• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سي ويو ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري وهجندي 24 ڄڻا فوت

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10580020_10204099278740451_3496031979088618123_n.jpg

خبرون آهن ته سي ويو ڪراچي تي سمنڊ ڪناري وهنجندي 24 ماڻهو ٻڏي فوت ٿي ويا آهن جن مان 18 لاش ٻاهر ڪڍيا ويا آهن ۽ ڇهن جي ڳولا جاري آهي.

ياد رهي ته سمنڊ ڪناري وهنجڻ تي قلم 144 لاڳو آهي پر ان تي عمل ڪرائڻ انتظاميه جي وس کان ٻاهر آهي. مونکي نوجوانن تي حيرت ٿي ٿئي ته ڪيئن نه هو جوش ۾ اچي خودڪشي ڪن ٿا، ڇوليون بي رحم آهن ۽ ڪنهن به وقت ڪا وڏي لهر ماڻهو جي جان جي دشمن بڻجي سگهي ٿي. تنهنڪري احتياط لازمي آهي. حڪومت جيڪا ڪا به سهوليت نه ٿي ڏئي سگهي، نه صحت آهي نه تعليم ۽ نه وري امن امان، اهڙي صورتحال ۾ سمنڊ ڪناري حڪومتي مدد لاء واجهائڻ تي ماڻهن جي سوچ تي افسوس ٿو ٿئي..

عيد جي خوشين ڀري ڏڻ تي ماڻهن جي گهرن ۾ ماتم برپا آهي، تنهنڪري دوستو سمنڊ ڪناري، يا واهن يا درياء يا ڍنڍ تي وڃو ته ضرور احتياط ڪريو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
جوش ۾ اچي گهڻو اڳتي نڪري وڃڻ سبب حالات ڪنٽرول مان نڪري وڃن ٿا، پر هونئن به اڄڪلھ برساتن ۽ هوائن جي موسم آهي تنهنڪري اهڙي رِسڪ کڻڻ خطرن کان خالي ناهي، احتياط ضروري آهي.
 
سائين وڏڙا چوندا آهن ته باهه ۽ پاڻي سان پورو پورو وچڙڻ گهرجي. الله سائين ٻڏي ويلن جي مائٽن کي صبر عطا فرمائي.
 
تازه ترين خبر مطابق ٻُڏِي وَيَلَن جو تعداد 33 ٿي ويو آهي ، جڏهن ته 27 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن !
سنڌي ۾ چوندا آهن کوھ ۾ ٽپو ڏيڻ ، هن موسم ۾ جڏهن سمنڊ پوري موج مستي ۾ هجي ايڏو گهرائي ۾ وڃي وهنجڻ پنهنجي جان کي جوکو ڏيڻ ئي آهي ، نتيجو اسانجي سامهون آهي ، الله پاڪ وارثن کي صبر عطا فرمائي ۽ فوت ٿيلن جي مغفرت فرمائي آمين
 
Back
Top