عجب نظارو آھي ملڪ منھنجي ۾. جتي ھرڪو ڪري ٿو ڪرڪٽ ڪرڪٽ. ھي مضمون آھي، ڪا شاعري ته نه آھي. بس بس ڀائي بس ڪوئي بات نھين چيف صاب... جئين ته مان ھڪ ڳوٺاڻو آھيان، شڪر آھي مولا جو جنھن مونکي شھر جي جنجھٽن کان پري رکيو. جئين ته اسان جي ملڪ ۾ ڪرڪٽ جي باه لڳل آھي، سياست ھجي يا ٽوي ڪمرشل ڪرڪٽ جي ڳالھ ضرور ڪندا. ڇا ڪرڪٽ کان سوائي ٻيون به ڪي رانديون نه آھن ڇا؟ اسان جي ملڪ ۾ ڪرڪٽ جا رانديڪر سفارش تي ڀرتي ٿين، نتيجو اھونڪري ٿو جو پاڪستان مان ڪرڪٽ جو جنازو نڪري ٿو. ڇا 5 ڪروڙ سنڌين مان ھڪ به ڪرڪٽ جو سٺو کلاڙي نٿونڪري سگھي. ائين ھرگز نه ٿوٿي سگھي . ڪرڪٽ ۾ ھڪ به سنڌي نه ھجڻ جي ڪري ڪرڪٽ سان منھنجي دل ۽ روح کڄي ويو. ھاڻي ٿورو آئون منھنجي وڻدڙ گيم تي ڪجھ لکندس. سائڪل ريس. شايد ماڻھن کي اھا اسپورٽ نه وڻي. منھنجي خيال ۾ سائيڪل ريس جو به ھڪ وڏو اسڪوپ آھي. ڇا توھان کان ٽوئر ڊي فرانس سائيڪل ريس وسري وئي آھي. ته پو اچو ھن راند جي باري ۾ ڪجھ سوچيون ۽ ڪريون. منھنجي خيال ۾ سنڌ سلامت سائيڪل ريس ھئڻ گھرجي. آخر سائيڪل رس جو ڪھڙو فائيدو. اڄڪلھ ھر ننڍي وڏي ماڻھو کي خبر آھي ته اسان جي ملڪ ۾ شگر جو مرض ڇو پيو وڌي. گوٺ ھجن يا شھر ھجن، ٻن وکن جي پنڌ تي به ھڻداسون موٽر سائيڪل کي ڪِڪ. مطلب ته شگر توڙي ٻين بيمارين کي پاڻ پنھنجي سستي جي ڪري دعوت ڏيندا آھيون. آخر ۾ مان ننڍي ڳالھ ڪندو ھلان جنھن به دوست کي سائيڪل ريس جو شوق ھجي، ته اھي سڀ پاڻ ۾ گڏجي، ڪنھن سائيڪل ريس جي شروعات ڪريون. جي منھنجي وس ۾ ھجي ته انھي جو نالو رکان "سنڌ سلامت سائيڪل ريس" ايس ايس ايس آر.