن ته پوءِ اهڙي معاشري ۾ حليم بروهي ۽ ان جهڙا ٻيا به گهڻئي اديب ۽ رائيٽر اهڙي ئي قسم جا طعنا ٻڌي ٻڌي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري هليا ويندا آهن. بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ غور ۽ فڪر ڪندڙ ۽ احساسن کي سمجهي ڪري خط و ڪتاب ڪندڙ اديبن کي صرف ۽ صرف هڪ ليکڪ جي حد تائين محدود رکيو ويو آهي پر جيڪڏهن ساڳين ئي تمام گهڻو غور ۽ فڪر ڪندڙ حليم بروهي جهڙن Think Tank شخصن کي ڪي حڪومتي ذميواريون ڏنيون وڃن ها ته اڄ اسان جي اردگرد جو معاشرو بي لغام ۽ بي سڪون معاشرو نه چورائي ها پر ان جي برعڪس اڄ اسان جو معاشرو ڪنهن حد تائين سڌريل معاشرو چورائڻ جي لائق هجي ها.مرحوم حليم بروهي جهڙن ليجنڊ رائيٽرن جو ايوارڊ ۽ سندن ڪيل ڪمن جي موٽ به هو خود پاڻ هوندا آهن، ڇو ته اهڙيون شخصيتون چمچاگيري ڪرڻ کان آزاد هونديون آهن ۽ هو معاشري، قوم ۽ ملڪ کان حاصل ڪرڻ بجاءِ معاشري، قوم ۽ ملڪ کي گهڻو ڪجهه ڏئي وينديون آهن. جيئن ڏٺو وڃي ته حليم صاحب کي معاشري، قوم ۽ ملڪ ڇا ڏنو؟ ته جواب اهو ئي ٿيندو ”ڪجهه به ته نه“!

پر حليم بروهي معاشري، قوم ۽ ملڪ کي پنهنجن لکيل ڪتابن، آرٽيڪل، قصن، ڪهاڻين ۽ مثالن جي شڪل ۾ گهڻو ڪجهه ڏئي ويو آهي. حليم بروهي صاحب کي طعنا ڏيندڙ ڪم عقل شخص کيس صرف گاڏين ۽ بنگلن ۾ توري هلڪو ڪندا هئا پر اهي ئي ساڳيا شخص انهيءَ ساڳئي حليم بروهي کي جيڪڏهن ڪتابن ۽ سندس لکڻين ۾ توري ڏسن ها ته کين سندس وزن، وڏائي ۽ قد جي خبر پئجي وڃي.

۽ هاڻ جيڪڏهن مان پنهنجي هن لکڻيءَ ۾ حليم بروهي سان گڏ سڄي زندگي گذاريندڙ سندس گهرواري آنٽي نسيم بروهيءَ جو ذڪر نه ڪندس ته پوءِ هيءَ لکڻي اڌوري ٿي پوندي. بلڪل حليم بروهي صاحب وانگي ئي سندس گهر واري آنٽي نسيم بروهي به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هوءَ اڄ پنهنجي عمر دراز زندگيءَ جو ضعيفانا حصو بلڪل تنها ۽ ”وڇڙي ويل حليم بروهيءَ جي ياد ۾“ گذاري رهي آهي.

ان اٻاجهڙيءَ، جهوني ۽ تنها عورت جي حليم بروهيءَ سان محبت جو اندازو مان ان ڳالهه مان لڳايو ته هوءَ اڄ به حليم بروهي صاحب جو موبائل نمبر“On” ڪيو پاڻ سان گڏ سانڍيو ويٺي هوندي آهي ۽ جنهن ڏينهن تي حليم صاحب جي نمبر تي ڪا فون ايندي اٿس ته ان فون تي حليم صاحب متعلق ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کانپوءِ سندس چهري تي خوشي نمايان هوندي آهي ۽ سندس اهو ڏينهن تمام گهڻي خوشيءَ ۾ گذرندو آهي. انهيءَ ئي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي مان حليم بروهي جي چاهيندڙن کي اهو عرض ضرور ڪندس ته اُهي انهيءَ نمبر تي ڊائل ڪري آنٽيءَ سان حليم بروهيءَ جون ساروڻيون ضرور شيئر ڪن.
 
