18 سال کان گهٽ عمر ۾ شادي بابت سنڌاسيمبلي جو خلافِ آئين فيصلا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ sindhislam طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2014۔

  1. sindhislam

    sindhislam
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2013
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    81
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    18 سال کان گهٽ عمر ۾ شادي بابت سنڌاسيمبلي جو خلافِ آئين فيصلو

    مضمون نگار ؛ ڊاڪٽر عبد الحفيظ سمون


    سنڌ اسيمبلي پنهنجي 28 اپريل 2014 واري اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ متفق طور تي منظور ڪيو، جنهن مطابق 18 سالن کان ننڍي عمر ۾ شادي تي پابندي هنئي وئي. خبر مطابق نابالغ ڇوڪريءَ سان شادي ڪندڙ شخص، نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ۽ نابالغ شادي وارن ٻارن جا والدين جيل ويندا ۽ ٽن سالن تائين قيد جي سزا ڪاٽيندا. (روزانه ڪاوش ۽ ٻيون اخبارون 29 اپريل 2014ع)

    اچو ڏسون ته پاڪستان، جنهن جي آئين جي آرٽيڪل نبمر 227 ۾ هي جملا لکيل آهن:

    All existing laws shall be brought in conformity with the injunctions of islam as laid down in the holy quran and sunnah, in this part referred to as the injunctions of islam, and no law shall be enacted which is repugnant to such injunctions. موجود سڀ قانون، اسلام جي احڪامات مطابق ڪيا ويندا، جيئن قرآن ڪريم ۽ سنت ۾ بيان ٿيل آهن ۽ آئين جي هن حصي ۾ انهن جو ذڪر ”اسلامي احڪامات“ جي نالي سان ٿيندو ۽ ڪوبه اهڙو قانون نه بنايو ويندو جيڪو قرآن ۽ سنت جي مخالف هجي.

    آئين جي پندرهين ترميم جي بل، سال 1998ع ۾ لکيل آهي:

    2-B supremacy of the quran and sunnah. (1) the holy quran and sunnah of the holy prophet Muhammad sallalah-o-alai-he-wasallam, shall be the supreme law of Pakistan.

    قرآن ۽ سنت جي بالادستي ۽ فوقيت

    قرآن ڪريم ۽ سنتِ رسول ﷺ، پاڪستان جا اعليٰ ترين قانون هوندا.

    ڇا سنڌ اسيمبلي هي ٺهراءُ پاس ڪري، ملڪ جي اعليٰ ترين قانون جي خلاف ورزي نه ڪئي آهي؟ ڇا هن قسم جي قانونسازي، قرآن ۽ سنت جي مخالف ناهي؟

    قرآن، سنت، صحابه ڪرام جي عمل ۽ اجماع مان به ننڍي ڇوڪريءَ جو نڪاح ثابت آهي ۽ اُن کي غلط چوڻ، مغرب زده ذهنيت جو اثر آهي.

    قرآن

    (1) الله تعاليٰ جو فرمان آهي:

    ﴿وَالاَّئِيْ يَئِسْنَ مِنَ الْمَحِيْضِ مِنْ نِّسَائِكُمْ إِنِ ارْتَبْتُمْ فَعِدَّتُهُنَّ ثَلَاثَةُ أَشْهُرٍ وَالاَّئِيْ لَمْ يَحِضْنَ﴾ (الطلاق: 4)

    ”توهان جي عورتن مان، جيڪي حيض کان نااميد ٿي چڪيون آهن، جيڪڏهن توهان شڪ ڪريو ته انهن جي عدت ٽي مهينا آهي ۽ انهن جي به (عدت) ٽي مهينا آهي جن کي حيض (اڃا) ناهي آيو.“

    هن آيت ۾ لفظ ” وَالاَّئِيْ لَمْ يَحِضْنَ “ انتهائي اهم آهن، جيڪي ان ڳالھ تي دلالت ڪن ٿا ته جن عورتن کي اڃا ننڍي عمر سبب جي ڪري حيض نه آيو آهي، تن جي عدت به ٽي مهينا آهي، هتي طلاق يافته عورتن جي عدت جو ذڪر ٿي رهيو آهي. ظاهر آهي ته طلاق، نڪاح کان پوءِ ٿيندي آهي. معلوم ٿيو ته قرآن مجيد مان ئي نابالغ ڇوڪريءَ جو نڪاح ثابت آهي.

    امام شوڪاني ، هن آيت جو شان نزول بيان ڪندي لکي ٿو:

    جڏهن سورت البقره ۾ عورتن جي عدت بابت آيت نازل ٿي (آيت نمبر: 234) ته مدينه جي ڪجھ ماڻهن چيو ته عورتن جي عدت جي سلسلي ۾ ڪي اهڙيون صورتون به آهن، جيڪي قرآن ۾ بيان نه ٿيون آهن، جيئن ننڍي عمر جون ڇوڪريون، وڏيون عورتون، جن کي حيض بند ٿي چڪو آهي ۽ حمل واريون عورتون. انهي تي الله تعاليٰ هي آيت نازل فرمائي. (فتح القدير: 5/324، تفسير ابن ابي حاتم: 7/491، تفسير ابن ڪثير: 6/242 واسناده منقطع)

    امام شوڪاني لکي ٿو:

    انهي ڳالھ تي اتفاق ٿي چڪو آهي ته قرآن ۾ جن عورتن بابت آيو آهي ته ”جن کي حيض نه آيو آهي“ انهي مان مراد اُها ننڍي ڇوڪريءَ آهي جيڪا بالغ نه ٿي آهي. (السيل الجرار: 2/409)

    علامه ابن بطال مالڪي چوي ٿو:

    قال المهلب: اجمع العلماء عليٰ انه يجوز للاب تزويج ابنة الصغيرة التي لا يوطا. (شرح صحيح البخاري: لابن بطال: 7/247)

    علماء جو انهي ڳالھ تي اجماع آهي ته پيءُ لاءِ هي ڳالھ جائز آهي ته پنهنجي ننڍي نياڻي جو نڪاح ڪرائي، جيڪا هم بستري جي قابل نه هجي. وڌيڪ ڏسندا: فتح الباري: 10/239

    قرآن ڪريم جي مٿي ذڪر ٿيل آيت متعلق، علماء جي تفسير هن ريت آهي.

    امام بخاري پنهنجي ”الجامع الصحيح“ ۾ باب قائم ڪيو آهي:

    باب إِنْكَاحِ الرَّجُلِ وَلَدَهُ الصِّغَارَ لِقَوْلِهِ تَعَالَى: ”وَالاَّئِيْ لَمْ يَحِضْنَ“ فَجَعَلَ عِدَّتَهَا ثَلاَثَةَ أَشْهُرٍ قَبْلَ الْبُلُوغِ.

    ”انهي ڳالھ جو بيان ته ماڻهو پنهنجي ننڍي اولاد جو نڪاح ڪري سگهي ٿو، ان جو دليل الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته اُهي عورتون جن کي اڃا حيض نه آيو آهي“ اهڙين ڇوڪرين جي عدت، جيڪي نابالغ هجن، ٽي مهينا مقرر ڪئي آهي. (ڪتاب النڪاح)

    امام المفسرين ابن جرير آيت ” وَالاَّئِيْ لَمْ يَحِضْنَ “ جي تفسير ۾ لکي ٿو:

    وَكَذٰلِكَ عِدَدُ اللاَّئِي لَمْ يَحِضْنَ مِنَ الْجَوَارِي لِصِغَرِهِنَّ إِذَا طَلَّقَهُنَّ أَزْوَاجُهُنَّ بَعْدَ الدُّخُولِ.

    اهڙي نموني انهن عورتن جي عدت به ٽي مهينا آهي، جن کي حيض نه آيو آهي، جيئن اُهي ننڍيون ڇوڪريون، جن کي هم بستري کان پوءِ سندن مڙسن طلاق ڏني آهي. (تفسير الطبري: 10/856)

    ابوبڪر الجصاص حنفي لکي ٿو:

    ”فحكم بصحة طلاق الصغيرة التي لم تحض والطلاق لا يقع إلا في نكاح صحيح، فتضمنت الآية جواز تزويج الصغيره“

    ”الله تعاليٰ (وَالاَّئِيْ لَمْ يَحِضْنَ ۾) ننڍي، نابالغ ڇوڪريءَ کي ڏنل طلاق کي صحيح قرار ڏنو، جنهن کي حيض نه آيو آهي، ۽ (سڀني کي خبر آهي ته) طلاق، صحيح نڪاح کان پوءِ ٿيندي آهي، تنهنڪري هي آيت ننڍي نابالغ ڇوڪريءَ جي نڪاح کي جائز قرار ڏيئي رهي آهي. (احڪام القرآن: 2/54)

    علامه ماوردي شافعي (وفات: 450ھ) لکي ٿو:

    لأن عدة من لا تحيض بصغر أو إياس ثلاثة أشهركما قال اللَّٰه تعالٰى : ”وَالَّائِيْ يَئِسْنَ مِنَ الْمَحِيْضِ مِنْ نِّسَائِكُمْ إِنِ ارْتَبْتُمْ فَعِدَّتُهُنَّ ثَلَاثَةُ أَشْهُرٍ وَاللَّائِيْ لَمْ يَحِضْنَ“

    انهي جي ڪري جو جنهن عورت کي ننڍي عمر جي ڪري حيض نه آيو آهي يا سندس عمر وڏي ٿي چڪي آهي ته اهڙين عورتن جي عدت ٽي مهينا آهي، جيئن الله جو فرمان آهي. (الحاوي الڪبير: 11/193)

    جڏهن ته اها ڳالھ بالڪل واضح آهي ته طلاق ان کي ايندي، جنهن جو نڪاح ٿيل هجي. طلاق بعد جو عمل آهي ۽ نڪاح ان کان اڳ جو.

