ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

'سنڌياڻي' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ واسيو ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
    گُذريل شام جو تقريبن ساڍي پنجين وڳي شام جو هڪ موبائل ڪال آئي، هيلو ڪري السلام عليڪم چيم ، چيائين ته سائين نثار ناز پيا ڳالهايو، جي ادا آئون نثار ناز پيو ڳالهايان، چيائين ته ادا مان خالد ڪليار پيو ڳالهايان، مونکي سُڃاڻو ٿا، ذهن تي زور ڏنم ادا اهو نالو ٻُڌل ضرور آهي پر توهان کي سُڃاتو ڪونه اٿم، وڏو ٽهڪ ڏنائين چيائين ته ادا مان هڪڙي سنڌي چينل جو ڊائريڪٽر آهيان، منهنجي ذمي هينئر سنڌي سهرن تي رڪارڊنگ ۽ انهن سهرن تي ماڊلنگ جي شوٽنگ وارو ڪم آهي اڄ قاسم آباد حيدرآباد جي مشهور شادي حال نيرون ڪوٽ ۾ تقريبن چار پنج سنڌي سهرن جي شوٽنگ آهي توهان کي بحيثيت سنڌ سلامت جي سرپرست اعلى انهي شوٽنگ ڏسڻ جي دعوت ٿو ڏيان ، اڙي ها ڪليار صاحب مون توهان کي بلڪل سُڃاتو ڪجهه ڏينهن پهرين توهان حيدرآباد جي رائل تاج هوٽل ۾ شادي فلمي شادي جا گيت پڪچرائز ڪيا هُئا جنهن جو تصويرون اسان مختلف موضع ۾ ڏئي چُڪا آهيون چيائين ته توهان بلڪل صحيح سُڃاتو ۽ انهن تصويرن کي سنڌ سلامت تي لڳائڻ تي تمام گهڻا ٿورا مڃڻ لڳو، مون کيس چيو ته ادا ڪليار توهان جا پڻ ٿورا جو توهان پنهنجي شوٽنگ جون تصويرون ڪڍڻ لاءِسنڌ سلامت سان تعاون ڪرڻ فرمايو، پر ادا عبدالغفور سمون جيڪو اسان جو مين ڪئميرا مين آهي اهو ته هن وقت ملڻ انتاهي مشڪل آهي ڇوته شام جا تقريبن 6 ٿين وارا آهن في الحال اهو شايد توهان جي شوٽنگ واري هنڌ نه پهچي سگهي پاڻ تمام پيار سان کلندي چوڻ لڳو ته ناز صاحب توهان وارو عبدالغفور سمون اسان وٽ موجود آهي صرف توهان پهچو، اچي توهان عبدالغفور سمون سان ڳالهايو اڙي غفور ير هي به ڪووقت آهي هن وقت مان ٽنڊو محمد خان کان نڪران ته ستين وڳي کان اڳ ۾ نٿو پهچي سگهان ان کان علاوه غفور توکي ته خبر آهي مهيني جون آخري تاريخون آهن کيسو” هم بولي گا تو بولوگي ڪي بولتا هي “ پيو ڪري پينشن پنهنجي صفا پوري ٿي چُڪي آهي در تي دوست اچن ٿا ته انهن کي گهر ۾ ويٺل هوندي به اهو مسيج اماڻي پيو جان ڇڏايان ته شهر ۾ ٻوڙ وٺڻ ويو آهي ! تون به صفا درويش آهين ، چيائين ته سائين صرف هڪ پاسي جو ڀاڙو ڪري اچو باقي ٻي پاسي توهان کي گهر پهچائڻ منهنجو ذمو، ٻيلي غفور ير ايترا ماڻهو اچي لهندا شوٽنگ ۾ ڪافي سارا ماڊل خوبصورت چهرا هوندا اسين هٿين ٺلا ير ڳالهه بلڪل ٺهي ڪانه ٿي، آئون نٿو اچي سگهان تون تصويرون ڪڍ مونکي اچي ڏجائين پاڻهي سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪري ڇڏيندس. چيائين نڪو سر هتي توهان جو شدت سان پيو انتظار ٿجي آخر توهان سنڌ سلامت جا سرپرست اعلى آهيو؟ توهان جي باري ۾ هتي گهڻو ڪجهه هُل هلائي ڇڏيو اٿم، غفور شل ڪو تنهنجو اڇو مٿو ٿئي ٻيلي ، مان مسڪين مولائي ماڻهو ، تون لڳي ٿو هاڻي منهنجو ڍڳو پير پيران ڪرائيندين..... ايتري ۾ گهر جي دروازي تي بيل لڳي، موبائل منهنجو هٿن ۾ هو سوچيم ته در تي ڪو دوست هوندو مون واري وچين نمبر واري پُٽ شاهه زيب کي اشارن اشارن ۾ چيم ته ڪير منهنجو پُڇي ته چئي جان ڇڏائيجان ته ابو گهر ۾ ڪونهي ... وري موبائل تي عبدالغفور سان هم ڪلام ٿيس ته هاڻ جاني تنهنجي ڊائريڪٽل محترم خالد ڪليار کي منهنجي طرفان معزرت ڪري ڇڏجائين ته مان نٿو اچي سگهان،ايتري منهنجو پُٽ سڄا سارا ٽي سئو روپيه پاڪستاني هٿن ۾ لوڏيندو گهر ۾ داخل ٿيو، چيائين ته ابو ڪو چاچا محمد جمن بروهي وڪيل هو ان توهان جو پڇيو مان کيس چيو ته ابو گهر ۾ ناهن پاڻ هي پيسا ڏنا اٿن توهان لاءِ اڙي ها ها ڪجهه ڏينهن پهرين سندس هڪڙي پٽيشن ڪمپوز ڪري ڏني هئي مانس ڪجهه ٻيو به درخواستون هيون اهي به کيس ڪمپوز ڪري ڏنيون هئم، شايد انهي ڪم جو اجورو ڏئي ويو آهي، زبردست ! وڏي سڏ هڪڙو نعرو هيم غفور جيڪو موبائل تي آن لائن هو چيومانس ته غفور جاني مان اجهو ٿو پهچان ، پاڻ حيران ٿيو چيائين ته سائين خير ته آهي، مون چيومانس ته جاني قدرتي طور منهنجي حيدرآباد پهچڻ جو انتظام ٿي ويو آهي، بس هاڻي تون موبائل بند ڪر مونکي حيدرآباد اچڻ جي تياري ڪرڻي آهي. غفور وري به پڪ ڪئي ته سائين توهان اچو ٿا مون کيس چيو ته پڪ پڪ او پڪ سان اچان پيو............. مون مون واري ماسات مٺي ذات کي سڏ ڪيو چيومانس ته مولائڻ ڪو وڳو استري آهي يا بنا استري وارا ڪپڙا پائي حيدرآباد روانا ٿيون، چيائين ته جهونا هن عمر۾ به اچي کريو آهين روز روز حيدرآباد ،مون وٽ پينشن وارا پيسا پورا ٿي ويا اٿئي چيومانس ته جهوني پيسا ٻيسا ڪونه کپن پر ڪپڙا استري وارا هُجن ته بهتر آهي نه ته به خير آهي جهونن جو ڇا وڃي استري پاتل ڪپڙن سان ماسات ويچاري کلي پئي چيائين توهان جا ٻه وڳا استري ڪري ڇڏيا هُئم توهان واري ڪاري ڪوٽي به ڌوئي ڇڏي اٿم بلڪل خير سان توهان حيدرآباد وڃو، خير سان اچو، فوري ريزر کڻي شيو ڪيم وهنجي سهنجي بس اسٽاپ تي پهتس، حيدرآباد وڃڻ واري ڪوسٽر ۾ ويٺس 45 منٽن ۾ حيدرآباد جي محمدي ڇوڪ تي پهچي ويس ايتري ۾ وري عبدالغفور سمي جي موبائل فون