• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبر ناهي ته ڇو آهي ۽ ڇا آهي.شيخ اياز

خبر ناهي ته ڇو آهي ۽ ڇا آهي
محبت زندگيءَ جي انتها آهي

محبت ئي اسان جي منزل آخر
محبت ئي اسان جي رهنما آهي

اجهودار ورسن جو ڪو پيام آيو
ملي اڄ زلفِ جانان سان صبا آهي

زمين جي تشنه لب جنت پڪاري ٿي
ڪٿي هو باد و باران جو خدا آهي

پوي ٿي ماڪ، چانڊوڪي ٿڌيري آ
اياز اڄ رات ڪِٿ هو بيوفا آهي
 
1239802_787639087946111_4065993727444788637_n.jpg
 
Back
Top