روپوش حليم بروهي .......... هيءَ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ پوليس عملدار روپوش ٿيل ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پنهنجي ماتحت عملي تي زور ڀري ٿو. پر هو پاڻ ڪيترن ئي ڏوهارين کي ماري انهن کي روپوش ڏيکاريندو رهي ٿو. ......... مون روپوشن جي لسٽ تي نظر ڊوڙائي. ٻه سؤ کان وڌيڪ نالا هئا لسٽ ۾. منهنجو ٽيمپر لوز ٿيڻ لڳو. جنهن ضلعي ۾ ٻه سؤ روپوش هجن، تنهن ضلعي جا پوليس آفيسر يا ته رشوتي هئا، يا نااهل هئا. مان اٿيس ۽ لسٽ کڻي ڪانفرنس روم ڏانهن روانو ٿيس.منهنجي وک تکي هئي، تنهنڪري اردلي ڊڪندو منهنجي اڳيان هليو. ڪانفرنس روم جو اردليءَ تڙتڪڙ ۾ در کوليو، ۽ در مان اندر داخل ٿيندي مون ڪَرڙي نظر صوبيدارن تي ڦيرائي جيڪي ٽپ ڏئي ڪرسين تان اٿي کڙا ٿيا هئا. لسٽ ٽيبل تي رکي مون ان تي پنهنجو هٿ رکيو، ۽ صوبيدارن تي نظر ڊوڙائيندي مون چيو ته ”ٻين ڳالهين تي مان ڪنهن ٻي ميٽنگ ۾ ڳالهائيندس. هن لسٽ ۾ مون وٽ انهن روپوشن جا نالا آهن جيڪي حيدرآباد ضلعي جي مختلف ٿاڻن کي ڪيسن ۾ گهربل آهن. هن لسٽ ۾ ٻه سؤ نالا آهن. ٻه سؤ نالا گهٽ ڪينهن. تمام گهڻا آهن. جنهن ضلعي ۾ ٻه سؤ ائبسڪانڊر هجن تنهن ضلعي جا پوليس آفيسر يا ته رشوتي آهن يا نا اهل آهن. جيڪڏهن اوهان رشوتي به نه آهيو ۽ نا اهل به نه -آهيو، ته پوءِ هي ٻه سؤ روپوش ڇو اڃان هن لسٽ تي آهن؟ اها ائبسڪانڊرس جي لسٽ هر هڪ ٿاڻي تي هوندي آهي. هر هڪ ٿاڻي تي هنن ائبسڪانڊرس جا فوٽا هوندا آهن. مان ڊائريڪٽ ايس. پي. ڀرتي نه ٿيو آهيان. مان صوبيداريءَ مان چڙهي ايس. پي ٿيو آهيان. مون کي خبر آهي، ته صوبيدارن کي خبر هوندي آهي، ته سندن تَر ۾ ڪهڙا روپوش رهندا آهن ۽ ڇا ڪندا آهن. مان ڪنهن جي به ايڪسپلينيشن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان. مان پاڻ به رشوت نه ٿو وٺان. مون کي صاف ۽ ڪلين ائڊمنسٽريشن کپي. روپوشن جي پشت پناهي بند ڪريو. هن لسٽ تي جيڪي ماڻهو آهن، سي هڪ مهيني اندر گرفتار ٿيڻ گهرجن. هن لسٽ جي ڊيگهه اوهانجي ۽ منهنجي آفيسريءَ تي داغ آهي. ايندڙ مهيني جيڪا ميٽنگ ٿيندي، تنهن ۾ مان وري به اها لسٽ ڏسندس. ڪوبه ائبسڪانڊر آزاد نه رهي. هر هڪ روپوش گرفتار ٿيڻ گهرجي. ايندڙ مهيني واري ميٽنگ کان اڳ هيءَ لسٽ ختم ٿيڻ گهرجي. هر ڪو پنهنجي ٿاڻي وڃي، ۽ پنهنجي حد ۾ رهندڙ روپوش لاڪ اپ ڪري. ڪوتاهيءَ تي مان اوهانکي رورٽ به ڪندس ۽ سسپينڊ به ڪندس. اڄ مان ڪنهن به ٻئي ڪم جي باري ۾ نٿو ڳالهايان. ايندڙ مهيني کان اڳ هي ائبسڪانڊرس لسٽ ختم ٿيڻ گهرجي.