شهر جو جنم

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ايس ايم درس طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2014۔

  1. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    شھر جو جنم

    ڪراچي عجيب شھر آھي عجيب حيريت ۾ وجھندڙ ۽ ساڳي وقت غير حقيقي پڻ. ھڪ نظر وجھڻ سان ھر شخص محسوس ڪري سگھندو ته ھي شھر ٻين شھرن وانگر فطري طرح نه ٺھيو آھي، جيئن عام طرح ھوندو آھي. حقيقت ۾ ھي شھر حادثي جي پيدا آھي. ۽ ان جي ڪنھن ضرورت جو نتيجو، ڇا ڪاڻ ته 180 ۽ 190 سالن ۾ جنھن غير فطري طريقي سان ھن شھر جيتري ترقي ڪئي آھي سا فطري طرح ھڪ ھزار سالن ۾ مس ڪري سگھي ھا.

    ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڪنھن جادوگر پنھنجي جادوءَ جي لٺ سان ھن شھر کي وجود ڏنو آھي. ان جادوگر جي ڇڙي غير آباد ۽ ويران علائقي کي ڏسندي ڏسندي ھڪ عاليشان شھر ۾ بدلائي ڇڏيو آھي. توھان شايد سوچيندا ھجو ته اھا ساڳي ڇڙي جيڪڏھن ابتو عمل ڪري ڏيکاري ته ڪراچي ھڪ دفعو وري جھوپڙين ۽ مٽي جي گھرن جو ھڪ ننڍو ڳوٺ ٿي سگھي ٿي جيڪو ڪجھه وقت اڳ ھڪ تباھ حال قلعي ۾ ھوندو ھو ۽ جتان ئي ھي شھر اڀريو آھي ۽ ترقي جون منزلون تيزي سان طئي ڪندو، ھاڻي ھتي پھتو آھي.

    اھڙي دعا نه ڪريو خدا پيو پناھ ڏيئي، اھي خوفائتا خيال آھن، جيڪي ڀؤ جو نتيجو آھن، ليڪن اھڙن خوابن ڏسڻ تي توھان کي ڪير به ٽوڪيندو نه!

    ھن شھر ھميشه ماڻھن کي سندس باري ۾ ڪجھه نه ڪجھه چوڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪيو آھي. ۽ پنھنجي مختصر زندگي ۾ ڇا ڪجھه نه ڏٺو ۽ ٻڌو آھي. اھو به وقت ھو جڏھن ھن کي مشرق جو صاف ترين شھر سڏيو ويندو ھو. ليڪن ھاءِ توري قسمت! ڪجھه عرصو اڳ ڪنھن خدا جي بندي ان کي دنيا جو گندو بلڪ غليظ ترين شھر جو خطاب ڏنو ھو، ڇا توھان شھر جي گھٽين ۽ رستن تي گند جا ڍير نٿا ڏسي سگھو؟ يا رڳو تنقيدنگار جي گندي ذھن جي پيدا وار آھي؟

    ڪراچي اصل ۾ مختلف تھذيبن جي آماجگاه آھي. انھن مختلف تھذيبن ھتي جي دونھاٽيل ماحول کي جنم ڏنو آھي. ۽ ھاڻي ته اھو دونھون ۽ شھر ھڪ ٿي ويا آھن. توھان کي فرق ڪرڻ ۾ ڪافي مشڪلات پيش ايندي ھي شھر جن عنصرن جي پيدا وار آھي، اڃان تائين پاڻ ۾ ملي ھڪ ٿي نه سگھيا آھن. ٿي به ڪيئن ٿا سگھن؟ اصل ۾ گذريل ٻن صدين جي سماجي حالتن کي کڻي ھڪ وڏي ديڳ ۾ اڇلايو ويو آھي. ۽ ھاڻي ان کي لوڏي لوڏي پاڻ ۾ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