    امام ابن حزم :


    فان كانت المطلقة لا تحيض لصغر او كبر او خلقة ولم تكن حاملا، وكان وقد وطئها فعدتها ثلاثة اشهر من حين بلوغ الطلاق اليها او الٰي اهلها ان كانت صغيرة لقول اللّٰه تعاليٰ: ”وَالَّائِيْ يَئِسْنَ مِنَ الْمَحِيْضِ مِنْ نِّسَائِكُمْإِنِ ارْتَبْتُمْ فَعِدَّتُهُنَّ ثَلَاثَةُ أَشْهُرٍ وَاللَّائِيْ لَمْ يَحِضْنَ“


    امام ابن حزم چوي ٿو:

    جيڪڏهن طلاق يافته عورت کي ننڍي عمر جي ڪري ماهواري نٿي اچي يا وڏي عمر جي ڪري يا پئداشئي نقص سببان ماهواري ڪو نه ٿي اچي ۽ اُها حامله به ناهي ۽ سندس مڙس ان سان همبستري به ڪئي آهي ته اهڙي صورت ۾ سندس عدت ٽي مهينا ٿيندي، جڏهن کان کيس طلاق پهتي يا سندس وارثن مان ڪنهن وٽ طلاق پهتي چاهي اُها نابالغ ڇوڪريءَ ڇو نه هجي ڇو ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي:

    وَالَّائِيْ يَئِسْنَ مِنَ الْمَحِيْضِ مِنْ نِّسَائِكُمْإِنِ ارْتَبْتُمْ فَعِدَّتُهُنَّ ثَلَاثَةُ أَشْهُرٍ وَاللَّائِيْ لَمْ يَحِضْنَ (المحليٰ: 10/45)

    علامه سرخسي حنفي (وفات: 483ھ) لکي ٿو:

    بين اللّٰه تعالٰى عدة الصغيرة وسبب العدة شرعا هو النكاح وذٰلك دليل تصور نكاح الصغيرة

    الله تعاليٰ ننڍي ڇوڪريءَ جي عدت کي واضح نموني بيان فرمايو ۽ عدت جو سبب، شرعي طور نڪاح هوندو آهي (ڇو ته نڪاح کان پوءِ عدت ٿيندي آهي، جيئن مڙس مري وڃي يا طلاق ڏي) اها ڳالھ ننڍي ڇوڪريءَ جي نڪاح جو دليل آهي. (المبسوط: 4/212)

    ابن قدامه حنبلي (وفات: 620ھ)

    قَدْ دَلَّ عَلَى جَوَازِ تَزْوِيجِ الصَّغِيرَةِ قَوْلُ اللّٰهِ تَعَالَى: ”وَلَّائِيْ يَئِسْنَ مِنْ الْمَحِيْضِ مِنْ نِّسَائِكُمْإنِ ارْتَبْتُمْ فَعِدَّتُهُنَّ ثَلَاثَةُ أَشْهُرٍ وَلَّائِيْ لَمْ يَحِضْنَ“ فَجَعَلَ الِلَّائِي لَمْ يَحِضْنَ عِدَّةَ ثَلَاثَةِ أَشْهُرٍ وَلَا تَكُونُ عِدَّةُ ثَلَاثَةَ أَشْهُرٍ إلَّا مِنْ طَلَاقٍ فِي نِكَاحٍ أَوْ فَسْخٍ فَدَلَّ ذٰلِكَ عَلٰى تُزَوَّجُ وَتَطْلُقُ

    ننڍي ڇوڪريءَ جي نڪاح جي جائز هجڻ تي الله تعاليٰ جو هي فرمان دلالت ڪري ٿو ته ”توهان جي عورتن مان جيڪي عورتون، حيض کان نا اميد ٿي چڪيون آهن جيڪڏهن توهان کي شڪ ٿئي (سندن عدت ۾) ته انهن جي عدت (طلاق جي صورت ۾) ٽي مهينا آهي ۽ (انهن عورتن جي عدت به ٽي مهينا آهي) جن کي حيض نه آيو آهي“

    الله تعاليٰ اهڙين عورتن جي عدت ٽي مهينا مقرر ڪئي آهي، جن کي حيض نه آيو آهي ۽ ٽي مهينا عدت صرف، طلاق يا نڪاح فسخ ٿيڻ جي صورت ۾ ٿيندي آهي. هي آيت انهي ڳالھ تي دلالت ڪري ٿي ته ننڍي ڇوڪريءَ جو نڪاح به ٿي سگهي ٿو ۽ کيس طلاق به ڏئي سگهجي ٿي. (المغني: 9/398)

    علامه نفراوي مالڪي (وفات: 1126ھ) لکي ٿو:

    ”إن كانت مطلقة ممن لم تحض لصغر ولكن مطيقة للوطء أوكانت كبيرة لكن قد يئست من المحيض بأن جاوزت السبعين، فثلاثة أشهر عدتها في حق الحرةو مثلها الأمة على المشهور لقوله تعالى: وَاللَّائِيْ يَئِسْنَ مِنَ الْمَحِيضِ مِنْ نِّسَائِكُمْإِنِ ارْتَبْتُمْ فَعِدَّتُهُنَّ ثَلاثَةُ أَشْهُرٍ وَاللَّائِيْ لَمْ يَحِضْنَ، أي: عدتهن كذالك“

    ”جيڪڏهن طلاق يافته عورت، انهن عورتن مان آهي، جنهن کي ننڍي عمر سببان حيض نه آيو آهي پر هو همبستري جي طاقت رکي ٿي يا هو وڏي عمر جي آهي ۽ ماهواري مان نااميد ٿي چڪي آهي، ڇو ته هو ستر سالن کان به لنگهي چڪي آهي ته پوءِ اهڙي صورت ۾ سندس عدت ٽي مهينا آهي، عورت چاهي آزاد هجي يا ٻانهيءَ، مشهور مذهب به اهو آهي، دليل الله تعاليٰ جو فرمان آهي................ (الفواکہ الدواني: 2/92)

    مشهور شيعه عالم محمد بن حسن الطوسي (وفات: 460ھ) پنهنجي مشهور تفسير ”التبيان في تفسير القرآن ۾ سورت الطلاق جي تفسير ۾ لکي ٿو:

    واللائي لم يحضن......... وقال قتادة: اللائي يئسن الكبار واللائي لم يحضن الصغار.

    اهي عورتون جيڪي نااميد ٿي چڪيون آهن، سي وڏي عمر جون پوڙهيون عورتون آهن ۽ جن عورتن کي حيض نه آيو آهي، سي ننڍيون ڇوڪريون آهن (التبيان: 10/34)

    معلوم ٿيو ته شيعه عالم جي نزديڪ به ننڍي ڇوڪري جو نڪاح جائز آهي.


    (2) ﴿وَإِنْ خِفْتُمْ أَلاَّ تُقْسِطُواْ فِي الْيَتَامَى فَانْكِحُوْا مَا طَابَ لَكُم مِّنَ النِّسَاء﴾ (النسآء: 3)


    ”۽ جيڪڏهن توهان خوف محسوس ڪريو ته يتيمن جي معاملي ۾ انصاف نه ڪندؤ ته پوءِ عورتن مان جيڪي توهان کي پسند هجن، انهن سان نڪاح ڪريو.“ (النسآء: 3)

    سورت النسآء ۾ ئي ٻي جڳھ تي آهي:

    ﴿وَيَسْتَفْتُونَكَ فِي النِّسَاء قُلِ اللّٰهُ يُفْتِيكُمْ فِيهِنَّ وَمَا يُتْلٰى عَلَيْكُمْ فِي الْكِتَابِ فِي يَتَامَى النِّسَاءِ الَّاتِيْ لاَ تُؤْتُونَهُنَّ مَا كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرْغَبُونَ أَنْ تَنْكِحُوْهُنَّ﴾ (النسآء: 127)

    ”۽ توکان عورتن بابت فتويٰ پڇن ٿا چئو الله توهان کي انهن بابت فتويٰ ڏي ٿو ۽ جو ڪجھ توهان تي ڪتاب ۾ پڙهيو وڃي ٿو اُهو انهن يتيم عورتن متعلق آهي، جن کي توهان اُهو ڪو نه ٿا ڏيو جو انهن لاءِ فرض ڪيو ويو آهي ۽ خواهش ڪندا آهيو ته انهن سان نڪاح ڪريو.“

    مٿيون ٻئي آيتون، يتيم ڇوڪريءَ جي نڪاح جي جواز بابت دلالت ڪن ٿيون، جيڪا اڃا بلوغت جي عمر کي نه پهتي آهي.

    دليل اُها حديث آهي، جيڪا صحيح بخاري ۾ موجود آهي.