پهتي چيائين ته سائين ڪٿي پهتا، کيس ٻُڌايم ته محمد چوڪ چيائين ته سائين قاسم آباد وڃڻ واري سوزڪي ۾ سوار ٿي نسيم نگر جي آخري اسٽاپ تي نگاهه علي سومرا هوٽل تي لهو مان اتان اچي توهان کي پڪ ٿو ڪريان تقريبن رات جي اٺين وڳي آئون قاسم آباد حيدرآباد جي نسيم نگر ۾ نگاهه علي سومرا هوٽل تي پهتس ته عبدالغفور سمون پنهنجي موٽر سائيڪل تي منهنجو منتظر هو. اتان کان پنجن منٽن جي مفاصلي تي مشهور شادي هال نيرون ڪوٽ هو جيئن ته ان هال ۾ هڪ حقيقي شادي جي دعوت وليمه پڻ هلي رهي هُئي نيرون ڪوٽ جي ان شادي هال جي هڪ پاسي وارو هال شادي جي سهرن جي شوٽنگ واسطي عليحده بُڪ ٿيل هو، غفور سان گڏ جڏهن شوٽنگ واري جڳه تي پهتس ته محترم خالد ڪليار، انهن سهرن جو ڊائريڪٽر، محترم وڪيل مڱريو، محترم،خالد گوپانگ، محترما فريدا سهتو، محترم مسلم رضا شاهه سڀني وڌي اچي مونکي ڀليڪار چئي . شوٽنگ واري هنڌ تمام خوبصورت چهرا موجود هُئا جيڪي انهن سهرن ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي رهيا هُئا، هاڻي پيش آهي انهن سهرن جي شوٽنگ جي تصويري ڪهاڻي جيڪڏهن شوٽنگ جي اکين ڏٺي احوال کي ٻُڌائڻ شروع ڪندس ته پوءِ هڪڙو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو ان ڪري توهان تصويرون ڏسي پنهنجي دل خوش ڪريو دوستو سنڌ سلامت کي خوبصورت کان خوبصورت بنائڻ اسان سڀني جو فرض آهي، ادا عبدالغفور سمون پنهنجو هر موقعي تي سنڌ سلامت لاءِ ساٿ نڀائيندو اچي هي تصويرون منهنجون ۽ ادا عبدالغفور سمي جون مشترڪا محنتون آهن توهان کي اسان جو هي خوبصورت سلسلو ڪئين ٿو لڳي مزي جهڙي ڳالهه توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته هي جيڪي تصويرون اسان توهان سان ونڊ پيا ڪريون بلڪل نڪور آهن ڪنهن به ميڊيا يا انٽر نيٽ جي ڪنهن به سائٽ تي موجود ناهن اهو سنڌ سلامت کي اعزاز حاصل آهي ته هي خوبصورت تصويرون صرف سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ساري دنيا جا سنڌي ڏسن پيا. ان سلسي ۾ اسان ٿورائتا آهيون محترم خالد ڪليار، محترم وڪيل مڱريو، محترم آزاد گوپانگ صاحب جن جا جن اسان سان هي تصويرون حاصل ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪرڻ فرمايو.......
    ڪنوار جي رخصتي جي شوٽنگ جو تصويرون پيش آهن هن ۾ ڪنوار جو ڪردار ادا ڪيو آهي پري چهره ” مُرڪ شاهه جڏهن ته ان جي گهوٽ جو ڪردار ادا ڪيو آهي محترم مسلم رضا شاهه جڏهن ته ڄاڃين ۾ اسان سڀ آهيون.
    [​IMG]
    گهوٽ جو ڪردار ادا ڪندڙ ماڊل سيد مسلم رضا شاهه​

