ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو هو.
يورپي ماڻهن ۾ اهيا وڏي خوبي چئبي جو اهي جنهن به ملڪ ۾ جنهن به علائقي ۾ ويندا آهن ته اتان جي ٻولي سکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ ان ۾ دلچسپي وٺندا آهن، جڏهن ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي سنڌ ۾ سکر جو ڪمشنر هو ته ان سنڌي ٻولي ۾ پڻ دلچسپي ورتي ۽ سنڌي ٻولي سکڻ لاء هڪ استاد مقرر ڪيو، ۽ سنڌي سکيائين ۽ پوء شاه جي شاعري، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ پڙهيائين ۽ آخرڪار سنڌ جي شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگي ، دور ۽ شاعري تي تحقيق ڪري لنڊن مان شاه تي ڊاڪٽريٽ ڪيائين، ۽ ان ٿيسز جهڙو ٿيسز اڃان تائين ٻئي ڪنهن ناهي لکيو۔
۽ وري جڏهن سنڌ ۾ سربان فريئر ڪمشنر مقرر ٿيو ته ان ته سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏئي ڇڏيو ان لاء هڪ سرڪاري حڪم نامو جاري ڪيو.جنهن جي حڪم نامي جو عڪس مان هت توهان لاء پيش ڪيان ٿو۔