    اھو ئي سبب آھي جو ھن شھر جي شناخت ڪرڻ مشڪل آھي. ھن شھر جي درجا بندي ڪرڻ ھڪ نھايت مشڪل ڪم آھي آخر ڪراچي ڇا آھي؟ ڇا ھي ھڪ جديد ۽ نئون شھر آھي؟ شايد توھان ھاڪار ۾ جواب ڏيو ته برابر ھي ھڪ جديد شھر آھي. ليڪن ڇا واقعي ائين آھي؟

    توھان شھر جي ڪھڙي به حصي / علائقي ۾ ھليا وڃو ته توھان کي سواءِ ھڪ اڌ جي ھر ھنڌ وڏا وڏا محل نظر ايندي ۽ انھن جي چوڌاري وري ڪچيون جھوپڙيون به توھان جي نظرن کي ڏنگينديون. جديد ۽ خوبصورت عمارتن سان گڏوگڏ اھڙا گھر به ڏسڻ ۾ ايندا جيڪي تڪليف کان پوءِ ٺاھيا ويا آھن. ڄڻ انھن جي خسته حال ڪوٺين / ڪمرن کي زوري گڏ بيھاريو ويو ھجي ۽ عمارت سازي جي ھر اصول کي نظر انداز ڪرڻ بعد ئي اھڙا گھر تيار ڪيا ويندا آھن.

    جنھن محل نما گھرن ۾ توھان کي مرسڊيز ڪار Mercidis Car بيٺل نظر ايندي ته ان جي بلڪل ئي ڀر پاسي ۾ مشڪل سان 500 چورس فٽن تي مشتمل ننڍو فليٽ پڻ نظر ايندو. ان فليٽ جي مالڪ جي حثيت ايتري ھوندي جيتري سامھون محل نما گھر جي بورچي / خان سامه جي ھوندي آھي. ھڪ پاسي ته ايڪويھن 21 صدي جو ھڪ ولائتي بنگلو ھر سھوليت سان آرسته وپيراسته نظر ايندو ته ٻئي طرف 19 صدي جي ٺھيل مقامي طرز جو گھر ھوندو.

    ھڪ وقت ۾ ساڙي پاتل گذيور ھڪ پاسي گھمنديون نظر اينديون ته ٻئي پاسي اڇي ٽوپي واري برقعي ۾ شٽل ڪاڪ وانگر برقعو پڻ موجود ھوندو آھي.

    اچو ته اسان شھر جي ھڪ نھايت ئي فيشن واري علائقي ۾ ھلون. ان جي ھڪ پاسي ايلفي ته ٻئي پاسي زيب آھن. ھن مرڪز کي ٿورو وقت اڳ ڪراچي جي ھڪ نھايت ئي محترم شخصيت جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آھي.

    ھن علائقي ۾ اھڙا دڪان آھن جيڪي توھان کي ست سمنڊ پار وٺي ويندا ۽ توھان کي ھڪ نيئن دنيا کان آگاه ڪندا. ھتي صاف سٿرا نوڪر دوڪانن تي شيون وڪڻندي ۽ گراھڪن کي راضي ڪندي ڏسڻ ۾ ايندا آھن. انھن جو شان ئي نرالو آھي. جيڪڏھن توھان ڪنھن به شيءِ جي قيمت معلوم ڪئي ته ھو توھان کي نھايت ئي عجيب نظرن سان ڏسندا ۽ حيران ٿيندا. انھن دوڪانن تي قيمت پڇڻ ۽ ٻڌائڻ معيوب سمجھيو ويندو آھي. ۽ خراب تصور ڪيو ويندو آھي. جيڪڏھن توھان کي ڪا شيءِ پسند آھي ته قيمت ڏيو ۽ خريد ڪيو بس! وڌيڪ تڪليف ڇا جي؟

    اھڙن دوڪانن سان گڏوگڏ توھان کي ڪاٺ جو Cabin يا ڪيبين پڻ ڏسڻ ۾ ايندا جن تي ٿڪل ۽ ڪمزور عورتون ڦڻي يا پنھنجي ڌيءَ لاءِ گذريل سال جي فيشن واري چولي / فراڪ جي خريد ڪرڻ لاءِ دوڪاندار سان ھڪ ڊگھو ۽ ٿڪائيندڙ بحث ڪندي نظر اينديون آھن.