    [​IMG]
    ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ پري چهرو مُرڪ شاهه
    [​IMG]
    گهوٽ ۽ ڪنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ سيد مسلم رضا شاهه ۽ مُرڪ شاهه

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    پري چهرو ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ مُرڪ شاهه تمام گهڻو خوبصور ت لڳي رهي هُئي ​
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    لاجواب پوسٽ سان گڏ بهترين شيئرنگ ................


    سدائين گڏ
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو نثار ناز جن هن ڪُنوار جي رخصتي ۾ گهوٽ جي وڏي ڀا٪ءُ جو ڪردار ادا ڪيو هو ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ پري چهرو فنڪاره مُرڪ شاهه سان

    [​IMG]
    اسان وارو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون جيڪو ڪُنواريتن مان ڪنواريتي جو ڪردا ادا ڪري رهيو هو ڪنوار جو ڪردا ادا ڪندڙ تمام خوبصورت فنڪاره مُرڪ شاهه سان

    [​IMG]
    ڪُنوار جي رخصتي بلڪل ٿيڻ واري آهي ڀلا ڀائي گهوٽ کي پلئو ڏنو پيو وڃي

    [​IMG]
    هن رخصتي واري تقريب ۾ ڄاڃي به هُئا، ميڊم رضيه سولنگي جنهن ڪُنوار جِي ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو هو پنهنجي پوري خاندان سميت شريڪ آهي

    [​IMG]

    گهوٽ ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ سيد مسلم رضا شاهه ، مُرڪ شاهه ، ڪنوار جي ڀيڻن جو ڪردار ادا ڪندڙ فهميده سيال ، فريده سهتو ۽ ڪنوار جِي ماءُ جو ڪردار ادا ڪندڙ ميڊم رضيه سولنگي ( ٽئي بيٺل) آهن

    [​IMG]
    ڪُنوار جِي وڏي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪندڙ ميڊم فريده سهتو

    [​IMG]

    ڪُنوار جي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪندڙ ماڊل فنڪاره فهميده سيال

    [​IMG]
    ڪُنوار جي سرتين سهيلين جو ڪردار ادا ڪندڙ ٻه ماڊل فنڪارائون

    [​IMG]

    [​IMG]
    ڪُنوار کان روئي موڪلايو پيو وڃي زبردست ماڊلنگ​
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    سائين نثار ناز صاحب تمام سٺيون تصويرون آهن ، خاص ڪري اوهان جون ۽ ڪنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ ڪنوار جون۔ توهان جي تصوير مون پنهنجي هڪ البم ۾ محفوظ به ڪري ڇڏي آهي۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    ادا ناز ڀلا اسانجي ڀاڄائي ۽ اوهانجي ماسات جي نظر ان ڦوٽوءَ تي پئي آ يا نه ۔۔۔ لڳي ٿو اهو جو اوهان هميشه ماسات مٺي ذات کان پئسا وٺي حيدرآباد نڪري ٿا وڃو ۔۔۔ سو اسانکي ته دال ئي ڪاري نظر ٿي اچي ۔۔۔۔ باقي اوهانجي ماسات ڄاڻي ۽ اوهان ۔۔۔ اسان ته ڀاڄائيءَ جي پاسي آهيون ۔۔۔۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    ادا وحيد ڦلپوٽا مهرباني جو توهان منهنجي هن غريباڻي پوسٽ کي لاجواب چيو ۽ هن ونڊ کي بهترين چيو توهان جا لک ٿورا شال جُڙيو هُجين
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    لک لائق ادا ممتاز علي وگهيا جو توهان کي اسان جِي هن غريباڻي محنتن واريون تصويرون سُٺيون لڳيون نثار ناز مطلب اسان پوڙهي ۽ ماڊل پري چهرو فنڪاره مُرڪ شاهه جي تصوير توهان کي صفا سُٺي لڳي توهان ان تصوير کي پنهنجي البم ۾ به محفوظ ڪري ڇڏي مهرباني مٺا
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    پيارا ڀاءُ محترم نثار ابڙا شال جڙيو هُجين۔٪ بلڪل پئي آهي تصوير تي نظر توهان جِي ڀاڄائي جِي لڳي ٿو توهان هن دفعي منهنجي مضمون کي مڪمل پڙهيو ئي ناهي صرف تصويرون نظر مان ڪڍي پنهنجي جان ڇڏائي آهي نه ته مضمون ۾ صاف صاف لکيل آهي ته هن ڀيري مونکي حيدرآباد وڃڻ لاءِ جيڪي ٽي سئو رپيا مليا هُئا سي منهنجي ڪيل محنت جو اجورو هُئا جيڪي مون چند ڏينهن پهرين هڪڙي وڪيل جي پٽيشن ؛۽ ٻيون درخواستون ڪمپوز ڪيون هيون ان سلسلي ۾ توهان جي ڀاڄائي توهان جِي نهايت شڪر گُذار آهي جو توهان هُن جو پاسو ورتو، باقي ادا هڪڙي ڳالهه ضرور لکندس ته ڪاش منهنجي ۽ ادا عبدالغفور جي هن ڪاوش کي صرف سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ کي خوبصورت کان خوبصورت بنائڻ جي ڪاوش ڪري ليکيو ها نه ڪه حيدرآباد وڃي صرف پنهنجي اکين کي آٿت بنائڻ جو ذريعو، ادا جي اها ڳالهه صرف مذاق جِي صورت ۾ توهان لکي آهي ته پوءِ واهه واهه مان صدقي مان قربان وڃان اهڙي محبت ڀري مذاق تان۔۔۔۔ هي ڪجهه وڌيڪ تصويرون آهن ڏسون ٿا ته منهنجي باري ۾ وڌيڪ ڇا ٿا لکو۔۔۔۔۔۔۔۔
    [​IMG]
    نثار ناز ميڊم ملاح ۽ ميڊم تهذيب سان نثار ناز گهوٽ جي وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪيو هو جڏهن ته ميڊم ملاح گهوٽ جي وڏي ڀاڀي جو ڪردار ادا ڪيو هو جڏهن ته ميڊم تهذيب گهوٽ جي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪيو هو۔

