زاهد حسين ”ڪنهن ليڊر جي سڀ کان اهم خاصيت اها هوندي آهي، جنهن کي هر شخص تسليم ڪري.“ آندروي موروائي بدقسمتيءَ سان، اسان جي ٽئين ڀيري چونڊيل وزيراعظم ۾ اها خصوصيت نٿي ڏسجي. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن اسان جون فوجون عسڪريت پسندن سان هڪ نهايت خطرناڪ جنگ ۾ مصروف آهن ۽ لکين ماڻهو اتر وزيرستان ۾ پنهنجي گهرن کان بي گهر ۽ انتهائي مشڪلاتن جو شڪار آهن. اسان جا اڳواڻ روحاني فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ڀلي پار جا دورا ڪرڻ ويل هُئا. اُنهن جي مذهبي عقيدتمندي جي جذبي تي اعتراض ڪرڻ جو ڪنهن کي حق ناهي، پر هڪ اڳواڻ طور ماڻهو کانئن پنهنجي انهن فرضن تي توجه ڏيڻ جي اميد ڪندا آهن، جنهن جي لاءِ هنن کين چونڊيو آهي. اها يقينن هڪ اهڙي مُلڪ جي لاءِ نارمل صورتحال ناهي جيڪو هڪ تڪراري ۽ اُن جي نتيجي ۾ شديد انساني بحران جي زد ۾ آهي. اهڙي مشڪل وقت ۾ طويل عرصي تائين مُلڪ کان پري رهڻ ۽ اُهو به ذاتي غرض جي لاءِ، اهو ظاهر ڪري ٿو ته حڪمراني اُنهن جي ترجيحي فهرست ۾ ڪيتري هيٺاهين درجي تي آهي. ڇا اسان جي ليڊرن کي پنهنجي ذاتي نجات ۽ بخشش بجاءِ مُلڪ ۾ قومي سلامتي جي مشڪل مسئلن کي مُنهن ڏيڻ جي لاءِ هتي موجود هُجڻ نه گهربو هو؟ ڪنهن ٻئي مُلڪ ۾، هڪ ليڊر ڪٺن حالتن ۾ پنهنجي ماڻهن سان گڏ رهڻ پسند ڪندو، پر نواز شريف جي معاملي ۾ ائين ناهي. جنهن کي بهتر طور تي هڪ ’پارٽ ٽائيم ليڊر‘ جيان بيان ڪيو ويندو آهي، جنهن کي رياست جا معاملا هلائڻ ۾ تمام گهٽ دلچسپي آهي. انهيءَ سبب هيءَ ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي ته سندس پارٽي جي مقبوليت ۾ ايتري ٿوري عرصي ۾ تمام تيزيءَ سان گهٽتائي آئي آهي. يقيني طور تي، ڪنهن به حڪمران جي لاءِ عوامي مقبوليت جي اُن درجي کي برقرار رکڻ مشڪل هوندو آهي جنهن جي بنياد تي هو اقتدار ۾ ايندو آهي. تنهن هوندي نواز شريف جي مقبوليت ۾ ايتري لاٿ ۽ اها به اُن جي حڪومت جي ٽئين دور جي پهرين سال اندر، سا پاڪستاني پيماني سان به هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي. جيڪڏهن عوامي راءِ تي ڀروسو ڪيو وڃي ته. پاڪستان تحريڪ انصاف کان گهڻو پوئتي، هي پارٽي عوامي مقبوليت ۾ پ پ پ کان به پوئتي رهجي وئي آهي. ويجهڙ ۾ ٿيل سروي مطابق جيڪا هيرالڊ/ايس ڊي پي آءِ ڪرائي هُئي، صرف 17 سيڪڙو ماڻهن چيو ته جيڪڏهن اڄ چونڊون ڪرايون وڃن ته پي ايم ايل (ن) کي ووٽ ڏيندا. اُن جي مقابلي ۾ 33 سيڪڙو پي ٽي آءِ جي لاءِ ۽ پ پ پ جي لاءِ 19 سيڪڙو، جنهن جو گذريل چونڊن ۾ مڪمل صفايو ٿيو هو. مقبوليت ۾ ايتري گهٽتائيءَ تي تعجب ناهي، جنهن جو سبب اُن جي ڪمزور ڪارڪردگي ۽ حڪمراني جو انداز آهي. اُن جي لاءِ مُلڪ جي حيثيت هڪ باضابطه ڪارگر جمهوري اداري جي بجاءِ هڪ خانداني ڪمپني جيان آهي. سڄي طاقت خاندان جي ڪجهه ميمبرن جي هٿن ۾ آهي. ۽ هاڻ هڪ باصلاحيت ڌيءَ جي تربيت موزون وارث بڻائڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. پارٽيءَ جو ڪو تنظيمي ڍانچو موجود ناهي ۽ سڀئي فيصلا صرف شريف صاحب جي مرضي سان ڪيا وڃن ٿا. باقي سڀني کي الڳ ٿلڳ ڪري ڇڏڻ سبب پراڻن ۽ بزرگ پارٽي ميمبرن ۾ شديد غلط فهميون جنم وٺي رهيون آهن. هڪ ڀيري ته، آصف علي زرداري به درست ثابت ٿيو، جڏهن هُن چيو ته ماڻهن نواز شريف کي وزيراعظم بڻجڻ لاءِ ووٽ ڏنو هو، بادشاهه بڻجڻ لاءِ نه. ۽ اها بادشاهت لاهور مان راڄ ڪري ٿي، جتي شريف صاحب گهڻي ڀاڱي اُن وقت هوندو آهي، جڏهن هو پاڪستان کان ٻاهر ناهي هوندو. مُلڪ جا باقي حصا اُن جي لاءِ وجود نٿا رکن. بار بار پُڇيو ويندڙ سوال هي آهي ته موجوده شريف حڪومت وزيراعظم جي پوئين حڪومتن کان ڪهڙي حساب ۾ مختلف آهي؟ جواب تمام آسان آهي، هيءَ اُنهن کان گهڻي بدتر آهي. نواز شريف ۾ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، جهڙيءَ ريت هڪ سياسي ليڊر جو چوڻ هو، ”اُن جي اندر ۾ باهه ناهي.“ تنهن هوندي طاقت جي آڪڙ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمي ناهي آئي. ماڊل ٽائون جو سانحو ۽ پوليس جو تشدد، نواز شريف جي حڪومت جو طرهُ امتياز آهي. طاهر القادري جي آمد تي اُن جي انتظاميا جو دهشت زده ردعمل شريف حڪومت جي وڌندڙ سياسي بيگانگي جو ثبوت آهي. اقتدار ۾ انهن جو پهريون سال مايوس ڪُن آهي. ايتري ناڪاره ليڊرشپ جو مثال مشڪل سان ملندو، جنهن ۾ ڪنهن دورانديشي جي ڪا جهلڪ نه هُجي. پارليامينٽ سان اُن جي لڳاءُ جو مثال گذريل 14 مهينن ۾ سندس گهٽ حاضري مان ٿيندو آهي. نتيجي طور پارليامينٽ هڪ اهڙو فورم بڻجي ويو آهي، جتي اهم پاليسيون ۽ مسئلن تي ڪو بحث ناهي ٿيندو. نواز شريف اقتدار ۾ واپس آيو ان واعدي سان گڏ هو ته پاڪستان کي اقتصادي بحالي ۽ بهتر حڪمراني جي رستي تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو. پر اُن جي ترقي جي باري ۾ سوچ ميٽرو بس ۽ موٽر ويز تائين ئي محدود آهي. يقينن، اُن جي حڪومت محدود مدت جو اقتصادي استحڪام ته ڪنهن حد تائين حاصل ڪيو آهي، پر بنيادي ڍانچي ۾ اصلاحات جي عدم موجودگي ۾ ڊگهي مدي وارين ترقياتي اسڪيمن تي ڪم مشڪل ئي لڳي ٿو. مسئلو هيءُ آهي ته اُن جي نظر ۾ معيشت ۾ بهتري جو پيمانو هي آهي ته غير مُلڪي زر مبادله ۽ رپئي جي قيمت ۾ بهتري اچڻ ڪافي آهي. ۽ جنهن طريقي سان وزارت خزانه معيشت ۾ واڌاري جي انگن اکرن کي چالاڪي سان پنهنجي مرضي مطابق بڻايو، ته جيئن معيشت جي باري ۾ هڪ مثبت تصوير پيش ڪري سگهجي، پر جڏهن آءِ ايم ايف کي اصلي انگ اکر ڏنا ويا ته انهيءَ ڪوڙ تان پردو کڄي ويو. پي ايم ايل (ن) جي مقبوليت جي درجي ۾ گهٽتائي جو هڪ وڏو ڪارڻ توانائي جي بحران کي مُنهن ڏيڻ ۾ حڪومت جي مڪمل ناڪامي به آهي. حڪومت جي توانائي جي پيداوار ۾ اضافي وارين دعوائن جي باوجود لوڊ شيڊنگ ۾ ڪنهن به نموني گهٽتائي ناهي آئي. گهڻي ٽال مٽول کان پوءِ، آخرڪار ميان نواز شريف اُتر وزيرستان ۾ فوجي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو، پر اڃا به هو اُن ضروري مهم جي پوري ذميداري قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، ايستائين جو بي گهر ماڻهن جي ذميداري به فوج جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. جيڪا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ خطري واري آهي اُها حڪومت جو وڏن شهرن ۾ فوج جي ذريعي اهم عوامي هنڌن جي حفاظت جو فيصلو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ آئين جي شق 245 مطابق فوج کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جو مقصد سويلين حڪومت جي ذميداري کان مڪمل طور تي هٿ ڌوئي وٺڻ جي مترادف آهي. فوج جي شهرن ۾ لا اينڊ آرڊر برقرار رکڻ جي ذميواريءَ جو مطلب بتدريج فوجي قبضو به ٿي سگهي ٿو. هي تقريبن 1998ع جي عمل کي ورجائڻ جي برابر آهي، جڏهن شريف حڪومت فوج کي هر ڪم لاءِ استعمال ڪرڻ جو رواج شروع ڪيو هو، جنهن جي شروعات بجلي جا ميٽرن چڪاسڻ کان ڪئي وئي هُئي. بظاهر اهوئي لڳي ٿو ته ماضي مان ڪو به سبق ناهي سکيو ويو. مُلڪ کي درپيش ڳنڀير مسئلن کي مُنهن ڏيڻ هڪ پارٽ ٽائيم ليڊرشپ جي وس جي ڳالهه آهي به نه!