    عروه بن زبير ، سيده عائشه رضي الله عنها کان سوال ڪيو ته ام المؤمنين!” وَإِنْ خِفْتُمْ أَلاَّ تُقْسِطُواْ فِي الْيَتَامَى_ کان_ مَا مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ “ تائين ڇا بيان ٿيو آهي؟

    ام المؤمنين عائشه رضي الله عنها جواب ڏنو ته ڀاڻيجا! هن آيت ۾ ان يتيم ڇوڪريءَ جو ذڪر ٿيو آهي جيڪا پنهنجي ولي جي پرورش ۾ هجي ۽ ولي ان ڇوڪريءَ جي خوبصورتي ۽ مال سبب ان ڏانهن رغبت رکي ۽ هو سندس مهر گهٽ ڪري، ان سان نڪاح ڪرڻ چاهيندو هجي ته اهڙي قسم جي ماڻهن کي اهڙين يتيم ڇوڪرين سان نڪاح جي منع ڪئي وئي، سواءِ انهي جي جو اُهي انهن ڇوڪرين جي مهر جي معاملي ۾ انصاف ڪن (۽ جيڪڏهن انصاف نه ڪن) ته پوءِ انهن ڇوڪرين کان سواءِ ٻين عورتن سان نڪاح ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. عائشه رضي الله عنها فرمايو: ماڻهن، رسول الله ﷺ جن کان بعد ۾ جڏهن مسئلو پڇيو ته الله تعاليٰ هي آيت نازل ڪئي. الله تعاليٰ هن آيت ۾ هي حڪم نازل فرمايو ته يتيم ڇوڪريون جڏهن مال ۽ جمال واريون هونديون آهن ته مهر ۾ ڪمي ڪري، انهن سان نڪاح ڪرڻ، تعلق ڳنڍڻ کي پسند ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن ڇوڪريءَ وٽ مال ناهي ته پوءِ اُن کي ڇڏي ٻين عورتن سان نڪاح ڪن ٿا. آخر اها ڪهڙي ڳالھ آهي. انهن کي گهرجي جيئن مال ۽ خوبصورتي نه هئڻ جي صورت ۾ ان ڇوڪريءَ کي ڇڏي ڏين ٿا اهڙي نموني ان وقت به ڇوڪريءَ کي ڇڏي ڏين جڏهن اُها مالدار ۽ خوبصورت هجي البته جيڪڏهن انصاف کان ڪم وٺن، ۽ سندس پورو مهر ادا ڪن ته پوءِ ڀلي نڪاح ڪن. (بخاري: 5140)

    حافظ ابن حجر هن حديث جي شرح ڪندي لکي ٿو:

    فيه دلالة على تزويج الولي غير الأب التي دون البلوغ بكرا كانت أو ثيبا، لأن حقيقة اليتيمة من كانت دون البلوغ ولا أب لها، وقد اذن في تزويجها بشرط أن لا يبخس من صداقها، فيحتاج من منع ذالكإلٰى دليل قوي

    هن حديث ۾ ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته پيءُ کانسواءِجيڪڏهن ڇوڪريءَ جو ڪو ٻيو ولي آهي ته اُهو نابالغ ڇوڪريءَ جو نڪاح ڪرائي سگهي ٿو، چاهي ڪنواري هجي يا ثيّب (جنهن عورت جو مڙس گذاري چڪو هجي يا کيس طلاق ملي چڪي هجي، مقصد ته ڪنهن به سبب هو هاڻي ڪنواريءَ نه رهي هجي) ڇو ته يتيم ڇوڪريءَ حقيقت ۾ اُها آهي جيڪا نابالغ هجي ۽ سندس پيءُ نه هجي. انهي ڇوڪريءَ سان شادي جي اجازت ڏني وئي آهي پر انهي شرط سان ته سندس مهر مان ڪجھ به نه گهٽايو وڃي، جيڪو ماڻهو انهي شادي کان روڪي ٿو، ان کي وڌيڪ مضبوط دليل پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي. (فتح الباري: 10/348)

    حافظ ابن حجر هڪ ٻئي مقام تي لکي ٿو:

    وفيه جواز تزويج اليتامى قبل البلوغ لأنهن بعد البلوغ لا يقال لهن يتيمات إلا أن يكون أطلق استصحابا لحالهن

    انهي ۾ يتيم ڇوڪريءَ جي بالغ ٿيڻ کان اڳ نڪاح جو جواز آهي، ڇو ته بلوغت کان پوءِ انهن کي يتيم نه چئبو آهي، مگر سندن پهرين حالت جي پيش نظر بالغ ٿيڻ کان پوءِ به يتيم جو اطلاق مٿن ٿي سگهي ٿو. (فتح الباري: 9/112)

    (3) الله تعاليٰ جو فرمان آهي:

    ﴿وَأَنكِحُوا الْأَيَامٰى مِنكُمْ وَالصَّالِحِيْنَ مِنْ عِبَادِكُمْ وَإِمَائِكُمْإِنْ يَّكُوْنُوْا فُقَرَاءَ يُغْنِهِمُ اللّٰهُ مِنْ فَضْلِهِ وَاللّٰهُ وَاسِعٌ عَلِيْمٌ﴾ (النور: 32)

    ”توهان مان جيڪي مرد عورت بنان نڪاح هجن انهن جو نڪاح ڪرايو ۽ پنهنجي نيڪ غلام ۽ ٻانهين جا به (نڪاح ڪرايو)، جيڪڏهن اهي مفلس هوندا ته الله کين پنهنجي فضل سان غني ڪري ڇڏيندو ۽ الله وسعت وارو، وڏي علم وارو آهي.“

    حافظ ابن ڪثير هن آيت جي تفسير ۾ فرمائي ٿو:

    هذا امر بالتزويج. وقد ذهب طائفة من العلماء الٰي وجوبه، علي كل من قدر عليه واحتجوا بظاهر قوله. صلي اللّٰه عليه وسلم.

    يا معشر الشباب من استطاع منكم الباءة فليتزوج، فانه اغض للبصر واحصن للفرج. ومن لم يستطع فعليه بالصوم فانه له وجاء (بخاري:5066) مسلم:1400) ................ الايامٰي: جمع ايم ويقال ذالك للمرأة التي لا زوج لها وللرجل الذي لا زوجة له، وسواء كان قد تزوج ثم فارق او لم يتزوج واحد منهما، حكاه الجوهري عن اهل اللغة (تفسير ابن ڪثير: 4/543-544)

    هن آيت ۾ نڪاح جو حڪم آهي.علماء جي هڪ جماعت ان ڳالھ ڏانهن وئي آهي ته جنهن ۾ طاقت آهي ان لاءِ نڪاح واجب آهي. انهن رسول الله ﷺ جي هيٺئين فرمان مان دليل ورتو آهي. ته اي نوجوانن جي جماعت! توهان مان جنهن ۾ طاقت هجي ان کي گهرجي ته شادي ڪري، ڇو ته شادي سان نظرون هيٺ رهن ٿيون ۽ شرم گاھ بڇڙائي کان محفوظ رهي ٿي ۽ جنهن ۾ نڪاح جي طاقت ناهي ان کي گهرجي ته روزا رکي، انهي سان سندس شهواني جذبا گهٽجي ويندا.

    اَلْاَيَاميٰ، اَيِّمٌ جو جمع آهي. ايم ان عورت کي چئبو آهي، جنهن جو مڙس نه هجي ۽ ان مرد کي چئبو آهي، جنهن جي زال نه هجي. چاهي شادي ڪرڻ کان پوءِ ڌار ٿيا هجن يا انهن مان ڪنهن مرڳو شادي ئي نه ڪئي هجي. علامه جوهري، انهي کي اهل لغت جي حوالي سان بيان ڪيو آهي.

    علامه ڪاساني لکي ٿو:


    وَالْأَيِّمُ اِسْمٌ لِأُنْثَى مِنْ بَنَاتِ آدَمَ عَلَيْهِ الصَّلَاةُ وَالسَّلَامُ، كَبِيرَةً كَانَتْأَوْ صَغِيرَةً لَا زَوْجَ لَهَا


    ”ايم، نالو آهي، آدم عليہ السلام جي نياڻين مان، چاهي وڏي هجي يا ننڍي پر سندس مڙس نه هجي.“ (بدائع الصنائع: 3/363)

    قاضي عياض (وفات: 544ھ) ايم جي تشريح ڪندي لکي ٿو:

    اهل لغت جو اتفاق آهي ته ” ايم “ جو لفظ هر اُنهي عورت تي استعمال ٿيندو، جنهن جو مڙس نه هجي، چاهي ننڍي هجي يا وڏي، چاهي ڪنواري هجي يا بيوه، طلاق يافته. (اکمال المعلم: 4/564)

    علامه ابن العربي (وفات: 543ھ) ايم جي تفسير ڪندي لکي ٿو:

    جنهن جو مڙس نه هجي، ڪنواري هجي يا بيوه (طلاق يافته) بالغ هجي يا نابالغ. (عارضة الاحوذي: 5/25)

    معلوم ٿيو ته مرد يا عورت چاهي ننڍا هجن يا وڏا، ڪنوارا هجن يا بيوه (رنڙ) بالغ هجن يا نابالغ مٿين آيت سندن نڪاح جي صحيح هجڻ تي دلالت ڪري ٿي.

    علامه ماوردي شافعي چوي ٿو:

    واستدلوا على جواز تزويجها قبل البلوغ بعموم قوله تعالٰى: وأنكحوا الأيامٰى منكم.

    علماء، الله تعاليٰ جي فرمان: أنكحوا الأيامٰى منكم مان استدلال ڪيو آهي ته بلوغت کان اڳ به شادي ٿي سگهي ٿي. (الحاوي الکبير: 9/66)

    سعودي عرب جي ڪميٽي براءِ فتاويٰ جي فتويٰ آهي:

    اصل ۾ نياڻين جي نڪاح جي مشروعيت مطلقاً آهي، ننڍي هجي يا وڏي جيئن الله جو فرمان آهي:

    وأنكحوا الأيامٰى منكم (فتاويٰ اللجنة الدائمة: 18/27)

    احاديث

    احاديث مبارڪه مان به ثبوت ملي ٿو ته عورت توڙي مرد جيڪڏهن 18 سالن کان ننڍا آهن تڏهن به سندن نڪاح ٿي سگهي ٿو.