    [​IMG]
    ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ مُرڪ شاهه سيٽ تي هڪڙي سنڌي نياڻي سان گڏ

    [​IMG]
    ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ مُرڪ شاهه هن شادي جي سيٽ تي هڪ محنتي ڪئميرا مين سان گڏ

    [​IMG]
    اسان جو شاعر دوست محترم آزاد گوپانگ سيٽ تي ڪنهن سوچ ۾ ويٺو آهي

    [​IMG]
    محترم خالد ڪليار مهراڻ ٽي وي جو ڊائريڪٽر ساٿي ماڊل فنڪاره راني شيخ سان گڏ

    [​IMG]
    ٻه سنڌي ننڍڙيون نياڻيون هن رُخصتي واري منظر ۾ هنن نياڻين ڄاڃاڻين وارو ڪردار ادا ڪيو

    [​IMG]
    ماڊل فنڪاره فهميده سيال مهراڻ ٽي وي جي مين ڪئميرا مين منظور ملاح سان گڏ
    [​IMG]
    اسانجو دوست فنڪار وڪيل منڱريو جيڪو هن هن شوٽنگ جي سلسلي ۾ آرگنائزر هو پنهنجي هڪ دوست سان گڏ
    [​IMG]
    ٻه ڄاڃاڻيون لڳي ٿو ته شايد اهي ٻئي سڳيون ڀيڻون آهن

    [​IMG]
    ڀلا هي نثار ناز ٻن ٻن ساٿي فنڪارائن پري چهرو مُرڪ شاه ۽ ميڊم فريده سهتو سان گڏ بيٺو آهي ان تصوير جي باري ۾ ڇا ٿا چئو​
     
  9. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    محترمي ومڪرمي سائين نثار ناز صاحب
    اسلام وعليڪم
    سائين اميد ته اوهان پنهنجي ڪٽنب سان خيروآفيت سان هوندا شال سدا خوش وآباد هجو۔۔۔۔۔ آمين
    سائين مان هي سمورو مضمون پڙهيو ۽ سڀ تصويرون پڻ ڏٺيون۔ سائين تمام لاجواب شئرنگ آهي تمام خوبصورت چهرن سان هي پوسٽ مهڪي رهي آهي۔ هنن تصويرن ۾ ماشاالله اوهان به منفرد انداز ۾ نظر پيا اچو۔ سائين هي سهرا آن ايئر ڪڏهن ٿيندا۔ سائين اوهان جي ۽ سائين عبدالغفور سمون جي ڪيل هي محنت خالصتن سنڌ سلامت لاء آهي منهنجي پاران اوهان کي جس هجي۔
    سائين سدا خوش و آباد هجو۔۔۔۔۔ @};-@};-