“ لسٽ هٿ ۾ کڻي مان موٽي پنهنجي آفيس آيس. هاڻي منهنجو ٽيمپر آهستي آهستي لهڻ لڳو. پنهنجو پاڻ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ، ڪجھه نه ڪجھه ڪرڻ جي بهاني مون لسٽ تي ائين ئي نظر ڊوڙائي. ٻن سوَن نالن جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿي پهرين نمبر تي ٽنڊي ڄام ٿاڻي جي ويهه سال پراڻي روپوش الله ڏني جو نالو هو. لکيل هو- ’الله ڏنو، ولد رحيم ڏنو، ڪاٺير، ويهن سالن کان روپوش، ٽنڊي ڄام ٿاڻي کي ايف. آءِ. آر نمبر 1930/322 ۽ 1930/401 ۾ گهربل.‘ هي اهو ئي الله ڏنو هو. هن جو نالو ويهن سالن کان پوءِ به ائبسڪانڊرس لسٽ تي چڙهيل هو. ويهه سال اڳ مان ٽنڊي ڄام ٿاڻي تي صوبيدار هوس جتي ڪن همراهن الله ڏني ڪاٺير کي جھلي آڻي اسان حوالي ڪيو، ۽ فرياد لکايائون ته الله ڏني ڪاٺير ۽ سندس ڪنهن همراهه سندن گهر کي کاٽ پئي هنيو ته مالڪ سجاڳجي پيا. سندس همراهه ته ڀڄي ويو؛ پر الله ڏنو جھلجي پيو. اهو فرياد مون ايف. آءِ. آر بڪ ۾ داخل ڪيو ۽ پوءِ لڳس الله ڏني ڪاٺير تي محنت ڪرڻ، ته پنهنجي همراهه جو نالو ٻڌائي. پهرين مون الله ڏني کي گشا پتا هنيا؛ پر الله ڏني نالو نه ٻڌايو. پوءِ مون الله ڏني کي خاطري ڏني، ته مان سندس همراهه کي گرفتار نه ڪندس؛ پر الله ڏني نالو نه ٻڌايو. مون الله ڏني کي واعدو ڏنو ته مان کيس ڪيس مان به ڇڏائيندس؛ پر هو هوڏ تان نه لٿو- سو پوءِ مون کنيو پادر ۽ اچي کيس ورتم. بوٽ جا ٿُڏا ۽ لتون وغيره هو سهي ويو، ۽ لڪڻ چهبڪ هو سهسائي ويو. همراهه جي نالي ٻڌائڻ کان صفا نابري واري ويٺو. مان به هوس ضدي، سو ٽي ڏينهن ساندهه، صبح شام ۽ ڏينهن رات ماريندو رهيو سانس. هن پنهنجي ساٿيءَ جو نالو ته نه ٻڌايو؛ پر پاڻ به اوچتو مري ويو. منهنجي مار مشهور هئي؛ پر هي پهريون ڀيرو هو، جو ڪو قيدي منهنجي مار ڪري ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ ئي مري ويو هو. هڪڙو سڄو ڏينهن لاش لاڪ اپ ۾ پيو رهيو ۽ مان ٿاڻي ۾ ويٺو رهيس. شام آئي، رات ٿي، ۽ پوءِ صبح ٿيو؛ پر انهيءَ وچ ۾، رات جي اوندهه ۾، مون ۽ منهنجي ماتحت عملي، الله ڏني جو لاش ٿاڻي پويان کڏ کوٽي دفنائي ڇڏيو هو. سوير منهنجو جمعدار هڪ ٻه سپاهي وٺي ٿاڻي سامهون هوٽل ۾ وڃي ويٺو، ۽ چانهه پيئندي، هوٽل ۾ ويٺل ماڻهن سان ڪچهري ڪندي، شوشو ڇڏي آيو، ته شام جو جوابدار الله ڏني کي حيدرآباد وٺي وڃبو جتي ٻئي ڏينهن صبح جو هن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻو آهي. ويهه سال اڳ ٽنڊوڄام ننڍو ڳوٺ هو، جنهن ۾ هڪ ٻه ننڍيون هوٽلون هيون. اهو جمعدار وارو شوشو ڪافي هو، ۽ شام تائين اها ڳالهه عام ٿي وئي، ته اڄ الله ڏني کي حيدرآباد وٺي ويندا. شام جو سج لهڻ کان اڌ منو ڪلاڪ اڳ، چار پنج سپاهي ڊريسن ۾ گهوڙن تي سوار ٿيا، ۽ انهن جي وچ ۾ هڪڙي گهوڙي تي، هڪڙو سپاهي مٿان ڪيل اجرڪ ۾ پنهنجو منهن ۽ ڊريس لڪائي ائين ويٺو، جيئن ڏسندڙ سمجھن، الله ڏني کي پوليس حيدرآباد وٺيو پئي وڃي. اهي گهوڙن تي سوار پوليس وارا، جڏهن ٿاڻي جي احاطي مان نڪري رستي تي آيا، تڏهن سامهون واريءَ هوٽل ۾ اسان جي هڪڙي سپاهيءَ به ڳالهين ڪندي گهوڙي سوارن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، پوليس الله ڏني کي سڀاڻي ڪورٽ ۾ چالان ڪرڻ لاءِ وٺيو پئي وڃي. ٿورڙو اڳتي هلي، اجرڪ واري سپاهيءَ گهوڙي کي اڙي هڻي تکو ڪيو، ۽ گهوڙو ڊوڙائي اڳيان نڪري ويو. ٻين سوار سپاهين ’الله ڏنو ٿو ڀڄي، جھليوس‘ چوندي پنهنجا گهوڙا ان سپاهيءَ پويان ڊوڙايا. هوٽل تي ويٺل ماڻهن به سمجھيو ته الله ڏنو ٿو ڀڄي، سو اٿي ماڻهن کي سڏ ڪرڻ لڳا، ته الله ڏني کي جھلڻ ۾ پوليس جي مدد ڪن. اَجرڪ واري سپاهيءَ وڻن پويان اجرڪ لاهي گهوڙي جي سنجن ۾ لڪائي، ۽ پوءِ پاڻ به الله ڏني جي ڳولها ۾ شامل ٿي ويو. اوندهه ٿيڻ تي سپاهي موٽي ٿاڻي تي آيا، ۽ مون ايف. آءِ. آر بڪ ۾ داخلا ڪئي ته ڪيئن جوابدار الله ڏنو پوليس ڪسٽڊي مان ڀڄي ويو. ائين الله ڏني ڪاٺير جو نالو ائبسڪانڊرس لسٽ تي آيو ۽ پوءِ جيڪا سال به سال جيڪا نئين لسٽ ٺهندي وئي، تنهن ۾ هن جو نالو هوريان هوريان مٿي چڙهندو ويو. هي اهو الله ڏنو ڪاٺير هو، جنهن جو نالو مون اڳيان پيل لسٽ ۾ پهرين نمبر تي هو. مون ڳاڙهي مس واري پين سان لسٽ ۾ لکيل الله ڏني جو نالو ڪاٽي ان تي پنهنجي صحيح وڌي، ۽ پوءِ ايندڙ ميٽنگ ۾، يا ڪنهن به ٻي ميٽنگ ۾، مون ائبسڪانڊرس لسٽ جو نالو به نه ورتو. مان ڪيئن ٿي اعتبار ڪري سگهيس، ته انهيءَ ائبسڪانڊرس لسٽ مان ڪو هڪڙو روپوش به جيئرو هوندو!