    (1) ام المؤمنين عائشه رضي الله عنها فرمائي ٿي: جڏهن رسول الله ﷺ جن ساڻس نڪاح ڪيو ته سندس عمر ڇھ سال هئي ۽ جڏهن ساڻس صحبت ڪئي ته عمر نو سال هئي ۽ پاڻ نو سال، رسول الله ﷺ جن سان گڏ رهي. (بخاري: 5133)

    امام ابن حزم چوي ٿو:

    پيءُ پنهنجي ننڍڙي ڪنواري نياڻي جو نڪاح ڪرائي سگهي ٿو، ان لاءِ دليل سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله جو پنهنجي نياڻي عائشه رضي ا لله عنها جو رسول الله ﷺ جن سان نڪاح ڪرائڻ آهي، جڏهن پاڻ اڃا صرف ڇهن سالن جي هُئي.

    هي واقعو ايڏو مشهور آهي جو اسان هن واقعي متعلق سَند کان به بي نياز آهيون. جيڪڏهن ڪو دعويٰ ڪري ٿو ته اها رسول الله ﷺ جن جي خصوصيت هئي (جو پاڻ ڇهن سالن جي ڇوڪريءَ سان به نڪاح ڪري پئي سگهيا) ته اهڙي دعويٰ ڏانهن نهارڻ جي به ضرورت ناهي، ڇو ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي:

    ﴿لَقَدْكَانَ لَكُمْ فِي رَسُولِ اللّٰهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ لِّمَنْكَانَ يَرْجُو اللّٰهَ وَالْيَوْمَ الآخِرَ﴾

    ”تحقيق توهان لاءِ، الله جي رسول ۾ سهڻو نمونو آهي، ان لاءِ جو الله (سان ملاقات) ۽ قيامت جي ڏينهن جي اميد رکي ٿو.“ (الاحزاب: 21)

    رسول الله ﷺ جن جو به عمل ڪيو اسان تي لازم آهي ته اسان ان ۾ سندن پيروي ڪريون، ها مگر ان صورت ۾ جو ڪا نص اچي وڃي ته هي معاملو خاص رسول الله ﷺ جن لاءِ آهي. (المحليّٰ: 9/40)

    علامه ابن الهمام حنفي (وفات: 861ھ) لکي ٿو:

    وتزويج أبي بكر لعائشة رضي اللّٰه عنها وهي بنت ست نص قريب من المتواتر

    سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنہ طرفان پنهنجي نياڻي عائشه رضي الله عنها جو نڪاح ڇهن سالن جي عمر ۾ ڪرائڻ هڪ نص آهي، جيڪو متواتر جي قريب آهي. (فتح القدير: 3/265)

    ابن بطال مالڪي:

    أجمع العلماء على أنه يجوز للآباء تزويج الصغار من بناتهم ، وإن كن فى المهد

    علماء جو انهي ڳالھ تي اجماع آهي ته پيئرن لاءِ اها ڳالھ جائز آهي ته اُهي پنهنجي ننڍين نياڻين جو نڪاح ڪرائي سگهن ٿا جيتوڻيڪ اُهي پينگهي ۾ هجن. (شرح صحيح البخاري: 7/172-173)

    اڳتي علامه ابن بطال لکي ٿو:

    مگر سندن گهروارن لاءِ، پنهنجي گهروارين سان همبستري ان وقت تائين جائز ناهي، جيستائين اُهي همبستري جي لائق نه ٿي وڃن ۽ مردن جو وزن کڻي سگهن ۽ عورتن جون حالتون، انهي حوالي سان مختلف هونديون آهن، سندن بناوت ۽ طاقت جي لحاظ کان. جڏهن عائشه رضي الله عنها سان، رسول الله ﷺ جن نڪاح ڪيو ته پاڻ ڇهن سالن جي هُئي ۽ جڏهن صحبت ڪيائون ته نو سالن جي هئي. (شرح صحيح البخاري: 7/172-173)

    علامه ابي مالڪي (وفات: 827ھ) زير بحث حديث جي تشريح ۾ لکي ٿو:

    الحديث اصل في تزويج الأب ابنة وان لم تطق المسيس ولم يختلف فيه

    هي حديث بنياد آهي ته پيءُ پنهنجي ڌيءَ جو نڪاح ڪرائي سگهي ٿو، جيتوڻيڪ ڇوڪريءَ همبستري جي طاقت نه رکندي هجي انهي ۾ ڪو به اختلاف ناهي. (اکمال المعلم: 4/36)

    رسول الله ﷺ جن جو عمل دين آهي ۽ ان تي طعن ڪرڻ خود الله جي نبي ﷺ جن جي ذات مبارڪ تي طعن آهي. نعوذ بالله من ذالک!

    (2) نبي ﷺ جن جي نياڻين مان وڏي نياڻي زينب رضي الله عنها سان ابوالعاص بن ربيع نڪاح ڪيو، جڏهن ته رقيه رضي الله عنها سان ابو لهب جي پٽ عتبه شادي ڪئي ۽ ام ڪلثوم رضي الله عنها سان عتيبه بن ابي لهب شادي ڪئي. اهي سڀ شاديون، نبي ﷺ جن جي بعثت کان اڳ ٿيون. نبوت ملڻ کان پوءِ ابو لهب پنهنجي ٻنهي پٽن کي چيو ته اُهي رسول الله ﷺ جن جي نياڻين رقيه ۽ ام ڪلثوم کي طلاق ڏيئي ڇڏين. واضح رهي ته اڃا ٻنهي پٽن پنهنجي گهروارين سان همبستري نه ڪئي هئي، ان کان اڳ طلاق ڏيئي ڇڏيائون. رقيه رضي الله عنها سان سيدنا عثمان غني رضي الله عنہ نڪاح ڪيو ۽ پنهنجي گهرواريءَ کي وٺي حبشه هجرت ڪيائين. جيئن ته اها ڳالھ تاريخ ۽ سيرت جي ڪتابن مان بالڪل پڌري آهي ته نبي ﷺ جن جڏهن خديجہ رضي الله عنها سان شادي ڪئي ته سندن عمر 25 سال هئي ۽ جڏهن مٿن پهرين وحي نازل ٿي سندن عمر مبارڪ 40 سال هئي. تنهنڪري هي ڳالھ بالڪل واضح آهي ته زينب، رقيه ۽ ام ڪلثوم رضي الله عنهن جي عمر، نبوت ملڻ وقت 14 سالن کان گهٽ هئي.

    امام حاڪم، ابن عبدالبر، محب طبري، حسين ديارالبکري مطابق زينب رضي الله عنها تڏهن ڄائي جڏهن رسول الله ﷺ جن جي عمر 30 سال هئي. معلوم ٿيو ته نبوت ملڻ وقت سيده زينب جي عمر 10 سال هئي. جڏهن ته بعثت وقت سيده رقيه جي عمر 7 سال، سيده ام ڪلثوم جي عمر 6 سال ۽ سيده فاطمه جي عمر 5 سال هئي. چئن نياڻين مان ٽن نياڻين جي شادي بعثت کان اڳ ٿي چڪي هئي، سواءِ سيده فاطمه رضي الله عنها جي. معلوم ٿيو ته رسول الله ﷺ جن به پنهنجي نياڻين جي شادي ننڍپڻ ۾ ڪرائي.

    (3) فاطمه بنت قيس رضي الله عنها روايت ڪري ٿي ته کيس سندس مڙس ابو عمرو بن حفص طلاق بائن ڏني. هو پاڻ اُتي موجود نه هو بلڪه هُن پنهنجي طرف وڪيل موڪليو ۽ ڪجھ جَوَ به روانا ڪيائين. فاطمه بنت قيس انهي ڳالھ تي ڪاوڙي ته وڪيل چيو الله جو قسم اسان تي تنهنجي طرفان ڪابه شئي ناهي. پاڻ، رسول الله ﷺ جن وٽ هلي آئي ۽ واقعو بيان ڪري ٻڌايائين. پاڻ سڳورن فرمايو: تو لاءِ سندن ذمي ڪا به شئي ناهي. پاڻ فاطمه بنت قيس رضي الله عنها کي حڪم ڪيائون ته عدت جا ڏينهن ام شريڪ جي گهر گذاري. وري پاڻ فرمايائون: هو اهڙي عورت آهي جتي اصحاب جمع رهن ٿا، تون ابن ام مڪتوم رضي الله عنہ جي گهر عدت پوري ڪر، هو نابين آهي، تون اُتي پنهنجا ڪپڙا به لاهي سگهين ٿي (ڇو ته هو نابين آهي) جڏهن تنهنجي عدت پوري ٿئي ته مون کي خبر ڏجانءِ. فاطمه بنت قيس چوي ٿي جڏهن عدت پوري ٿي، مون رسول الله ﷺ جن کي ان متعلق ٻڌايو ۽ کين ٻڌايم ته مون کي معاويه بن ابي سفيان ۽ ابوجهم نڪاح جو پيغام موڪليو آهي. رسول الله ﷺ جن فرمايو: جيستائين ابوجهم جو تعلق آهي ته هو پنهنجي ڪلهي تان لٺ لاهي ئي ڪو نه ٿو (يعني زالن کي مارڪٽ گهڻي ڪندو آهي) ۽ معاويه مفلس آهي، تون اسامه بن زيد سان شادي ڪر. مون ان ڳالھ کي ناپسند ڪيو. پاڻ سڳورن وري فرمايو تو اسامه سان نڪاح ڪر. پوءِ مون ساڻس نڪاح ڪيو ۽ الله ان ۾ ايتري ڀلائي رکي جو ٻيون عورتون مون تي رشڪ ڪرڻ لڳيون. (مسلم: 1480)

    علامه سيوطي لکي ٿو:

    جڏهن رسول الله ﷺ جن فاطمه بنت قيس جو نڪاح، اسامه بن زيد سان ڪرايو تڏهن پاڻ 15 سالن جو هو. کيس رسول الله ﷺ جن جي زماني ۾ اولاد به ٿيو، جيئن حافظ ابو الفضل عراقي، شرح الاحڪام ۾ يقين سان بيان ڪيو آهي ۽ حافظ ابن حجر به انهي جو ذڪر ڪيو آهي. جڏهن رسول الله ﷺ جن جي وفات ٿي ته اسامه بن زيد رضي الله 19 سالن جو هو. (اسعاف المبطا برجال الموطا للسيوطي ص:14)

    امام خطيب بغدادي (وفات: 463ھ) لکي ٿو ضحاڪ بن قيس، رسول الله ﷺ جن جي وفات کان 6 سال اڳ ۾ پيدا ٿيو، پاڻ فاطمه بنت قيس جو ڀاءُ هو پر ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ کان ڏھ سال وڏي هئي. (المتفق والمفترق: 2/1227)

    انهي حساب سان (جيڪڏهن وفات وقت ضحاڪ بن قيس جي عمر ڇھ سال هئي) ته فاطمه بنت قيس جي عمر، رسول الله ﷺ جن جي وفات وقت 16 سال هئي ۽ اسامه بن زيد جي عمر 19 سال هئي، تنهنڪري جڏهن رسول الله ﷺ جن فاطمه جي شادي اسامه سان ڪرائي تڏهن فاطمه جي عمر 12 سال هئي. پوءِ اندازو لڳايو جڏهن پهرئين مڙس سان شادي ڪئي هئائين تڏهن سندس عمر ڇا هوندي؟! يقيناً پاڻ اُن وقت 12 سالن کان به گهٽ جي هُئي.

    معلوم ٿيو ته 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ نڪاح صرف رسول الله ﷺ جن سان خاص ناهي.

    صحابه ڪرام رضي الله عنهم ۽ سلَف جو عمل

    صحابه ڪرام رضي الله عنهم ۽ سلَف جو عمل به ان ڳالھ جي تائيد ڪري ٿو ته 18 سالن کان گهٽ ڇوڪري يا ڇوڪريءَ جو نڪاح ٿي سگهي ٿو.

    امام شافعي (وفات: 204ھ) فرمائي ٿو:

    زوج غير واحد من اصحاب النبي صلي اللّٰه عليه وسلم ابنته صغيرة

    رسول الله ﷺ جن جي ڪيترن صحابه پنهنجي ننڍي نياڻي جي شادي ڪرائي. (الأم: 9/118)

    عروه بن زبير ، پنهنجي والد زبير بن عوام رضي الله کان روايت ڪري ٿو ته پاڻ (زبير بن عوام) قدامہ بن مظعون رضي الله عنہ جي عيادت لاءِ وٽس هلي آيو، قدامہ بن مظعون رضي الله ، بيمار هو اُتي زبير بن عوام رضي الله کي نياڻي جي خوشخبري ڏني وئي. قدامہ رضي الله فرمايو: زبير، انهي ڇوڪريءَ جي مون سان شادي ڪرائي. زبير بن عوام رضي الله فرمايو: تون ننڍي ڇوڪريءَ جو ڇا ڪندين جڏهن ته پاڻ هن حال ۾ آهين! قدامہ بن مظعون رضي الله فرمايو: ڇو نه، جيڪڏهن زنده رهيس ته زبير جي نياڻي منهنجي گهرواريءَ هوندي ۽ جيڪڏهن مري ويس ته اها ڳالھ پسند آهي هو منهنجي وارث ٿئي. سيدنا زبير بن عوام رضي الله ، قدامہ بن مظعون رضي الله سان پنهنجي نياڻي جو نڪاح ڪرائي ڇڏيو. (ڪتاب الحجة على اهل المدينة: 3/ 502-504، سنن سعيد بن منصور: 1/174، مصنف ابن ابي شيبة: 4/17)

    علامه ابن الهمام حنفي چوي ٿو:

    قدامہ بن مظعون رضي الله ، زبير بن عوام رضي الله جي نياڻي سان اُن ڏينهن شادي ڪئي، جنهن ڏينهن هؤ ڄائي، حالانڪه صحابه کي انهي ڳالھ جو علم هو (پر ڪنهن اعتراض نه ڪيو). صحابه جو فهم ان ڳالھ تي نص آهي ته عائشه رضي الله عنها جي ننڍي عمر ۾ نڪاح جي ڪا خصوصيت ناهي. (فتح القدير: 3/265)

    عڪرمه روايت ڪري ٿو ته سيدنا علي رضي الله پنهنجي ننڍڙي نياڻي جو نڪاح سيدنا عمر بن خطاب رضي الله سان ڪرايو، اُن وقت اُها ننڍي ڇوڪريءَ ٻين ڇوڪرين سان گڏ راند کيڏندي هُئي. (مصنف عبدالرزاق: 6/162-163) طبقات ابن سعد: 8/463 ۾ آهي ته ام ڪلثوم ان وقت نابالغ هُئي.

    امام بيهقي ”السنن الکبريٰ“ ۾ سلف کان منقول بعض آثار نقل ڪيا آهن، جن ۾ اهو ذڪر آهي ته 9 يا 10 سال جي ڇوڪريءَ حامله ٿي وئي. (8/15-16)

    معلوم ٿيو ته سندن نڪاح اڳ ۾ ئي ٿي چڪو هو.

    مشهور حنفي عالم”سرخسي“ ابو مطيع البلخي (وفات: 197ھ) (راوي الفقہ الاکبر) متعلق لکي ٿو ته سندس هڪ نياڻي هئي جيڪا 19 سالن جي عمر ۾ ڏاڏيءَ ٿي وئي، تان جو کيس چوڻو پيو: هن ڇوڪريءَ اسان کي خوار ڪري ڇڏيو آهي. (المبسوط: 3/149)

    امام عبدالرزاق (وفات: 211ھ) ٽن وڏن تابعين، حسن بصري، زهري ۽ قتاده متعلق لکي ٿو ته اُهي والد طرفان پنهنجي ننڍي ٻار جي ڪرايل نڪاح کي جائز سمجهندا هئا. (مصنف عبدالرزاق: 6/164)

    الحمدلله صحابه ڪرام، تابعين ۽ سلف صالحين جي حوالن مان به هي ڳالھ ثابت ٿي ته اُهي نابالغ ٻار جي نڪاح کي جائز سمجهندا هئا.

    18 سال کان گهٽ عمر ۾ شادي ۽ علماء جي راءِ

    18 سالن کان گهٽ ڇوڪريءَ يا ڇوڪري جو نڪاح ٿي سگهي ٿو، انهي تي ”اجماع صحابه“ آهي، ڇو ته ڪنهن صحابي کان انهي جي خلاف ڪا ڳالھ منقول ناهي. انهي اجماع جو ذڪر مختلف عالمن ڪيو آهي، جنهن جا حوالا هيٺ پيش ڪجن ٿا.

    (1) علامه ڪاساني حنفي (وفات: 587ھ) لکي ٿو:

    الجواز في البكر ثبت بفعل النبي صلي اللّٰه عليه وسلم واجماع الصحابة (بدائع الصنائع: 3/376)

    ننڍي ڪنواري ڇوڪريءَ سان نڪاح، رسول الله ﷺ جن جي فعل ۽ اجماع صحابه مان ثابت آهي.

    (2) امام ابو حنيفه:

    جڏهن ننڍي ڇوڪريءَ بالغ ٿي وڃي ته ان سان ڪو به شادي نه ڪري مگر سندس رضامندي سان، ڇو ته هاڻي هو اهڙي عمر کي پهتي آهي، جو شرعي حڪمن جي مڪلف بڻجي وئي آهي پر جيڪڏهن ننڍي آهي ته سندس شادي سندس رضامندي کانسواءِ به ڪري سگهجي ٿي ڇو ته سندس اجازت جي ڪا حيثيت ڪانهي ۽ نه رضامندي جي. انهي ۾ ڪو اختلاف ناهي. (احڪام القرآن: 3/506)

    (3) امام شافعي :

    والد طرفان ننڍن ٻارن جو نڪاح ڪرائڻ ۾ ڪنهن جو اختلاف ناهي ۽ اها شئي ننڍين ڇوڪرين جي حق ۾ جائز آهي. (اختلاف الحديث ص 517)

    (4) امام احمد بن حنبل کان پڇيو ويو، ڇا ننڍڙي ڇوڪريءَ جو نڪاح، پيءُ ڪرائي سگهي ٿو؟ امام صاحب فرمايو: انهي معاملي ۾ ماڻهن جو ڪو اختلاف ناهي. (مسائل الامام احمد بن حنبل رواية ابنہ صالح 3/129)

    (5) امام مروزي (وفات: 294ھ)

    اهل علم جو انهي ڳالھ تي اجماع آهي ته پيءُ طرفان ننڍي پٽ ۽ ڌي جو نڪاح ڪرائڻ جائز آهي. (اختلاف العلماء ص 125) امام مروزي اڳتي لکي ٿو ته اهڙي نڪاح کي عمر، علي، ابن عمر، زبير، قدامہ بن مظعون ۽ عمار رضي الله عنهم جائز قرار ڏنو آهي.