    @};-سنڌ سلامت ساٿ سلامت @};-​
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    پيارا عبدالستار چنا شال جُڙيو هُجين توهان مونکي ۽ منهنجي ساري ڪٽنب کي دُعائون ڏنيون توهان جو تهه دل سان شڪر گُذار آهيان الله سائين توکي ۽ تنهنجي سڀني پيار ڪندڙن کي سدائين سرهو رکي سدائين سنڌ جي ڪنول جي گُلن سان رانديون ڪندا رهو (آمين) پيارا توهان منهنجي ۽ ادا عبدالغفور سمون جي محنتن کي خالص سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ سان منسوب ڪيو، يقين ڄاڻ انهي تنهنجي خلوص سان ڀريل ڳالهه کي پڙهي منهنجي اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙها ڳڙي پيا، پيارا ستار چنا ، سنڌ سلامت منهنجي سڃاڻپ آهي، منهنجي سوچ منهنجي لوچ هن پياري اڱڻ سنڌ سلامت کي خوبصورت کان خوبصورت بنائڻ لاءِ آهي پيارا چنا يار هاڻ عمر جي اُن حصي ۾ آهيان جو فلرٽ يا دل پشوري ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهان جيڪا تمهيد ڪنهن پوسٽ جي ونڊ ڪرڻ کان پهرين لکندو آهيان اهو منهنجي دل جي آواز هُوندو آهي خير هڪ دفعو ٻيهر تنهنجا لک ٿورا جو توکي منهنجي هي حقير ۽ غريباڻي ونڊ وڻي ، ادا اهي سهرا ٻن هفتن ۾ آن ايئر ٿي ويندا۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    محترمي ومڪرمي سائين نثار ناز صاحب
    اسلام وعليڪم
    سائين سدا خوش وآباد هجو۔۔۔۔۔ آمين
    سائين تمام لاجواب شئرنگ آهي تمام خوبصورت چهرن سان هي پوسٽ مهڪي رهي آهي۔ هنن تصويرن ۾ ماشاالله اوهان به منفرد انداز ۾ نظر پيا اچو۔ سائين هي سهرا آن ايئر ڪڏهن ٿيندا۔ منهنجي پاران اوهان کي جس۔۔۔۔۔۔۔ توهانجون ڪاوشون سنڌ سلامت لا تعريف جوڳيون آهن۔۔۔۔۔۔۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    محترم دوست عرس شال سدائين خوشين سان پنهنجون جهوليون ڀرييندو رهين (آمين) توهان جا ٿورا جو توهان منهنجي هن حقير ۽ غريباڻي پوسٽ کي مهڪندڙ قرار ڏنو، اسان جيڪڏهن هن تصوير ۾ منفرد نظر ٿا اچون ته اها مهرباني صرف سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جي آهي اهي سهرا تقريبن ٻن هفتن ۾ آن ايئر ٿي ويندا
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    سائين تمام بهترين ڦوٽوگرافي ٿيل آهي۔۔ ادي عبدالغفور ۽ توهان جي هن محنت کي سلام آهي۔۔
     
