• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انيس انصاري

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ WASEEM
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

WASEEM

سينيئر رڪن
انيس انصاري افسانه نويس، شاعر ۽ محقق، سندس ڳاڻيٽو سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن مان ٿئي ٿو. سندس اصل نالو الهه بخش -انصاري- هو. هن 26 جولاءِ 1923ع تي مرحوم احمد بخش -انصاري- جي گهر ۾ جنم ورتو. هن نوجوانيءَ ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو. ماهوار رسالي ”-اديب سنڌ-“ ۾ سندس شروعاتي لکڻيون شايع ٿيون، جيڪو ”سنڌ سڌار سوسائٽيءَ“ طرفان 1941ع ۾ -جاري- ٿيو ۽ 1952ع تائين ڇپجندو رهيو. -انيس انصاري- اٽڪل ٽيهارو کن ڪهاڻيون ۽ افسانا لکيا، سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”-انيس جا افسانا-“ ڇپيل آهي. 1988ع ۾ سندس ڪهاڻي ”پينشنر“ تي سنڌ -ثقافت- کاتي طرفان ”-جمال ابڙو- ايوارڊ“ ۽ ڏهه هزار رپيا ڏنا ويا. سندس ڪهاڻيءَ جو -اردو- ۽ پنجابيءَ ۾ به ترجمو ٿيو. سنڌي -اردو-، -انگريزي- کان سواءِ هندي ۽ گرمکي (لپي) ٻوليءَ تي پڻ دسترس هئس. پاڻ ڪي نظم -اردو- ۽ هنديءَ ۾ پڻ لکيائين.. سندس ڪهاڻيون ”چانڊوڪيءَ جو زهر“، ”لاٺي چارج“، ”سج گرهڻ“، ”ردي“ ۽ ٻيون ڪيتريون ڪهاڻيون شاهڪار آهن.
10478133_875750992454078_625681136028308891_n.jpg
 
Back
Top