    (6) ابن المنذر (وفات: 318ھ):

    انهي ڳالھ تي اجماع آهي ته جيڪڏهن پيءُ پنهنجي ننڍڙي ڪنواري ڇوڪريءَ جو نڪاح ”كُفْؤٌ“ سان ڪري ٿو ته اهڙو نڪاح جائز آهي. (الاجماع: ص 103)

    نوٽ: ڪفو جي معنيٰ آهي: (برابر، لائق، هم مرتبه. القاموس الوحيد: ص 1412)

    (7) المهلب مالڪي (وفات: 435ھ)

    علماء جو انهي ڳالھ تي اجماع آهي ته پيءُ لاءِ جائز آهي ته هو پنهنجي ننڍي نياڻي جو نڪاح ڪرائي، جيڪا اڃا همبستري جي لائق به نه هجي، دليل قرآن جي آيت آهي:

    ” وَالاَّئِيْ لَمْ يَحِضْنَ “ (شرح ابن بطال: 7/247)

    (8) ابن بطال مالڪي (وفات: 449ھ)

    علماء جو ان ڳالھ تي اجماع آهي ته پيءُ لاءِ پنهنجي ننڍين نياڻين جو نڪاح ڪرائڻ جائز آهي اگرچه اُهي پينگهي ۾ ڇو نه هجن. (شرح صحيح البخاري: 7/172-173)

    (9) ابو وليد باجي (وفات: 494ھ)

    جيستائين ننڍڙي ڇوڪريءَ جو تعلق آهي ته انهي ۾ ڪو اختلاف ناهي ته پيءُ ان کي نڪاح لاءِ مجبور به ڪري سگهي ٿو ۽ ان ڇوڪريءَ جو نڪاح ڪرائڻ به سندس لاءِ جائز آهي. (المنتقيٰ شرح موطا مالڪ: 5/21)

    (10) ابن عبدالبر (وفات: 463ھ)

    علماء جو ان ڳالھ تي اجماع آهي ته پيءُ لاءِ جائز آهي جو پنهنجي ننڍڙي ڇوڪريءَ جو نڪاح ڪرائي ۽ ان سان مشورو به نه ڪري، جيئن ابوبڪر صديق رضي الله عنہ، عائشه رضي الله عنها جي شادي رسول الله ﷺ جن سان ڪرائي. (التمهيد: 19/98)

    (11) امام بغوي (وفات: 516ھ)

    علماء جو انهي ڳالھ تي اتفاق آهي ته پيءُ ۽ ڏاڏي لاءِ جائز آهي ته اُهي ننڍڙي ڇوڪريءَ جو نڪاح ڪرائن، جيئن رسول الله ﷺ جن جي سيده عائشه رضي الله عنها سان شادي ٿي. (شرح السنة: 9/37)

    (12) قاضي عياض (وفات: 544ھ)

    انهي مسئلي ۾ علماء جو ڪو اختلاف ناهي ته پيءُ پنهنجي ننڍڙي نياڻي جو نڪاح ڪرائي سگهي ٿو، جيڪا اڃا همبستري جي لائق به نه هجي. (اکمال المعلم: 4/572)

    (13) ابن هبيره (وفات: 560ھ)

    انهي ڳالھ تي علماء جو اتفاق آهي ته پيءُ پنهنجي ننڍڙي نياڻي جي نڪاح جو اختيار رکي ٿو. (الافصاح عن معاني الصحاح في الفقہ علي المذاهب الاربعة: 2/90)

    (14) ابن رشد (وفات: 595ھ)

    انهي ڳالھ تي علماء جو اجماع آهي ته پيءُ غير بالغ نياڻي کي نڪاح تي مجبور ڪري سگهي ٿو. (بداية المجتهد: 2/14)

    (15) الموفق ابن قدامة (وفات: 620ھ)

    انهي ۾ ڪو اختلاف ناهي ته پيءُ پنهنجي ننڍي ڪنواري نياڻي جي نڪاح جو اختيار رکي ٿو ڇو ته ابوبڪر صديق رضي الله ، سيده عائشه رضي ا لله عنها جو نڪاح نبي ﷺ جن سان ڪرايو، جڏهن پاڻ 6 سالن جي هئي ۽ عائشه رضي الله عنها کان اجازت نه ورتائين. (الکافي: 4/243)

    (16) امام قرطبي (وفات: 656ھ):

    هي حديث (يعني عائشه رضي ا لله عنها جي شادي واري حديث) اجماع تي دليل آهي ته پيءُ پنهنجي ننڍڙي ڪنواري نياڻي کي نڪاح تي مجبور ڪري سگهي ٿو. (المفهم لما اشکل من تلخيص کتاب مسلم: 4/120)

    (17) امام ابو عبدالله محمد بن احمد القرطبي (وفات: 671ھ)

    جيڪڏهن ڇوڪريءَ ننڍي آهي ته ان جي رضامندي کانسواءِ به شادي ٿي سگهي ٿي ڇو ته سندن اجازت ۽ رضامندي جو ڪو اعتبار ناهي ۽ ان ۾ ڪو به اختلاف ناهي. (الجامع لاحڪام القرآن: 13/180)

    (18) امام نووي (وفات: 676ھ)

    سيده عائشه رضي ا لله عنها جو نڪاح جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: هي حديث ان معاملي ۾ صريح آهي ته پيءُ پنهنجي ننڍڙي نياڻي جو نڪاح سندس اجازت کانسواءِ به ڪري سگهي ٿو ڇو ته ننڍڙي ڇوڪري جي اجازت جي ڪا حيثيت ڪانهي. اسان جي نزديڪ ڏاڏي جي حيثيت به والد جهڙي آهي.

    اڳتي امام نووي لکي ٿو:

    مسلمانن جو انهي ڳالھ تي اجماع آهي ته پيءُ لاءِ جائز آهي ته پنهنجي ننڍڙي ڪنواري نياڻي جو نڪاح ڪرائي، جيئن هن حديث ۾ بيان ٿيل آهي. (شرح مسلم: 9/206)

    (19) شيخ الاسلام امام ابن تيميه (وفات:9-728)

    عورت جي شادي سندس مرضي کانسواءِ نه ڪئي وڃي جيئن نبي ﷺ جن جو حڪم آهي جيڪڏهن ناپسند ڪري ٿي ته کيس نڪاح تي مجبور نه ڪيو ويندو، ها مگر ننڍڙي ڪنواري ڇوڪريءَ، جيڪڏهن سندس پيءُ سندس نڪاح ڪرائي ٿو ته اُن کان اجازت نه وٺبي. (مجموع الفتاوى: 32/39-40)

    (20) امام طيبي (وفات: 743ھ)

    مسلمانن جو اجماع آهي ته پيءُ لاءِ پنهنجي ننڍڙي ڪنواري نياڻي جو نڪاح ڪرائڻ جائز آهي. (شرح الطيبي: 7/2280)

    نابالغ ڇوڪريءَ جو نڪاح ۽ شيعه علماء

    مشهور شيعه عالم سيستاني پنهنجي ڪتاب توضيح المسائل ۾ لکي ٿو:

    باپ اور دادا اپنے ابالغ لڑکے یا لڑکی (پوتے یا پوتی )یا دیوانے فرزند کا جو دیوانگی کی حالت میں بالغ ہوا ہو نکاح کرسکتے ہیں۔ (ص۳۵٦)

    شيعه حضرات جي ڪتابن، الاصول من الکافي، تهذيب الاحڪام ۽ وسائل الشيعة ۾ وري ڇوڪريءَ سان همبستري جي عمر جي حد 9 سال مقرر ڪئي وئي آهي. هي روايت پڙهندا:

    عن ابي عبداللّٰه قال: قَالَ: اذا تزوج الرجل الجارية وهي صغيرة فلا يدخل بها حتٰي يأتي لها تسع سنين

    امام جعفر صادق فرمائي ٿو:

    جڏهن ڪو ماڻهو، ڪنهن ڇوڪريءَ سان نڪاح ڪري ۽ اُها ننڍڙي هجي ته ان سان همبستري نه ڪري جيستائين سندس عمر 9 سال ٿئي. (الاصول من الکافي: 5/398، وسائل الشيعة: 7/242)

    معلوم ٿيو ته نڪاح 9 سالن کان اڳ ۾ به ڪري سگهي ٿو، همبستري 9 سالن تي ڪري. وڌيڪ ڏسندا: تهذيب الاحڪام: 7/451، من لا يحضره الفقيہ: 3/261، الخصال: ص:391، بحارالانوار: 100/172، تحرير الوسيلة: 2/380

    شيعه جي اٺين امام علي رضا کان پڇيو ويو ته هڪ ننڍي ڇوڪريءَ آهي، جنهن جو نڪاح سندس پيءُ ڪرايو پر پوءِ هو گذاري ويو ۽ ڇوڪريءَ اڃا ننڍي هئي، بعد ۾ وڏي ٿي، جنهن مرد سان نڪاح ٿيو، اُن ڇوڪريءَ سان همبستري نه ڪئي ڇا وڏي ٿيڻ کان پوءِ سندس پيءُ جو ڪرايل نڪاح صحيح آهي يا معاملو ڇوڪريءَ جي حوالي ٿيندو؟ جواب ڏنائين ته سندس پيءُ طرفان ڪرايل نڪاح جائز آهي (عيون الاخبار: 1/21، بحارالانوار: 100/173)

    موجوده دؤر جو مشهور شيعه عالم حسن الصفار (پئدائش: 1958ع) پنهنجي ويب سائيٽ تي لکي ٿو:

    ليس للزواج سن معين في الشريعة الاسلامية، فيصح اجراء عقدالزواج حتي للرضيع او الرضيعة (ڏسندا: (Www.Saffar.org

    شريعتِ اسلامي اندر شادي لاءِ ڪا به عمر معين ناهي تان جو ٿڃ پياڪ ڇوڪري يا ڇوڪريءَ جي شادي به صحيح آهي.


    موجودھ دؤر جي علماء جي راءِ

    موجوده دؤر جي علماء مان، شيخ عبدالعزيز بن باز ، شيخ احمد محمد شاڪر ، شيخ صالح بن فوزان حفظہ الله، شيخ عبدالرحمٰن بن ناصر البراڪ حفظہ الله شيخ عبدالمحسن بن حمد البدر حفظہ الله، شيخ الدڪتور عمر بن سليمان الاشقر به 18 سال کان گهٽ عمر جي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي نڪاح جا قائل آهن. تفصيل لاءِ ڏسندا: حڪم تقنين منع تزويج الفتيات صـ 57

    سعودي عرب جي مستقل ڪاميٽي براءِ فتاوى، پنهنجي هڪ فتوى ۾ ننڍي عمر جي شادي کي جائز قرار ڏنو آهي. ڪاميٽي کان هڪ سائل سوال ڪيو آهي ته منهنجي عمر 12 سال آهي، ڇا مون لاءِ نڪاح ڪرڻ جائز آهي؟ ڪاميٽي جواب ڏنو: تون لاءِ 12 سال جي عمر ۾ نڪاح ڪرڻ جائز آهي ۽ اسان منع جي ڪا به دليل نٿا ڏسون. (فتاوى اللجنة الدائمة: 18/25)

    ننڍپڻ جي نڪاح کان روڪڻ جا نقصان

    جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ننڍپڻ جي نڪاح جا نقصان آهن، انهن کي هيٺيون حقيقتون به ذهن ۾ رکڻ گهرجن.

    (1) هڪ ماڻهو ڏسي ٿو ته سندس ڇوڪرو يا ڇوڪريءَ اخلاقي اعتبار کان، تباهي ڏانهن وڃي رهيا آهن، جيتوڻيڪ بالغ به ٿي چڪا آهن، منجهن بلوغت جون نشانيون به ظاهر ٿي چڪيون آهن، جيئن: مرد کي احتلام اچڻ، عورت کي حيض اچڻ، غير ضروري وارن جو اڀڙڻ پر سندن عمر 18 سال نه ٿي آهي تنهنڪري شادي نٿي ڪرائي سگهجي، ڇو ته ملڪ جو قانون آهي، اهڙي صورت ۾ هو سندن شادي نٿو ڪرائي سگهي ۽ اولاد کي تباهي ڏانهن ويندي به ڏسندو رهي ٿو.

    (2) هڪ ماڻهو بيمار آهي، زياده زنده رهڻ جي اميد به ناهي. سندس 15 سالن جي ڇوڪريءَ آهي. ٻيو ڪو به وارث ناهي جيڪو ان ڇوڪريءَ جي سار سنڀال لهي يا وارث ته آهي پر اُن مان ڪنهن چڱائي جي اميد ناهي، اهڙي حالت ۾ هو پنهنجي نياڻي ڪنهن ديندار ۽ شريف ماڻهو کي ڏيڻ چاهي ٿو ته جيئن هو دنيا مان سڪون سان روانو ٿئي پر ملڪ جي قانون جي پيش نظر ائين نٿو ڪري سگهي. نتيجو هي نڪرندو جو سندس مرڻ کان پوءِ ڇوڪريءَ يا ته لاوارث ٿي ويندي يا ظالمن جي ور چڙهندي ۽ در در جون ٺوڪرون کائيندي رهندي.

    (3) هڪ عورت بيوه آهي ۽ سندس هڪ نياڻي آهي، اُها ئي سندس وارث آهي. عورت لاءِ پنهنجو پيٽ پالڻ ۽ عزت و ناموس جي حفاظت ڪرڻ هڪ مسئلو آهي. ڇوڪريءَ به بالغ آهي، عمر 16 سال آهي پر شادي نٿي ڪرائي سگهي ڇو ته ملڪ جو قانون 18 سال آهي. اهڙي صورت ۾ خطرو آهي ته پاڻ ۽ سندس نياڻي ڪنهن بدمعاش جي ور چڙهي وڃن.

    (4) قدرتي ڳالھ ته بالغ ٿيڻ کان پوءِ (مرد يا عورت) سندس جنسي خواهشون وڌي وڃن ٿيون. اهڙي صورت ۾ سندن خواهشن جو احترام ڪندي 18 سال کان اڳ نڪاح ڪرائڻ بهتر آهي يا بيحيائي جو خطرو برداشت ڪرڻ بهتر آهي؟ خاص طور اڄ ڪلھ جو دؤر، جيڪو ميڊيا جو دؤر آهي. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا بيحيائي پکيڙيندڙ پروگرامن ذريعي، قوم جو اخلاقي ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. فحش تصويرن ۽ پروگرامن ذريعي جذبات کي ڀڙڪايو ويو آهي. ڇا اهڙي صورت ۾ بهتر ناهي ته پيءُ ڇوڪريءَ جي بالغ ٿيڻ کان پوءِ فورًا سندس شادي جو سوچي.

    مٿي بيان ڪيل صورتون صرف فرضي ناهن بلڪه حقيقتون آهن، جن کان اسين بي خبر آهيون. عجيب ڳالھ ته جديد تهذيب 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي شادي جي مخالف آهي ليڪن بلوغت کان به اڳ جنسي تعليم ڏيڻ جي حمايتي آهي.!

    نتيجو ڇا نڪرندو؟ آمريڪا ۽ يورپ جا حالات اسان جي سامهون آهن. جتي ڪنوارين مائرن جو تعداد وڌي رهيو آهي، جن ۾ انهن ڇوڪرين جو تعداد ڪافي آهي، جيڪي عمر ۾ 18 سال کان گهٽ جون آهن.

    حرفِ آخر

    مٿئين بحث مان معلوم ٿيو ته ننڍپڻ جو نڪاح، قرآن، حديث، عمل صحابه ۽ اجماع مان ثابت آهي.

    نڪاح جو جواز ثابت آهي، اهو مقصد ناهي ته هر صورت ۾ ننڍپڻ ۾ نڪاح ڪرائڻو آهي، صرف اجازت آهي، تاڪيدي حڪم ناهي، ليڪن ان کي حرام يا ناجائز قرار نٿو ڏئي سگهجي. جيڪا شئي قرآن، حديث ۽ صحابه جي عمل مان ثابت آهي، اُها ناجائز ڪيئن ٿيندي؟

    موجوده حالات کي ڏسندي ڪوشش ڪجي ته اولاد جي بالغ ٿيڻ کان پوءِ، سندن راءِ ۽ مشوري سان نڪاح ڪيو وڃي ته جيئن بعد ۾ پيدا ٿيندڙ فسادن ۽ فتنن کان بچي سگهجي.

    جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ جو سندس والد ننڍپڻ ۾ ئي نڪاح ڪرائي ڇڏيو هو پر بالغ ٿيڻ کان پوءِ هو ان رشتي مان مطمئن ناهي ۽ ان مرد سان شادي برقرار رکڻ نٿي چاهي ته اهڙي صورت ۾ شريعت کيس حق ڏنو آهي ته ان نڪاح کي فسخ ڪرائي سگهي ٿي.

    سيدنا عبدالله بن عباس رضي الله عنهما کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن وٽ هڪ ڪنواريءَ ڇوڪريءَ هلي آئي ۽ چيائين ته سندس والد سندس نڪاح ڪرايو آهي پر هو (ان ماڻهو کي) ناپسند ڪري ٿي، رسول الله ﷺ جن ان ڇوڪريءَ کي اختيار ڏئي ڇڏيو (ته جيڪڏهن هو نڪاح ختم ڪرائڻ چاهي ٿي ته ختم ڪري سگهي ٿي) (ابوداؤد: 2096، ابن ماجہ: 1875)

    معلوم ٿيو ته جيڪڏهن ڇوڪري يا ڇوڪريءَ جو نڪاح مائٽن ننڍپڻ ۾ ڪرائي ڇڏيو، جڏهن اُهي بي سمجھ هئا پر بالغ ٿيڻ کان پوءِ شريعت کين اختيار ڏنو آهي ته جيڪڏهن چاهين ته اُهو ننڍپڻ وارو نڪاح ئي ڪافي آهي، نئين نڪاح جي ضرورت ناهي پر جيڪڏهن خوش ناهن ته اهڙي صورت ۾ ڇوڪري کي ڇوڪريءَ کي طلاق ڏيڻي پوندي ۽ جيڪڏهن ڇوڪريءَ رضامند نه هجي ته عدالت ذريعي نڪاح منسوخ ڪرائي سگهي ٿي. (مجموعہ مقالات و فتاوى علامه شمس الحق عظيم آبادي صـ 198-205)

    واضح رهي ته ننڍپڻ ۾ ڪرايل نڪاح شرعي لحاظ کان درست آهي ليڪن رخصتي لاءِ موزون وقت بالغ ٿيڻ ئي آهي. مڃون ٿا ته اسلام ننڍپڻ جي نڪاح کي جائز قرار ڏنو آهي، ان جي همت افزائي ناهي ڪئي ليڪن ان جو اهو مقصد ناهي ته مرڳو ننڍپڻ جي نڪاح کي ئي ناجائز قرار ڏيئي ڇڏجي. جيڪي ماڻهو شريعت جي جائز ڏنل ڪم کي ناجائز چون ٿا، اُهي شريعت سازي جا مرتڪب آهن. الله ۽ سندس پياري پيغمبر جي سنت جا مخالف آهن.