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    محترم سائين نثار ناز کي سنڌ سلامت لاءِ هن عمر ۾ ڪشالا ڪاٽڻا ٿا پون۔۔۔۔ شادي جي سنڌي رسمن تي مشتمل هي لاڏا ڪاٿي ته هيڪر يا ٻيهر گهوٽ ٿيڻ تي اڪسائي رهيا آهي ته ڪاٿي ادا غفور سان گڏجي ڄاڃي بڻجڻ تي۔۔ وري ڪاٿي ٻار ته ڪاٿي وڏو ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري رهيا آهن۔۔۔ هن هڪ ئي وڊيو ۾ شادي جي مڪمل رسمن سميت ڄڃ جي اچڻ کان وٺي رخصتي تائين جو منظر آهي ۔۔۔ جنهن کي ڏسندي ڪنهن وقت ادا غفور بڻجي نچڻ تي ڪنهن وقت سائين نثار بڻجي صرف تاڙي وڄائڻ تي دل چوي ٿي۔۔۔۔
    سموري سنگت لاءِ هي خوبصورت لاڏا وڊيو جي صورت ۾ ونڊ ڪجن ٿا ۔۔۔۔ اميد ته پنهنجا خيال ضرور ونڊيندا۔۔۔۔
    باقي مون کي وڊيوز ڏسي الائي ڇو احساس جاڳيو ته جلدي شادي ڪري غلطي ٿي وئي۔۔۔۔ ٿورو انتظار ڪجي ها۔۔۔;))


    [flv]http://mehrantv.tv/video/videos/sehra/sehra3.flv[/flv]​
     
  15. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    ادا پوءِ اها قسمت جي ستم ظريفي چئجي يا توهان جي تڪڙ۔۔؟
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    پيارا رشيد سمان مٺا ماڻهو اهي وڊيو ٻه هفتا اڳ مهراڻ ٽي وي تان نشر ٿيا هُئا دل ۾ وڏي حسرت هُئي ته انهن وڊيوز کي سنڌياڻي سيڪشن ۾‌ موڪليل منهنجي تصويرن سان گڏ لڳائي سنڌ سلامت جي اڱڻ کي اڃان به جرڪائي ڇڏيان پر ڪافي ڪوشش جي باوجود ٽيڪينڪي حساب سان ائين نه ڪري سگهيس پر تو اڄ اهي سهرا هتي ونڊ ڪري مونکي ايتري ته خوشي ڏني آهي جنهن جو اندازو لڳائڻ‌ئي مشڪل آهي، ان ڪري ته اسان توکي سنڌ سلامت جي جادوگر جو خطاب ڏنو آهي باقي دين اسلام ۾ چار چار شادين جي اجازت آهي رڳو اسان جي ڀاڀي کان پنهنجي ٺوڙ بچائي تون وري به دوباره لاڏو ٿي سگهين ٿو، اهو سڀ ڪجهه وري پسي سگهين ٿو ۽ سمورا سنڌ سلامت جا ساٿي تنهنجي مرداني شادي واري ڇني ۾ نچي جهمريون به هڻي سگهن ٿا ۽ اسان جهڙا جهونا مجبوري آهي نچي ته نٿا سگهن پر دل کولي تاڙيون ضرور وڄائي سگهن ٿا رڳو حُڪم ڪر جادوگر پر اسان جي ڀاڀي کان پنهنجي ٺوڙ بچائي پو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  17. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    ڀائو مست اها ڳالهه نه اٿئي ! پر انهن شادي جي سهرن کي ڏسي جادوگر رشيد سمي جي دل ۾ ڪُڇ ڪُڇ هوتا هي ! ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٿي رهيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن ڪُڇ ڪُڇ هوتا هي ٿيندو آهي ته پو لونگ ڦوٽا ٿالي ۾ ڳايو ويندو آهي، ۽ سال ٻن کان پو اُوئان اُوئان اُوئان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ مست زماني جو ماڻهو آهين سمجهي وڃ نه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  18. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    واه سائين واه بهترين ڪاوش اهي۔۔۔
     
  19. اگن۔خان۔شر

    اگن۔خان۔شر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 جون 2010
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    محترم نثار ناز صاحب سلام قبول پون آئون توهانجو تصويرو ڏٺيو تمام بهترين لڳيو ۽ مزو به آيو
     
  20. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: ڪُنوار جي رخصتي هڪڙي مشهور سنڌي چينل طرفان سنڌي سهرن تي شوٽنگ جي تصويري ڪهاني

    سائين نثار ناز صاحب تمام زبردست شيئرنگ آهي، وڏي مهرباني اوهان جي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو