• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت سٿ پاران سڀني ڀائرن، ڀينرن، دوستن ۽ سڄڻن کي عيد واڌايون

آزاد خاصخيلي

سينيئر رڪن
خوبصورت دلين کي پيار مبارڪ،
سونهن کي دينگار مبارڪ،
عاشق کي محبوب مبارڪ،
گلابي چپن کي چميون مبارڪ،
سنهڙي ڳچين کي هار مبارڪ،
نازڪ هٿڙن کي مهندي مبارڪ،
گلڙن کي خوشبوء مبارڪ،
توهان دوستن کي دل جي گهراين سان اڳوٽ عيد مبارڪ.
 
j4Esv0C6x2yO8.jpg
 
پر اسان جي بدبختي به ڏسو اسان وٽ هڪ ڏينهن ئي عيد جو ايندو آهي تنهن تي به اسان ٻه طرفا پريشان هوندا آهيون خوش ٿيون يا رنج ٿيون
 
عــــــــيــــــــد
منصور سيتائي
جت لڪ جهولو خزان آ لڳي،
اتي عيد ڪهڙي اڙي سانوري.!
جتي ٻارڙن کي نه آهي خوشي،
اتي عيد ڪهڙي اڙي سانوري.!
جتي محبتن کي نه منزل ملي،
اتي عيد ڪهڙي اڙي سانوري.!
جتي نياڻين جي آ عزت لٽي،
اتي عيد ڪهڙي اڙي سانوري.!
جتي نفرتن جي آ گولي هلي،
اتي عيد ڪهڙي اڙي سانوري.!
جتي روئي منصورٿي پئي مٽي،
اتي عيد ڪهڙي اڙي سانوري.!​
 
1546118_10204086795708383_159981355894475619_n.jpg


سنڌ سلامت سٿ پاران سڀني ڀائرن، ڀينرن، بزرگن، دوستن ۽ سڄڻن کي عيد واڌايون

مون اڄ ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ عيد ڪئي آهي، جتي سائين نثار ابڙو ۽ فورم جي ڪجهه ٻين دوستن سان گڏ هزارين سنڌين جو گڏيل اجتماع مين گرائونڊ ۾ ٿيو.

دعاگو آهيون ته هي عيد سڀني لاء خوشيون آڻي.

10507157_10204086981673032_1168039746832875420_o.jpg


10580867_10204086978632956_8716110974195758480_o.jpg



 
ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي هنن خوبصورت سٽن سان سڀني سڄڻن،پرين پيارن کي عيد جون دلي واڌايون۔
جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا سان سُوءَ ورتِي سُومِرا!
ويئِي ويچارَنِ وِسِرِي، خوشِي ۽ خَرِيدَ؛
سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ، مارُو جي مَلِيرَ جا
 
سنڌ سلامت، سنڌ توڙي پرڏيھ ۾ رهندڙ سنڌ واسين کي عيد جو ٻيو ڏهاڙو مبارڪ هجي، شل سدا لطيف جي هن نگري مٿان عيد جو هي نه کٽندڙ خوشيون برسات جئين رم جهم ڪندي لامارا هڻنديون رهن.
 
Back
Top