    ڪا به ڪنڊ وٺي بيھي رھو ۽ ايندڙ ويندڙ کي ڏسندا رھو. ھڪ پاسي وڏي پٽڪي وارا ۽ سلوار قيص سان شخص ٻيراگھون ڀريندو، مڇن کي وٽ ڏيندو، وڏي اعتماد سان ڪنھن عورت کي ساڻ ڪيو ڪنھن ھوٽل يا دوڪان طرف ويندو نظر ايندو. ان دوڪان جي خوبصورتي ان عورت کي موھي وڌو ھو. انسان ھجڻ جي ناتي توھان انھن سڀني ڳالھين کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رھي نه سگھندو. اھو ڏسڻ لاءِ ته ڪا شي / ڳالھه ڇا آھي ڪٿي آھي، توھان کي ڪنھن خاص ڪوشش يا آلي / اوزار جي ضرورت نه پوندي.

    مردن جي پٺيان ايندڙ عورتون نظر اينديون جن جي اکين مان ٿڪ، پريشاني پيون ليا پئينديون آھن. انھن عورتن کي ڪٽنبي رٿا بندي Family Planning جي ڪا به خبر نه ھوندي آھي. ليڪن سندن اکيون ھنن جي پريشاني جي چغلي کائيندي نظر اينديون ۽ ڏسندڙ محسوس ڪري سگھندو ته ڪٽنب يا گھر سنڀالڻ ڪو سولو معاملو نه آھي.

    اسان جو مقصد اھو نه آھي ته ڪو ويھي ماڻھن جي مالي حيثيت جو فرق واضع ڪيون، اميرن ۽ غيريبن جي فرق تي تحقيق ڪريون. توھان کي ماڻھن جي مالي حيثيت ۾ فرق کان علاوه جيڪا خاص ۽ دلچسپ ڳالھه نظر ايندي سو آھي سندن تاريخي ۽ تھذيبي فرق. اھو تاريخي پسمنظر جنھن ۾ ھو پلجي وڏا ٿيا آھن اھو جديد ۽ قديم جو سنگم / ميلاپ ئي آھي. جيڪو ھر شخص کي تعجب ڪرڻ تي آمده ڪري ٿو. اھڙو ميلاپ شايد توھان کي دنيا ۾ ڪٿي به نظر نه اچي.

    ھڪ پاسي توھان کي گڏ گاڏا ته ٻئي طرف نئين نڪوري ٽويوٽا ڪار ھلندي نظر ايندا. سار بان پنھنجي اٺ گاڏي ھلائيندي عجيب ٻول ٻوليندي ڏسڻ ۾ ايندا. ھڪ طرف 120 ميل في ڪلاڪ جي حساب سان رڙھندڙ بلڪ چرندڙ گاڏيون ھڪ ئي وقت نظر اينديون. توھان اھڙو نظرو ٻئي ھنڌ ڌٺو آھي؟ جيڪڏھن ناممڪن نه ته به مشڪل سان توھان ان کان اڳ ۾ اھڙو نظارو ڪيو ھجي.

    ھا، ڪراچي جديد شھر نه آھي؟ جديد شھر جون ڪھڙيون نشانيون ھونديون آھن؟ رستا روڊ؟ عمر خيام جنھن وقت ھيٺين رباعي لکي رھيو ھو ته شايد سندس ذھن ۾ ڪراچي جو خيال ھو.

    Pitfall and with gim

    Best the road I was to

    Wonder in ………

    ھا، ڪراچي جديد شھر نه آھي. ليڪن اھو به سچ آھي ته ڪراچي قديم شھر به نه آھي. دنيا ۾ غير روايتي شھر آھي ته اھو يقينا ڪراچي جو شھر ئي آھي.

    ليڪن ائين ڇو آھي؟ آخر ڇا ڪاڻ؟ سبب ڳولڻ ڪو مشڪل نه آھي. توھان ھن شھر کي ھاڻي جيئن ڏسو ٿا گذريل 180 سالن جي پيدا وار آھي، 1795 کان وٺي اڄ ڏينھن تائين.

    ان سال 1795 ۾ مير فتح علي خان ٽالپر خان ڪلات کان ھي شھر واپس ورتو ھو. اھو واقعو ھن شھر جو ابتدا ھو، جنھن تي اڳتي ھلي اسان ٿوري تفصيل سان روشني وجھنداسين. ھن شھر جي تاريخ ۾ سال 1795 نھايت اھم شال آھي.

    ان سال جي اٽڪل اڌ صدي بعد 1843 ۾ سر جنرل چارلس نيپيئر جي ھٿان سنڌ جي فتح جو گھاءُ Sim ٿيو ھو ۽ تمام جلد جنرل صاحب حڪومت جو ھنڌ حيدرآباد مان ڦيرائي ڪراچي ڪيو ھو. اھڙي طرح 1844 جو سال ھن شھر ۾ ھڪ ٻي اھم تاريخ آھي.

    ليڪن ڪراچي تي انگريزن ڇھه سال اڳ ۾ يعني 1839ع ۾ قبضو ڪيو ھو. ان واقعي جي صحيح تاريخ آھي 7 فيبروري 1839ع. ان تاريخ تي (ڪيترن جو چوڻ آھي ته اھو سال 1834 ھو) انگريزن جو جھاز ويلسيلي Welesley منھوڙي وٽ اچي لنگر انداز ٿيو ھو. ۽ اتان ئي شھر مٿان پھريون گولو اڇلايو ويو ھو. ويلسيلي جي ان گولي تمام جلد مقامي توبن کي خاموش ڪري ڇڏيو ھو. برطانيه جي ريئر ايڊمرل ميٽلند Rear Admiral Maitland ۽ برگيڊيئر ويلينٽ Brig. Valient ڪراچي تي قبضو ڪيو ھو ۽ جلد پوءِ ھتي ھڪ فوجي ڇانوڻي ٺاھي وئي ھئي. ڪجھه عرصي کان پوءِ منھوڙي تان جيڪو فائر ڪيو ويو ھو سو سلامي پيش ڪرڻ لاءِ ھو ۽ نه ئي ڪنھن دشمني يا بچاءُ ۾. اسان جو خيال آھي ته ھاڻي توھان اسان جي ان ڳالھه سان اتفاق ڪندؤ ته ھي شھر حادثي جي پيدوار آھي. ڳالھه ڪجھه ڪجھه سمجھه ۾ اچي ٿي.

    شھر جو نئو نقشو اڀرڻ شروع ٿئي ٿو. شھر ھڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين وڌڻ لڳي ٿو. 1841 ۾ ايندڙ ھڪ مسافر اسان کي شھر بابت ٻڌائي ٿو ته:

    ڪراچي ۾ اھڙيون ڪيتريون ئي عورتون رھائش پذير ھيون جن جا مڙس اڪثر ملڪ جي اندروني علائقن ۾ ڪمي ڪارين ايندا ويندا رھندا ھئا. اھو ئي سبب ھو ته ھتي جو معاشرو کليل معاشرو ھوندو ھو. سومر ۽ جمع جون شامون خوشي جو گھڙيون ھونديون ھيون فوجي بينڊ دل لڀائيندڙ ڌنون وڄائيندي ھئي. ان کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ شھر جا فيشن ايبل ماڻھو اچي گڏ ٿيندا ھئا.

    ٽن سالن بعد سال 1844 ۾ ڪراچي ملڪ جي گاڌي جو ھنڌ مقرر ڪيو ويو ھو. سنڌ جو فاتح سر چارلس نيپيئر جنھن وقت ھتان وڃي رھيو ھو ته ڪراچي تي آخري نظر وجھندي ھيٺيان تاريخي لفظ اچاريا ھئا.

    (You will be to glory of the East, would that I could come again to see you, kurrachee in your grandear) ’’ ڪراچي تون ھڪ ڏينھن مشرق جي راڻي ھوندينءَ! ڪاش ائين ٿئي ته آءُ ھڪ دفعو موٽي اچان ۽ تنھنجو جوڀن پسان‛‛

    ليڪن جنرل صاحب 29 آگسٽ 1853 تي فوت ٿي ويو ۽ اھڙي طرح سندس حسرت پوري ٿي نه سگھي.

    جيڪڏھن قسمت سرچارلس نيپيئر کي موقعو ڏي ھا ۽ ھو ڪراچي اچي ھا ته سندس جذبات يقينن گڏيل تاثر ڏين ھا. ليڪن اسان کي تمام تيزيءَ سان پنھنجو سفر جاري رکڻو آھي اسان کي تڪڙيون وکون بلڪه ٻرانگھون ڀري ڏھن سالن جو سفر طئي ڪري 1851 ۾ پھچڻ گھرجي.

    برٽن 1851 لکي ٿو ته :

    ’’اتر ۽ اولھه جي پاسي جتي مٺو پاڻي دستياب آھي اُتي ميوي ۽ ڀاڄين جا باغ تمام خوبصورتيءَ سان قائم ڪيا ويا آھن. ليڪن باقي علائقو جابلو ھجڻ ڪري ويران پيو آھي. ڪراچي تمام جلد ترقي ڪري رھيو آھي. ھن شھر جي آدمشماري 24000 ماڻھن تي مشتمل آھي. ليڪن فوجي ڇانوڻي ۽ ماڻھن جي خوشحالي جي پيش نظر ان جي اھميت ۽ نيڪ ناميءَ ۾ مسلسل اضافو ٿي رھيو آھي‛‛

    ڪراچي يقينا وڌي ويجھي رھي ھئي، ان جي خوشحالي ۾ پڻ اضافو ٿي رھيو ھو. 1843 ۾ ان جي آدمشماري 10000 ھئي جيڪا ڏھه سال پوءِ 1851 ۾ 24000 تائين پھتي ھئي. 1901 ع ۾ 1.16000 ، 1921ع ۾ 200.000 کان ٿورو وڌيڪ ۽ 1945 ۾ 5،50000 ماڻھن تي مشتمل ھئي.

    اھا حقيقت پڻ ٻڌائڻ دلچسپي کان خالي ناھي ته 1940 ۾ ماھرن اندازو ڪيو ھو ته ھن شھر جي آدمشماري ۾ لڳاتار واڌ ايندي رھندي. ۽ نتيجي ۾ 1961 ۾ 6،04000 ، 1971ع ۾ 7،85000، 1981ع ۾ 10،20،000 ۽ 1991ع ۾ اھو انگ 1326000 تائين وڃي رسندو.

    اسان جيڪي ماھر نه آھيون، انھن کان اھا ڳالھه تعجب کان گھٽ نه آھي انھن ماھرن جي وھ گمان ۾ به اھا ڳالھه نه ھوندي ته ھن شھر ۾ ھڪ باھمت ۽ مضبوط ارادي وارو شخص شھر جي ھڪ علائقي کارادر ۾ پيدا ٿيندو جيڪو پنھنجي فيصلي سان ھن شھر جي قسمت ئي ڦيري ڇڏيندو.

    آخر ھن شھر جو تاڃي پيٽو ئي ٽٽي پيو ۽ ھن شھر ۾ ان جي معاشري ھڪ نئون جنم ورتو. ھڪ نئي زندگي. اھو مرحلو 1947 کان شروع ٿئي ٿو. ھي اھو زمانو ھو جڏھن ھن شھر جي پرامن ۽ پرسڪون معاشرو باقي نه رھيا ھئا. وقت ڊوڙندو اڳتي ويندو رھيو.

    ھڪ نئون شھر وجود وٺي رھيو ھو. ليڪن سندس اھو جنم عام رواجي نه بلڪه تاريخي وڍ ڪٽ جو نتيجو ھو.

    نوٽ: ھي مضمون ڪلاچيءَ جي ڪُن کان ڪراچيءَ تائين (ڪراچيءَ جي تاريخ مان ڪمپوز ڪيو آھي. ھن ڪتاب جو ليکڪ احسان حليم آھي جيڪو سنڌيڪا پاران 2002 ۾ ڇپيو، ڪتاب نمبر: 126
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو