• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مون روئي ڏنو

راشد قريشي

سينيئر رڪن
سائين نثارکي عرض آهي ته منهنجي هن ڪوشش تي نظر ڪري مونکي پنهنجن مُفيد مشورن سان نوازن۔
هن درد ڏنا مون ماٺ ڪئي، هُن ڌار ڪيو ،مون روئي ڏنو
مون پاڻ کي ڏاڍو روڪيو پر، جڏهن سور وڌيو مون روئي ڏنو
ڪلهه رات اچانڪ رستي ۾، مونکي راشد ساڳيو شخص مليو
مون هن کي ڏٺو ڏسندو ئي رهيس، هن مون ڏي ڏٺو مون روئي ڏنو
 
جواب: مون روئي ڏنو

سهڻا راشد، ادو نثار ناز آيو ۽ پنهنجا ڦوٽو لڳائي هليو ويو، شايد بجليءَ کيس ايترو ئي موقعو ڏنو هوندو ۔۔۔ باقي ادا نثار جي جاءِ تي هي ناچيز اهو چوندو ته اوهانجا خيال تمام سٺا هوندا آهن ۽ لفظن جي چونڊ پڻ موضوع سان ٺهڪيل هوندي آهي بس اوهانکي ٿورڙي ڪنهن ڪوي استاد جي ضرورت آهي جو اوهانکي وزن بحر جي لاهين چاڙهين کان واقف ڪري ۔۔۔ اوهان پنهنجي ڀر ۾ ڪو مانوارو شاعر ڏسو ۽ انجي صحبت مان ڪجهه وزن بحر جا سبق وٺي پرايو ۔۔۔
اوهانجي هن شعر ۾ هڪ اهڙي معصوم ٻارڙي عاشق جي عڪاسي ٿيل آهي جو پنهنجي ڪنهن پياري شئي جي وڃائجي وڃڻ تي ۽ وري انجي اچانڪ سامهون اچڻ تي روئي ويهندو هجي ۔۔۔ زبردست =))
 
Back
Top