582071_4246138589928_797225787_n.jpg


سنڌي ادب خاص ڪري مزاح جي بهترين ليکڪ
حليم بروهي جي ورسيء تي
کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي

بروهي، عبدالحليم: سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري مزاح نگار ۽ ليکڪ جو ادبي نالو حليم -بروهي- ۽ سندس شهرت جو ڪارڻ سندس منفرد قسم جي مزاح نگاري آهي. دلچسپ ۽ هلڪي ڦلڪي انداز ۾ وڏن سنجيده قسم جي معاملن ۽ مسئلن ڏانهن چڀندڙ لفظن ۽ خوبصورت انداز ۾ ڌيان ڇڪرائڻ جي غير معمولي ڏات ۽ ڏانءُ رکندڙ، سنڌ جو هي اڪيلو ۽ انوکو مزاح نگار، 6 -آگسٽ- 1936ع ۾، حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو. سندس -تعليم- بي. اِي (آنرز) ۽ ايل. ايل. بي هئي. هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو رٽائرڊ چيف اڪائونٽنٽ هو. حليم -بروهي- مزاح نگار سان گڏ شاعر، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار پڻ هو. سندس هيل تائين ڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:
( 1) هٽلر جي ڪهاڻي (سوانح؛ 1972ع)، (2) هٽلر لکيو (1972ع)، (3) -اوڙاهه- (ناول؛ 1975ع)، (4) حليم شو (مزاحيات؛ 1983ع)، (5) جيڪي مون لکيو (ڪالم ۽ مضمون: 2002ع)، (6) Solo Decayed (1967)، (7) Roman Sindhi Script، (8) Seeds Columns، (9) Nothing is Piculiar، (10) Nothing in Earnest.
حليم -بروهي- سنڌي ٻوليءَ جي رومن اسڪرپٽ جي حامي هو، جنهن لاءِ سندس خاص نقطئه نظر هو، جيڪو ڪافي سالن کان بحث هيٺ رهندو پيو اچي. -ان- کان سواءِ سندس سوين ليک سنڌي ۽ -انگريزي- اخبارن ۾ ڇپيل آهن. هو حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين توڙي جو عمر ۽ صحت جي اعتبار کان ڪمزور ۽ ضعيف ٿي چڪو هو، پر ساڳيءَ سگهه سان لڳاتار لکندو رهيو. سندس ڪالم روزانه ڪاوش ۾ هڪ عرصي کان لڳاتار ڇپجندا رهن ٿا. سنڌ جي هن عظيم شخصيت 28 جولاءِ 2010ع تي وفات ڪئي .

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
_____
_____
 
هڪڙو هو حليم
اعجاز منگي


نه اخبارن ايڊيشن ڪڍيا
نه ٽي وي چينلن ٽاڪ شوز ڪيا
نه گلن جون ورکائون ٿيون
نه هوائن ۾ ميڻ بتيون ٻريون
نه ڪوڙا لڙڪ لڙيا
ڪجهه نه ٿيو!
هن جي ستين ورسي به هوا جي اداس جهوٽي وانگر گذري وئي.
هو جيڪو سنڌ جي غلام دنيا جو پهريون “اسپارٽاڪس” هو.
سنڌ يونيوررسٽيءَ جي تيز هوائن ۾ هو سنهڙو سيپڪڙو شخص بيدمشڪ جي وڻ وانگر لهرائيندو هو!
هو جنهن جي گفتگو جو ردم راڳ جهڙو هو
جنهن جون ڳالهيون ڳائينديون هيون!
جنهن جا لفظ پٿرن وانگر انهن ڪردارن تي وسندا هئا
جيڪي ڪوڙا هئا، منافق هئا!
هو جيڪو مقتول ماءُ جهڙي غلام ڌرتيءَ جو باغي پٽ هيو
ڇا مون کي اجازت آهي ته هن کي هن جي ستين ورسيءَ تي!
اياز جو هڪ نظم ٿورڙي ايڊيٽنگ سان هن کي پيش ڪيان!!
۽ اهي لفظ لکان:
“ڄامشوري جي هيءَ تيز هوا
ڪنهن وقت حليم کي ڳولهي ٿي
۽ سنڌ سڄيءَ ۾ ڦولي ٿي!
هو ڪير هيو؟
جو سپنو هو!!!
۽ قيد ڪڙين ۾ ساڀييان جي
هيئن ڦاٿو هو!!
تاريخ آهي طوفان جيان
مان ان ۾ هن جو تحريرون
ڪنهن جاءِ ڏسان؟
هو حليم جو هڪ ديس هيو
انسان هيو
ايمان هيو
نادان هيو!
هن ڪونه ڪيو ڪو سمجهوتو
اي ڪاش! انهيءَ جو مان جوتو!
ڪنهن وقت کڻان
ڪنهن وقت سمئه جي ٺوڙهه مٿان
ايڏو ته هڻان
ايڏو ته هڻان
ايڏو ته هڻان!!”

 
Back
Top