غلام مصطفيٰ سولنگي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي انهن بيتن ۾ ڪراچيءَ جي قديم لوڪ داستان ”موکي ۽ متارا“ جو ذڪر ملي ٿو. شاهه سائين اهو ذڪر سُريمن ڪلياڻ جي چوٿين داستان ۾ ڪيو آهي. شاهه صاحب پنهنجي جوانيءَ جي ڏهاڙن ۾ جڏهن ڀٽ شاهه کان لاهوت لا مڪان ۽ هنگلاج لاءِ روانو ٿيو ته ڪراچيءَ وٽان لنگهندي موکيءَ ۽ متارن جي ماڳ جو مشاهدو ڪندو پوءِ اڳتي وڌيو هو. متارن جي قبرن تي اچڻ لاءِ سپر هاءِ وي ٽول پلازه کان بقائي اسپتال لڳ اتر پاسي گڏاپ ڏانهن چنيسر جوکيو کان چئن ڪلو ميٽرن تي نارا ٿرجبل آهي. ان جبل جي الهندي ڇيڙي تي متارن جون قبرون آهن. نارا ٿر جي انهيءَ چوٽيءَ تي قبرن کي ڏسي شاهه صاحب چيو آهي: موکيءَ مَٺو نه گهُريا، وهه نه وهاٽيا سُرڪيءَ ڪاڻ سيد چئي، اُتي ٿي آٽيا جي ڳالهين ڳڱاٽيا، تن جو بٺن پاسي بٺيون هڪ روايت مطابق موکي! اصل ۾ مومل جي خاص ٻانهي، ناتر جي ڌيءَ هئي. جڏهن مومل چکيا چڙهي تڏهن ناتر لڏي هتي اچي ويٺي. پاڻ هيبت خاصخيليءَ سان شادي ڪيائين ۽ کيس اٺ ڏيئرون ڄايون. جن مان هڪ موکي به هئي، جڏهن موکي جوان ٿي ته ڪلاڪو هٽ قائم ڪيائين. جتي پري پري جا پياڪ اچي پهچندا هئا. ڪجهه جوڌا جوان به ٿاڻي بولا خان واري پاسي کان ڪنهن ڏورانهين منزل کان ڪهي هتي منزل هڻي، موکيءَ جو ٺاهيل ڪڪوهه ڪتب آڻي اڳتي هليا ويندا هئا. هڪ ڀيري موکيءَ متارن کي پراڻي مٽ جو منڌُ پياريو. متارا روانا ٿي ويا ته وري موٽيائي ڪين. موکيءَ مٽ جا چيو ته ان ۾ زهريلو نانگ مئل هو. موکيءَ ڀانيو ته متارا مري ويا. ٻن ٽن مندن کانپوءِ متارا اوچتو ظاهر ٿيا ۽ چيائون ته ساڳيو منڌُ ڏنو وڃي، موکيءَ کين اصل حقيقت ٻڌائي ته متارا صدمي کان ڊهي پيا ۽ دم ڏنائون ۽ اتي ئي سندن قبرون ٺهيون. موکي، چوڪي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات وٽيون ڏيئي وات، تنهن متارا ماريا موکيءَ جي باري ۾ ته ڪجهه ڄاڻ ملي ٿي، پر متارن جي باري ۾ ڪجهه روايتون ئي ملن ٿيون. متارن جي، تعداد تي پڻ اختلاف آهي. ڪي تاريخدان لکن ٿا ته انهن متارن جو تعداد ڇهه آهي ۽ ڪي وري اٺ ٻڌائين ٿا. هڪ سگهڙ جو بيت آهي ته: موکيءَ وٽ مهمان ، ايندا هئا اَٺ ڄڻا ٻه سما، ٻه سومرا، ٻه چنا، ٻه چوهاڻ پر اڪثر ڪتابن ۽ سگهڙن متارن جو تعداد ڇهه ڄاڻايو آهي، ناليوارو اديب ۽ محقق گل حسن ڪلمتي پنهنجي ڪتاب ”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“- ۾ لکي ٿو ته : متارا لفط، سنڌي ٻوليءَ ۾ صحتمند/پهلوان لاءِ استعمال ٿيندو آهي. سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌ جي حفاظت ڪندڙن کي به متارا چيو ويندو هو. جيڪي باقاعده سرڪاري عهدن تي مقرر ٿيندا هئا. هن لوڪ داستان ۾ متارن لاءِ سگهڙن پنهنجي شاعريءَ ۾ سردار، ڏاتار، سري جا سردار وغيره جهڙا لفظ ڪتب آندا آهن. جنهن مان معلوم ٿيندو ته اُهي حڪومت جي خاص منصب جا مالڪ هئا يا سردار هئا. موکيءَ ۽ متارن جو واقعو 1380ع جي لڳ ڀڳ ٿيو هوندو ۽ جيڪڏهن سومرن جي حڪمراني جو آخري سال 1440ع آهي ته پوءِ اهو واقعو 1470ع ڌاري ٿيو هوندو. سومرن جي حڪمرانيءَ جو آخري دور 1351ع وڌيڪ مستند سمجھيو وڃي ٿو. ان حساب 1380ع ۾ سنڌ تي ڄام بابيني بن ڄام انڙ جي حڪومت هئي.