نفسيات_ پاڻ ۾ ڪم ڪرڻ جي عادت وجھو

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    زبير احمد لاکو

    [​IMG]
    سڀني شعبن اندر اڳواڻي ڪندڙ ماڻهو ان ڳالهه تي متفق آهن ته پيشيوراڻي تعليم هجڻ جي باوجود اعليٰ تخيل رکڻ وارن ماڻهن جي تمام گهڻي کوٽ آهي. هڪ اعليٰ آفيسر جو اهو چوڻ آهي ته ماڻهو تعليم يافته ته آهن پر سندن تعليم ۾ اڪثر ڪاميابي جو عنصر نه آهي. جيڪو عنصر آهي اهليت جو هجڻ، يعني ته ڪم ڪريو ۽ نتيجا حاصل ڪريو.

    هر وڏي ذميواري جهڙوڪ ڪاروبار هلائڻ، ڪنهن وڏي آفيس جو انتظام سنڀالڻ، فوج يا حڪومت جو هلائڻ، وغيره، اهڙيون ذميواريون آهن جو انهن جي لاءِ اهڙن ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي، جيڪي حالتن جي مطابق فيصلو ڪري، هڪدم ڪارروائي ڪن. وڏن ادارن جا سربراهه اهڙن ماڻهن جي ضرورت محسوس ڪندا آهن، جيڪي انهن سوالن جا جواب ڏئي سگهن. ڇا اهي ڪري سگهندا؟ ڇا اهي پنهنجي خيال کي عملي صورت ڏيندا؟ ڇا اهي پاڻمرادو عمل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا؟ ڇا اهي نتيجا حاصل ڪرڻ تي يقين رکندا آهن يا انهن بابت رڳو سوچندا ئي رهندا آهن؟

    انهن سڀني سوالن جو هڪ ئي مقصد آهي ته، ڇا اهڙو شخص عمل ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي؟ تمام گهڻن تصورن جي ڀيٽ ۾ فقط هڪ آئيڊيو (تصور) وڌيڪ بهتر آهي، جنهن تي عمل ڪري نتيجا حاصل ڪيا وڃن.

    نفسيات جي هڪ ڪامياب ليکڪ جو چوڻ آهي ته فقط سوچڻ سان ئي ڪجهه نه ٿيندو آهي. اسان گهڻو ڪجهه سوچي سگهون ٿا پر ڪم واري سوچ اها ئي هوندي آهي جنهن تي عمل ڪيو وڃي.

    اسان ماڻهن کي ٻن قسمن ۾ ورهايون ٿا. هڪ ڪامياب ماڻهو ۽ ٻيو عام ماڻهو. ڪامياب ماڻهو متحرڪ هوندا آهن ۽ عام ماڻهو انهن کان گهٽ هوندا آهن ۽ اهي عام طور تي ناڪام ماڻهو هوندا آهن. انهن کي اسان غير متحرڪ چونداسين.

    مثال طور هڪ ماڻهو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري ۽ ڊگري حاصل ڪري نوڪريءَ جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهي ٿو ۽ گهر ۾ واندو نه ٿو ويهي، اهڙي ماڻهوءَ کي اسان متحرڪ ماڻهو چوندا آهيون. ان جي ٻئي طرف وري اهڙو ئي ماڻهو تعليم مڪمل ڪري ڊگري حاصل ڪري گهر ويهي رهي ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ اها ڪوشش نٿو ڪري جيڪا هن کي ڪرڻ گهرجي، اهڙن ماڻهن کي اسان غير متحرڪ چوندا آهيون ۽ اهڙا ماڻهو اڪثر ناڪام ٿيندا آهن.

    بيڪار ماڻهو ٻين کي ته ڇڏيو پنهنجي گهر وارن کي به ناهي وڻندو ۽ هميشه تنقيد جي زد ۾ هوندو آهي ۽ پوءِ هن جي ذهن ۾ وري به منفي خيال جنم وٺندا آهن ۽ منفي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي مثلا، شراب، چرس، سگريٽ، ڪوڙ، چوري وغيره.

    خيال نهايت ئي اهم هوندا آهن اسان کي اعليٰ خيالن کي دفن ڪرڻ جي غلطي نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان پنهنجي خيال جي مطابق هڪدم ڪم شروع ڪري ڏيون ته ان ۾ ڪاميابيءَ جا امڪان يقيني هوندا آهن. خيال انهيءَ وقت قيمتي هوندا آهن، جڏهن انهن کي عملي شڪل ڏني وڃي.

    ڪيترائي ماڻهو اعليٰ خيالن کي انهيءَ ڪري دفن ڪري ڇڏيندا آهن، جو اهي ان تي عمل ڪرڻ کان ڊڄندا آهن. پوءِ انهيءَ خيال جو ڀوت کين پشيمانيءَ جي صورت ۾ پريشان ڪندو رهندو آهي. ٻه ڳالهيون ذهن ۾ رکو. پهرين ڳالهه اها ته توهان پنهنجي خيال کي قيمتي بنائڻ لاءِ ان تي عمل شروع ڪري ڇڏيو. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خيال کي عملي صورت ڏيڻ سان به ڪو ئي نتيجو نه نڪرندو آهي، ان جا به مختلف سبب آهن. ٻي ڳالهه اها آهي ته پنهنجي خيال کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ پنهنجي ذهني صلاحيتن کي آزمايو. نه ته اوهان کي اهو غم ستائندو رهندو ته مان اهو ڪم ڇو نه ڪيو؟ ڪنهن اهم خيال کي عمل ۾ نه آڻڻ سان خوفناڪ ذهني تڪليف شروع ٿي سگهي ٿي ۽ پنهنجي خيال تي عمل ڪرڻ سان اوهان کي سڪون ملندو. ڪم شروع ڪريو، ان سان اوهان جو خوف ختم ٿيندو. چوڻي آهي ته ” جيستائين پاڻيءَ ۾ گهڙبو نه ايستائين ان جي گهرائي معلوم نه ٿي سگهندي.“ ڪر ڪرڻ سان اوهان ۾ اعتماد وڌندو. هڪ شيءَ هميشه ياد رکو ته ڪم هميشه اوهان جي اعتماد کي وڌائيندو آهي. مگر پنهنجن خيالن تي ڪم نه ڪرڻ هر طرح سان اوهان کي ڊپ يا خوف ۾ ڦاسائيندو آهي. خوف مان ڇوٽڪارو صرف ڪم شروع ڪرڻ سان حاصل ٿيندو آهي. پر جڏهن اوهان ڪم نه ڪندا آهيو يا ان کي ملتوي ڪري ڇڏيندا آهيو ته اوهان جو خوف وڌي ويندو آهي.

    هيءَ ڳالهه هميشه ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن ڪم کي وقتي طور ايندڙ وقت تي ڇڏڻ سان هوشيار ۽ ڏاهو ماڻهو به پريشان ٿي ويندو آهي. ٽائيم ميگزين ۾ هڪ دفعو دنيا جي بهترين خبرون پڙهڻ واري جو انٽرويو پڙهڻ جو موقعو مليو. ان جو چوڻ هو: جڏهن مان پهريون ڀيرو خبرون پڙهڻ ويس ته مون تي خوف ڇانيل هو، پر جڏهن مون خبرون پڙهڻ شروع ڪيون ته منهنجو ڊپ لهي ويو. ڪيترن ئي اداڪارن جو چوڻ آهي ته جڏهن اهي پهريون دفعو اسٽيج تي آيا ته کين ڏاڍو ڊپ ۽ پريشاني ٿي، پر جڏهن هنن اسٽيج تي ڪم ڪيو ته سندن، ڊپ، خوف ۽ ڳڻتي ختم ٿي وئي.

    خوف جو علاج فقط ڪم آهي. جيستائين ماڻهو ڪم ڪرڻ شروع نه ڪندو ايستائين ڊپ ان جي ذهن ۾ موجود رهندو ۽ جڏهن ڪم شروع ڪندو ته ڊپ ختم ٿي ويندو. ڪجهه ڊاڪٽر مريضن کي اهڙيون دوائون ڏيندا آهن، جن سان انهن کي ننڊ اچي، پر اهي دوائون انساني صحت لاءِ نقصانڪار به آهن، انهن جا ڪيترائي Side Effects آهن. جڏهن ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي ڊپ تي قابو پائي وٺندا آهن ته اها ڳالهه انهن تي دوائن کان به وڌيڪ اثر ڪندي آهي ۽ اهي پر سڪون ٿي ننڊ ڪندا آهن. توهان به اهڙيءَ طرح پنهنجي اندر اعتماد پيدا ڪري خوف کي شڪست ڏئي سگهو ٿا.

    هڪ ترڪيب توهان اڄ ئي آزمائي ڏسو. ڪو به پنهنجي مرضيءَ جو ڪم کڻو ۽ ان کي ڪرڻ شروع ڪريو ۽ ختم ئي ڪري ڇڏيو. انتشار ۽ پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪم منڍ کان آخر تائين مڪمل ڪيو وڃي.

    ” بس هينئر“ ڪاميابيءَ لاءِ جادو ئي لفظ آهي” سڀاڻي“ ”ايندڙ هفتي“ ”پوءِ“ ”ڪڏهن به“ وغيره جا لفظ ناڪاميءَ جا لفظ آهن. ڪيترائي سٺا خواب حقيقت نٿا بڻجي سگهن. جڏهن اسان چوندا آهيون ته سڀاڻي ” ڏٺو ويندو“ يا ”وري ڪنهن ٻئي دفعي“ ته اهي ناڪاميءَ جا رستا ڏيکاريندڙ لفظ آهن. پر جڏهن اسان چوندا آهيون ” هاڻِ ئي شروع ڪرڻ گهرجي“ ته اهي ئي لفظ ڪاميابيءَ ڏانهن وٺي ويندا آهن.

    هميشه ڪم ڪرڻ لاءِ جوش ۽ جذبو پيدا ڪريو. جيڪو ڪم جوش، جذبي، يقين محڪم ۽ اعتماد سان شروع ڪبو آهي ته جڏهن اهو ڪم ختم ٿيندو تڏهن توهان محسوس ڪندا ته توهان ٿوري ئي وقت ۾ ڪم کي ڪاميابيءَ سان نمٽائي ڇڏيو آهي. ڪجهه هيٺ ڏنل ڳالهين تي ضرور سوچيو.

    عمل وارا ٿيو ڪجهه ڪري ڏيکاريو، هاڪاري ٿيو ۽ انڪار ڪرڻ وارا نه ٿيو. حالتن جي مڪمل صحيح ٿيڻ جو اتنظار نه ڪريو، حالتون ڪڏهن به مڪمل طور تي صحيح نه ٿينديون آهن، اهو به ياد رکو ته صرف خيال سان ئي ڪم نه ٿيندا آهن، جڏهن انهن خيالن تي عمل ڪبو آهي ته پوءِ ئي گهربل نتيجا ملندا آهن. ڪم کي شروع ڪري ڇڏيو، ڊپ ختم ٿي ويندو ۽ اعتماد وڌندو. وقت وڃائڻ کان سواءِ ڪم شروع ڪري ڏيو، تياريءَ ۾ وقت نه وڃايو.

    پاڻهي ايندو هوت پر آنءُ به ڪجهه اڳڀري ٿيان،

    متان چويم بلوچ، ته هن ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    بهترين صلاح.........هڪ ترڪيب توهان اڄ ئي آزمائي ڏسو. ڪو به پنهنجي مرضيءَ جو ڪم کڻو ۽ ان کي ڪرڻ شروع ڪريو ۽ ختم ئي ڪري ڇڏيو. انتشار ۽ پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪم منڍ کان آخر تائين مڪمل ڪيو وڃي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو