ڪنهن به سماج ۾ رهندڙ قومون، ڪُڙم ۽ قبيلا ان سماج جي ڀڃ ڊاهه ۽ ٿيندڙ نقصان جا به اوترا ئي ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن جيترا ان سماج جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سندن حصو هوندو آهي، اهو قطعي ممڪن ناهي ته ڪا قوم سماج جي اڏڻ ۽ ان جي ترقي جي معاملي ۾ ته ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چوي ته ان ترقي ۾ اسان جي جدوجهد شامل آهي پر ڪنهن اڻ ٿيڻي واقعي جي ٿيڻ تي پاسو ڪري بيهي رهي ته ان سان اسان جو واسطو ناهي ۽ نه ئي اسان ان نقصان جا ذميوار آهيون. ائين ڪرڻ هڪ اجايو ۽ خود غرضاڻو عمل چئبو ڇوته سماج ۾ رهندڙ سڀئي قومون، ڪڙم ۽ قبيلا ٿيندڙ هر تبديلي جا هڪ جيترا ذميوار ۽ ڌڻي آهن. اسان وٽ سنڌ ۾ ڪيئي قومون، ڪڙم ۽ قبيلا صدين کان آباد آهن جن هتي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي گڏوگڏ وقت به وقت سنڌ تي ايندڙ پريشانين ۽ مصيبتن کي به منهن ڏنو آهي، ائين ڪوبه نه چوندو ته سنڌ ڪنهن هڪ قوم، ذات يا مذهب وارن جي ملڪيت آهي، اسان سڀني قومن، ذاتن ۽ مذهبن وارا هن سنڌ جا وارث آهيون ۽ هتي جي هر بري ڀلي جا ذميوار آهيون، جيئن سنڌ ۾ صدين کان هندو مسلمان گڏ رهي رهيا آهن ورهاڱي کان اڳ هتي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ هندوئن جو وڏو ڪردار هو. ورهاڱي مهل جيڪي هندو هتان ويا تن جي ڪري سنڌ کي نقصان به ڪافي پيو پر جيڪي هتي رهيا انهن هتي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکيو، انهن کي هتي ڪنهن به قسم جي پريشاني پيش نه آئي ڇوته سنڌ ۾ مذهبي حوالي سان تنگ نظري موجود نه هئي، هندو مسلم جو ڪو جهيڙو موجود نه هو. سنڌ ۾ پکڙيل موجوده بدامني جي لهر خبر ناهي ڪڏهن پيدا ٿي، سدائين کان ڌاڙيلن جا قصا ٻڌندا آيا آهيون پر هاڻي جيڪا “جديد” دهشتگردي شروع ٿي آهي ان جو زور به سنڌ ڏانهن گهڻو آهي، سنڌ ۾ رهندڙ سمورا ماڻهو ان دهشتگردي جو شڪار آهن ڪراچي کان ڪشمور تائين اهڙي قسم جي دهشتگردي موجود آهي، سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڏهه ڪلو اٽي خاطر ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، بک، بيروزگاري ۽ بدحالي وڌڻ جي ڪري ماڻهو قتل جون وارداتون، ڦرون ۽ ڌاڙا هڻي رهيا آهن ۽ اهي ڏوهاري ڪارروائي ڪرڻ مهل نه مذهب پڇندا آهن نه ذات نه ئي قبيلو پڇندا آهن، دهشت پکيڙڻ وارن جو نه ڪو مذهب هوندو آهي نه انهن جي ڪا ذات هوندي آهي نه ئي انهن جو ڪو قبيلو هوندو آهي انهن جو مقصد فقط دهشت ۽ خوف پکيڙڻ هوندو آهي جنهن ۾ هو ڪافي قدر ڪامياب ويندا آهن، اسان وٽ سنڌ ۾ به گهڻي عرصي کان رنگ ۽ نسل جي فرق کان سواءِ دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي جنهن سان بدامني جنم ورتو آهي. انهي بدامني جو شڪار عام توڙي خاص، مرد توڙي عورت، ٻار توڙي ٻڍي، غريب توڙي امير، هاري توڙي زميندار ۽ هندو توڙي مسلمان سڀ ٿي رهيا آهن، دهشتگرد بنا رنگ ۽ نسل ڏسڻ جي سڀني کي نشانو بڻائي رهيا آهن، روز اخبارون اهڙين خبرن سان ڀريل هونديون آهن جن ۾ ڪٿي ڪنهن معصوم ٻارڙي سان ڏاڍائي ٿيل هوندي آهي ته ڪٿي ڪا عورت اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل هوندي آهي ڪٿي ڦرلٽ ٿيل هوندي آهي ته ڪٿي وري ڪنهن جو ناحق قتل ٿيل هوندو آهي، اهي سڀئي واقعا مذمت جوڳا آهن پر ڪيڏو نه غلط چئبو جو انهن مان ڪا هڪ متاثر ڌر اٿي بيهي چوي ته مونکي خاص طور تي نشانو بڻايو پيو وڃي ان لاءِ سڀني کي ڇڏي مونکي تحفظ ڏيو ٻي صورت ۾ اسان سنڌ مان لڏي وينداسين!!!، اهو ڪو زميندار چوي، هاري چوي، عورت چوي، ٻارڙي چوي، عام ماڻهو چوي ته به غلط آهي پر اسان وٽ اسان جا هندو ڀائر، جيڪي هتي ئي ڪاروبار ٿا ڪن، هتي ئي رهن ٿا، هتي ئي سندن مرڻا پرڻا ۽ خوشيون غميون آهن، هن ئي زمين جو سينو چيري هر هلائي روزگار حاصل ڪندا آهن، سندن ڳوٺ، قبيلا، مٽ مائٽ سڀ هتي آهن پر اهي سنڌ ۾ هلندڙ بدامني جو ذري فيصد به زميوار ناهن ۽ نه صرف زميوار ناهن پر لکن جي تعداد ۾ سنڌ ۾ هجڻ باوجود سندن انگل آهي ته انهي بدامني جي باهه جي ذري به کين سيڪ نه لڳي ۽ هو ڪنهن به صورت ۾ ان مان متاثر نه ٿين، جيڪر ڪو دهشتگرد کين نقصان رسائيندو آهي ته هو يڪدم هندو مسلمان جو راڳ ڳائڻ شروع ڪندا آهن، ڪنهن هندو جي مرڻ کي هو هندوئن خلاف سازش جو حصو قرار ڏيئي سنڌ مان لڏي وڃڻ جي ڌمڪي ڏيندي دير ناهن ڪندا!!!!! گذريل ڪيتري ئي وقت کان سنڌ ۾ حصيداري ۽ مالڪ هجڻ جي حام هڻڻ وارن هندوئن جي اهڙي سوچ عجيب آهي، پنهنجي ئي گهر ۾ تحفظ جو مطالبو ڪندڙ، معاف ڪجو مالڪ يا ڌڻي ناهي هوندا بلڪه اهي مهمان هوندا آهن، ڇوته اهڙي سوچ ڪنهن مهمان جي ئي ٿي سگهي ٿي ته سندس مڪمل تحفظ هجي، عزت ۽ احترام هجي، ميزبان جي گهر جي معاملن ۾ هو ڪنهن به صورت ۾ ملوث ٿيڻ ناهي چاهيندو ۽ جيڪر کيس تڪليف پهتي ته هو ميزبان جو گهر ڇڏي هليو ويندو آهي! باقي اها ته مڪمل خودغرضي ۽ خود مطلبي چئبي ته سنڌ جا هندو هتي ڪاروبار ته ڪن، هتان ملڪيتون ڪمائين باقي بدامني جي باهه ۾ ڀلي ٻي سنڌ سڙي پر هندوئن جو وار به ونگو نه ٿئي!! سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ هندو رهن ٿا جيڪي صدين کان هتي جا رهاڪو آهن پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سنڌ ۾ جيڪا بدامني جي باهه ٻري ان جي گرمي به هندوئن کي نه لڳي؟ اسان سڀ هن سنڌ جا رهاڪو آهيون هتي جي سردي گرمي جا ڀاڱي ڀائيوار آهيون جيڪر ڪنهن شهر ۾ ڪنهن هندو واپاري کان ڀتو وٺجي ٿو مسلمان واپاري به ساڳيو عذاب ڀوڳين ٿا، جيڪر ڪو وڏيرو ڪنهن هندو هاري تي ناحق ٿو ڪري ته مسلمان هاري به ساڳئي آزار ۾ هوندو آهي پر اسان جا هندو دوست اهڙن واقعن کي هڪ ئي نظر سان ڏسڻ بجاءِ مذهبي نظر سان ڏسڻ شروع ڪندا آهن کين هندوئن سان ٿيندڙ زيادتي ئي نظر ايندي آهي باقي ٻيا سنڌي جهڙوڪر انسان ئي ناهن هوندا!! سوين مسلمان ناحق مرن ٿا پر انهن ۾ ڪڏهن ڪو هندو شامل هوندو آهي ته يڪدم هندو مسلمان جو راڳ شروع ڪيو ويندو آهي جيڪو سراسر غلط آهي، سنڌ مان هندوئن کي جيڪر ورهانڱي واري وقت وانگر سنڌ مان لڏي وڃڻ جو شوق آهي ته هو ڪو ٻيو گس اختيار ڪن باقي صوفين جي هن سرزمين کي هندو مسلمان جي ور نه چاڙهين، کين سمجهڻ گهرجي ته سندن سنڌ مٿان هن وقت انتهائي ڏکيو وقت گذري رهيو آهي هتي دهشتگردن جو راڄ قائم ٿي چڪو آهي جن هٿان ڪا مسجد، مندر، امام بارگاهه، دارگاهون ۽ اسڪول محفوظ ناهن، سندن نشانو سنڌي ماڻهو آهن هندو ناهن، سنڌ جي هندوئن کي به هڪ سنڌي وانگر سوچڻ گهرجي کيس اهو نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ ۾ تنگ نظري ۽ انتهاپسندي جي گنجائش ناهي صدين کان هتي جا هندو آزاد آهن هتي انهن سان ڪو واقعو پيش ايندو آهي ته سڀئي انهن سان گڏ هوندا آهن پر خدارا سنڌ ۾ موجود بدامني کي هندو مسلم فسادن جو نالو ڏيئي سنڌ جي صدين کان موجود سڃاڻپ ۽ صوفي ازم کي داغدار نه بڻايو جيڪر اوهان کي سنڌ کان سهڻو ماڳ ڪو ٻيو سُجهي ٿو ته ڀلي هليا وڃو باقي ائين سڄي سنڌ کي خوار ڪرڻ اوهان کي نٿو جڳائي!!! قومپرست ڌرين جي غيرذميواراڻي سياست موجودهه بدامني جي باهه ۾ سڄي سنڌ ٻري رهي آهي ان سلسلي ۾ قومپرست ڌرين جو ڪردار ڊرامائي نظر ايندو آهي روز سنڌ ۾ ڪيترائي قتل ٿي رهيا آهن پر جڏهن ڪو پيسي وارو هندو قتل ٿيندو آهي ته قومپرست انتهائي غيرزميواراڻو رويو اختيار ڪندي ان کي هندوئن خلاف سازش قرار ڏيندا آهن. ساڳيا قومپرست سنڌ ۾ ٻين واقعن تي خاموشي اختيار ڪرڻ مناسب سمجهن ٿا پر جتي سنڌ خوار ٿيئي، سنڌ جي شناخت داغدار ٿيئي ٿي اُتي اهي قومپرست اڳي کان اڳرا هوندا آهن، جيڪر ڪنهن هندو جو قتل ٿيندو آهي ته ان جو ردعمل ڏيڻ ڏوهه ناهي پر ان واقعي کي هندو دشمني ڏانهن کڻي وڃڻ ڪهڙي سياڻپ چئبي؟ قتل ڪو به ٿئي ان جو مذمت ٿيڻ گهرجي پر هندوئن جي قتل کي انهن خلاف سازش قرار ڏيڻ غلط عمل آهي پر قومپرست ڌريون سستي شهرت خاطر اهڙا بيان جاري ڪري نگرت جي باهه کي ڀڙڪائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
قومپرستن ۾ به ڌڙا ٿي ويا آهن، هڪڙا صوفي ازم کي خوار پيا ڪن ٻيا سنڌ ۾ هندو_مسلم تڪرار جي ٻرندڙ باهه کي ڀڙڪائڻ ۾ مصروف آهن. سنڌ جي هڪ مشهور قومپرست پارٽي جي چيئرمين لاڙڪاڻو ۾ ٿيل مندر حملي خلاف وڏا پوسٽر ٺهرائي ، تمام گهڻو گند ڪيو، ڪجهه ڏينهن بعد مون پڇيومانس ته ”وڏا ڏيو خبر مندر حملي جا جوابدار گرفتار ٿيا؟“ جواب ۾ چيائين ته ”پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي ها گهوڙا ها گهوڙا ڪن ٿا ، اهي هندو انتهاپسند (مڪس سنڌي انتها پسند) مندرن کي پاڻ باهيون ڏئي پو الزام مسلمانن تي هڻن ٿا..“ (والله اعلم بالغيب) پو خبر پئي ته واقعي به ائين آهي.. هتي مسلمان فرقن جي ڪري هڪٻئي جي مسجد ۾ نماز پڙهڻ نٿا وڃن ته هندو به مندر ساڙڻ ۾ دير نٿا ڪن......