ڄام با بيني 1368ع کان 1383ع تائين حڪومت ڪئي. 1383 کانپوءِ ڄام خيرالدين بن ڄام تماچي تخت تي ويٺو، موکي ۽ متارن جو واقعو ڄام با بيني يا ڄام خيرالدين جي دور جو آهي. نارا ٿر جبل تي هڪ ننڍڙي چوديواري ۾ ڇهه قبرون اندر ۽ هڪ قبر ٻاهر آهي. انهن مان ڪجهه قبرن تي متارن جا نالا به لکيل آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي حاجي آهن. هڪ قبر تي حاجي حالار لکيل آهي. ٻي قبر تي محمد اسماعيل لکيل آهي. ٽين قبر تي اسحاق خان، چوٿين تي روستم ۽ پنجين تي، يادگار، اسماعيل حاجي لکيل آهي. ٻين قبرن تي نالا ناهن، پر سڀ هڪجهڙيون آهن. چوديواري ۾ هڪ پٿر کي اهڙي طرح تراشي رکيو ويو آهي. جو اهو پيالي جهڙو لڳي ٿو، اهو پٿر اڄڪلهه ٻه-ٽڪر ٿيل آهي. متارن جي قبرن تي لکيل نالن مان خبر پئي ٿي ته اهي يا ته هڪ ئي خاندان جون قبرون آهن ۽انهن مان ٽي ڀائر آهن، جيڪي حاجيءَ جا پٽ آهن يا اهي ذات جا حاجي آهن. انهن مان هڪ قبر تي حالار حاجي، اڀريل لکڻي آهي ۽ باقي نالا، پٿر کي کوٽي تراشي لکيا ويا آهن. هي قبرون چوڪنڊي اڏاوتي طرز جي اوائلي دور جي نموني تي ٺهيل آهن. اهڙي اڏاوت کي گهاڙي به چون ٿا. جنهن مان مراد آهي گڙيل- هن طرز جون قبرون مڪران جي ساحل کان وٺي ميرپور ساڪري تائين موجود آهن. ڪٿي انهن کي روميون به چون. گهڻو ڪري اهي جوکين ڪلمتين ۽ برفت قبيلن جي ماڻهن جون آهن. متارن جون قبرون به گهاڙي آهن. ڄاڻ خاطر اوهان کي اهو به ٻڌائيندا هلون ته نارا ٿر جبل جي اها چوٽي جتي متارن جون قبرون آهن، تنهن جي مٿئين سطح تي چڙهڻ لاءِ اڃا به مٿي وڃبو ته اُتي 12 فوت ڊگهي هڪ قبر آهي. اها قبر ڪنهن جي آهي، ان جي ڪا خبر ڪونهي. هيءَ قبر به عام قبرن وانگر آهي. البت ان تي عقيدتمندن پاران پڙ به چڙهيل آهن. ٻي ڳالهه اها ته نارا ٿر جبل جي اتر پاسي تي لانهين ۾ جوکين جو قديمي قبرستان آهي. ان هنڌ تي برفتن ۽ جاکرن جي جنگ لڳي هئي. هتان جي ماڻهن ڪلمتين جي حمايت ڪئي ۽ نومڙين جاکرن جو پاسو کنيو. هن جنگ ۾ جاکرن کي شڪست ملي. موکيءَ جي قبر نارا ٿر جبل کان 20 ڪلو ميٽر جي پنڌ تي ڳوٺ موکيءَ ۾ آهي. جڏهن ته سهراب ڳوٺ کان 18ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. موکيءَ جي قبر، مٽي جي دڙي تي ٻين کان ٿورو مٿي آهي. جنهن نموني متارن جون قبرون گهاڙي آهن. تنهن جي ابتڙ موکي جي قبر بلڪل سادي ۽ عام قبرن وانگر بنا ڪنهن ڪتبي جي آهي. پهرين ان کي چارديواري ڏنل هئي پر تازو ئي مجاور حاجي خان خاصخيليءَ ان کي سيمنٽ سان پڪو ڪرائي مٿان ڇت وجھرائي آهي. موکي متارن جو ذڪر رڳو شاهه لطيف ئي نه ڪيو آهي، پر لطف الله قادري ميين ۽ شاهه عنايت جي شاعري ۾ پڻ ان جو ذڪر ملي ٿو. جديد دور جي شاعرن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، ابراهيم منشي، ج ع منگهاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي سگهڙن ۽ صوفي فقيرن پڻ هن داستان متعلق شاعري ڪئي آهي.