    الله تعاليٰ جو فرمان آهي:

    ﴿فَلْيَحْذَرِ الَّذِينَ يُخَالِفُوْنَ عَنْ أَمْرِهِ أَنْ تُصِيْبَهُمْ فِتْنَةٌ أَوْ يُصِيْبَهُمْ عَذَابٌ أَلِيْمٌ﴾ (النور: 63)

    ”جيڪي ماڻهو ان رسول جي حڪم جي نافرماني ڪن ٿا انهن کي ڊڄڻ گهرجي ته انهن کي ڪو فتنو نه پهچي يا کين دردناڪ عذاب ملي.“

    ﴿أَفَتُؤْمِنُوْنَ بِبَعْضِ الْكِتَابِ وَتَكْفُرُوْنَ بِبَعْضٍ فَمَا جَزَاءُ مَنْ يَّفْعَلُ ذَالِكَ مِنْكُمْ إِلاَّ خِزْيٌ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ يُرَدُّوْنَ إِلٰى أَشَدِّ الْعَذَابِ وَمَا اللّٰهُ بِغَافِلٍ عَمَّا تَعْمَلُوْنَ﴾ (البقره: 85)

    ”ڇا توهين ڪتاب جي ڪجھ حصي تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ڪجھ جو انڪار ڪريو ٿا پوءِ جيڪو اوهان مان اهو ڪم ڪري ان جو بدلو صرف هي آهي ته دنيا جي خواري ملي ۽ قيامت ڏينهن اُهي سخت ترين عذاب ڏانهن موٽايا ويندا. ۽ توهان جو ڪجھ ڪريو ٿا، ان کان الله غافل ناهي.“

    ﴿وَمَا كَانَ لِمُؤْمِنٍ وَلَا مُؤْمِنَةٍ إِذَا قَضَى اللّٰهُ وَرَسُوْلُهُ أَمْرًا أَنْ يَّكُوْنَ لَهُمُ الْخِيَرَةُ مِنْ أَمْرِهِمْ وَمَنْ يَّعْصِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهُ فَقَدْ ضَلَّ ضَلَالاً مُّبِيْنًا﴾ (الاحزاب: 36)

    ”۽ ڪنهن مؤمن مرد ۽ مومنه عورت کي لائق ناهي ته جڏهن الله ۽ سندس رسول ڪنهن معاملي ۾ فيصلو ڪن ته انهن لاءِ سندن معاملي ۾ ڪو اختيار باقي رهي ۽ جو الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندو ته يقيناً اُهو پڌرو گمراھ ٿيو. “

    ﴿ثُمَّ جَعَلْنٰكَ عَلٰى شَرِيْعَةٍ مِّنَ الْأَمْرِ فَاتَّبِعْهَا وَلَا تَتَّبِعْ أَهْوَاءَ الَّذِيْنَ لَا يَعْلَمُوْنَ﴾ (الجاثية: 18)

    ”پوءِ اسان توکي (دين جي) معاملي ۾ هڪ واضح رستي تي ڪري ڇڏيو پوءِ تون ان جي پيروي ڪر ۽ انهن ماڻهن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر جيڪي علم نٿا رکن.“


    ﴿وَلَنْ تَرْضٰى عَنْكَ الْيَهُوْدُ وَلاَ النَّصَارىٰ حَتّٰى تَتَّبِعَ مِلَّتَهُمْ قُلْ إِنَّ هُدَى اللّٰهِ هُوَ الْهُدىٰ وَلَئِنِ اتَّبَعْتَ أَهْوَاءَهُمْ بَعْدَ الَّذِيْ جَاءَكَ مِنَ الْعِلْمِ مَا لَكَ مِنَ اللّٰهِ مِنْ وَّلِيٍّ وَّلاَ نَصِيْرٍ﴾ (البقره: 120)


    ”۽ يهودي ۽ عيسائي توکان هرگز راضي نه ٿيندا جيستائين تون انهن جي طريقي جي پيروي نه ڪرين (اي پيغمبر) چئو بيشڪ الله جي هدايت ئي حقيقي هدايت آهي ۽ تو وٽ جو علم آيو ان کان پوءِ جيڪڏهن تو سندن خواهشن جي پيروي ڪئي ته توکي الله کان بچائڻ وارو نه ڪو حمايتي هوندو ۽ نه مددگار.“

    ﴿ يَا أَيُّهَا الَّذِيْنَ آمَنُوْا إِنْ تُطِيْعُوا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا يَرُدُّوْكُمْ عَلٰى أَعْقَابِكُمْ فَتَنْقَلِبُوْا خَاسِرِيْنَ () بَلِ اللّٰهُ مَوْلَاكُمْ وَهُوَ خَيْرُ النَّاصِرِيْنَ﴾ (آل عمران: 149-150)

    ”اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان ڪافرن جي اطاعت ڪئي ته اُهي توهان کي توهان جي کڙين تي ڦيري ڇڏيندا پوءِ توهان وڏي نقصان ۾ پئجي ويندا. (اهي ڪافر نه) پر الله اوهان جو ڪارساز آهي ۽ اُهوئي بهترين مددگار آهي.“


    ٻي شادي لاءِ پهرين زال کان اجازت جو مسئلو

    روزانه ڪاوش ۾ 1 اپريل تي سنڌ اسيمبلي جي حوالي سان خبر شايع ٿي آهي ته اسيمبلي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشن کي رد ڪيو آهي ۽ ڪائونسل کي بند ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو آهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل هي سفارش ڪئي هئي ته ٻي شادي لاءِ پهرين زال کان اجازت وٺڻ ضروري ناهي.

    شرعي نڪته نگاھ کان مرد جيڪڏهن انصاف ڪري سگهي ته هڪ کان زياده شاديون ڪري سگهي ٿو. انصاف نه ڪرڻ جي صورت ۾ هڪ زال ئي ان لاءِ ڪافي آهي. (النسآء: 3)

    جيڪڏهن هو ٻي شادي ڪرڻ چاهي ٿو ته ان لاءِ قرآن ۽ حديث ڪٿي به کيس پابند نه ڪيو آهي ته هو پهرين زال کان اجازت وٺي. اهڙي شئي کي لازم بنائڻ، قرآن ۽ سنت جي منافي آهي، ها البته خوشگوار زندگي گذارڻ لاءِ ۽ فتنن، فسادن کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن گهروارو، پهرين گهرواري کي اعتماد ۾ وٺي ۽ ساڻس مشورو ڪري ته اها شئي، حالات جي پيش نظر بهتر آهي. ڏسندا: (فتاوى اسلاميه: 3/230 ۽ فتاوى اصحاب الحديث: 3/328)

    شريعت جي هر قانون ۾ حڪمت آهي ڇو ته شريعت کي بنائڻ وارو، ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ آهي. جيڪڏهن پهرين گهرواريءَ جي اجازت کي لازم قرار ڏنو وڃي ته ان سان اگرا نتيجا نڪرندا. پهرين زال ڪڏهن به نه چاهيندي ته سندس بادشاهي ۾ ٻي ڪا عورت به شامل ٿئي. نتيجو ڇا نڪرندو جو مڙس، جنهن تي ٻي شادي جو ڀوت سوار آهي اُهو يا ته پهرين زال کي طلاق ڏيندو يا وري کيس مارڻ جي ڪوشش ڪندو. ٻنهي صورتن ۾ پهرين زال جي زندگي تباھ ۽ برباد آهي. ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن هو پنهنجي دل تي پٿر رکندي مڙس کي ٻي شادي جي اجازت ڏئي ڇڏي ته ان سان سندس گهرواري جي نظرن ۾ عزت واري ٿي ويندي ۽ عين ممڪن آهي ته اڳتي هلي هو ٻي زال کان به وڌيڪ مڙس کي محبوب بنجي وڃي. بهرحال اهڙي شئي کي لازم قرار ڏيڻ، جنهن کي شريعت لازم قرار نه ڏنو آهي، شريعت سازي آهي. اسان جا حڪمران ۽ چونڊيل نمائندا ياد رکن ته هي زندگي چند ڏينهن جي زندگي آهي. ائين نه ٿئي جو قرآن ۽ حديث خلاف قانون سازي ڪرڻ تي قيامت ڏيهاڙي کين مجرم جي حيثيت سان کڙو ڪيو وڃي.

    يهود ۽ نصاريٰ کي راضي ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي ملڪ ۽ خالق کي راضي ڪيو وڃي، جنهن جي هٿ م هر شئي آهي. اسان اڳي ئي مختلف فتنن ۽ فسادن جو شڪار آهيون، ائين نه ٿئي جو مصيبتون ۽ پريشانيون اڳي کان زياده ٿي وڃن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو