ڪمن ڪارين جي مصروفيتن سبب وقت ئي نٿو ملي جو ڪجهه لکي پنهنجي بلاگ جي سونهن ۾ واڌارو ڪجي، سنڌ سلامت تي به اچڻ گهٽ ٿي رهيو آهي، هڪ ته آفيس کان واپسي تي ٿڪاوٽ سبب جلدي ڪمپيوٽر تي ويهي ڪم ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي ٻيو ته بجلي جو وڏو آزار آهي جنهن سبب ڪجهه لکڻ جو ارادو به ٿئي ٿو ته بجلي جي ايندي ايندي هو به وسريو وڃي، ڪجهه وقت اڳ سائين حفيظ لغاري صاحب جن هڪ ڪتاب جا ڪجهه صفحا ڪپزوز ڪرڻ لاءِ به ڏنا هيا پر اهي به وڏي جاڇوڙ کانپوءِ مڪمل ڪري ڏنم، ڪجهه وقت اڳ سائين رشيد سمون صاحب ۽ سائين سليمان وساڻ صاحب، سائين نٿار صياحب جي ريسٽورنٽ تي ملاقات ٿي اتي به اها ئي شڪايت نظر آئي ته منظور ڪلهوڙو سنڌسلامت تان غائب آهي ۽ ڪنهن به قسم جي وڻندڙ ڪارڪردگي نظر نه آئي آهي، سائين غلام مصطفي ا ميمڻ صاحب جن به اهو ئي اظهار ڪيو ته شايد ڪم ڪاريون وڌي ويون آهن، ٻيو ته ٺهيو پر عيد جي موقعي تي به سڄڻن سان ملاقات لاءِ وقت ناهي ڪڍي سگهيا آهيون، منهنجا سڄڻ دوست جتي به هجن خوش هجن عيد جون لکين لکين واڌايون شل جڙيا هجن شابس هجي سائين رشيد سمون صاحب ۽ سائين سليمان وساڻ صاحب کي جيڪي انتهائي مصروف هئڻ جي باوجود سنڌ سلامت سان ساهه جو رشتو رکيون ٿا اچن، منهنجو سلام سموري سنڌ سلامت جي سٿ کي ۽ عيد جون لکين واڌايون.
سدا خوش هجو ... دوستي ۾ اهائي ته ڳالهه هوندي آ جو دوست پاڻ ۾ ڳنڍيل رهن ٿا. اواهن جي مصروفيت جو اندازو آهي ... جتي به هجو خوش هجو. بس ڪڏهن ڪڏهن ڀيرو ڀريندا رهو.
شاهه سائين پنهنجي سر سسئي آبري ۾ عاشق جي اڃ بابت چئي ٿو ته ان جي اڃ تڏهن لهندي جڏهن معشوق جي اڃ لهندي پوءِ پاڻهي اڃ اڃ سان مٽجي ويندي ويندي. شاهه سائين فرمائي ٿو ته محبت اهڙي شيءَ آهي جنهن جي سامهون ڪا به مصيبت نه ٿي بيهي سگهي. شاهه سائين مسلسل صوفي مزاج هو جنهن جو مثال سندس ڪيترائي اشارا صوفين ڏانهن آهن. جهڙوڪ ذڪر ۽ فڪر، قضا ۽ رضا، توڪل تجلي وغيره. شاهه صاحب سر مارئي جي پهرئين داستان ۾ صوفيت جي اپٽار ڪئي آهي: الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم، قالو بليٰ قلب سين تت چيوم ڪيسوٻاءِ ميگزين جي بلاگ تان ورتل