ٻولي ۾ ڌارين لفظن جو استعمال ۽ تُرڪي ٻولي جو بااختيار اِدارو

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ گورڌن ولاسائي طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2014۔

  1. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    [​IMG]

    اخبار جو ڇاپو هتي ڏِسو ۽ پڙهو.

    ٻولي ۾ ڌارين لفظن جو استعمال ۽ تُرڪي ٻولي جو بااختيار اِدارو

    گورڌن ولاسائي

    وڏي عرصي کان جاري قومي سطح تي پنجابي، سنڌي، پشتو، بلوچي ۽ ٻين ٻولين جي قومي ٻولي قرار ڏيڻ واري بل جي اسيلمبلين مان رد ٿيڻ يا پاس ٿيڻ واري بحث کي پاسيرو رکندي، اسان اهو ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته تُرڪي ملڪ ۾ سندن ٻولي کي ڌارين ٻولين جي اثرن کان پاڪ ڪرڻ ۽ ٻولي جي ترقي لاءِ کنيل مستقل قدم ۽ اسان پاران سنڌي ٻولي کي ڏنل مقام کي هڪ عام شاگرد پاران ڪيئن پيو ڏٺو وڃي.

    ڪجهه ئي مهينا اڳ آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي بيس بال جي هڪ جڳ مشهور رانديگر ڊيوڊ اورٽز سان گڏ وائيٽ هائوس ۾ ڇڪيل پنهنجي پاڻ تصوير، جنهن کي سيلفي چون، اها ڏاڍي مشهور ٿي. انٽرنيٽ تي، سوشل نيٽورڪس تي هر جاءِ تي ان تي بحث مباحثي سان گڏ خوشي جو اظهار پئي ڪيو ويو. گڏوگڏ سال 2014ع جي آسڪر ايوارڊ حاصل ڪندڙن جي پڻ هڪ سيلفي، جيڪا ايلن ڊيگينيرز ڪڍي هُئي، مشهور ٿي، ايتري ته مشهور ٿي جو هاڻي اهو لفظ سيلفي انگريزي اربن ڊڪشنري جو حصو ٿي ويو آهي. اربن ڊڪشنري انٽرنيٽ تي موجود هڪ ڊڪشنري آهي جنهن ۾ رضاڪار روزمره ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ شامل ڪندا ويندا آهن.اُترين ترڪي جي رهاڪو سنڌي ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري انهي ڳالهه تي حيرانگي کائيندي چوي ٿو ته يار، عجيب ڳالهه ته اڄڪلهه ڪهڙي به تقريب هُجي، رانديگر هُجن، راند ڏسندڙ تماشائي هُجن، فلم بين هُجن يا فلم جا اداڪار، شاگرد هُجن توڙي پڪنڪ تي آيل گروپ هُجن سڀڪو انهي سيلفي نالي بُخار جو جو شڪار آهي!!! ٻئي ڪنهن کي منٿ ميڙ ڪري تصوير ڪڍرائڻ کان لهرائيندي هرڪو سيلفي مان ڪم هلائڻ ۾ عافيت پيو سمجهي. توڙي جو مارڪيٽ ۾ موجود ڊجيٽل ڪيمرائون مخصوص ڏنل وقت تي پاڻهي تصوير ڪڍڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.

    اوزچيڪم، جي ها، هي آهي اهو لفظ، جيڪو تُرڪن پنهنجي ٻولي ۾ نئون آندو آهي سيلفي جي جاءِ تي. دلچسپي جي ڳالهه اها ته تُرڪي ٻولي ۾ هر انگريزي ۽ ٻي ڪي ڪنهن به ڌاري ٻولي جي لفظ لاءِ ان جو ترڪ نعم البدل موجود آهي. اهو ڪم اصل ۾ شروع ٿيو سنه 1932ع ۾، جڏهن تُرڪي جي باباءِ قوم مصطفى ڪمال اتاتُرڪ انقلابي قدم کڻندي Turkish Language Research Society جي نالي سان هڪ قومي تحقيقي ادارو قائم ڪيو، جنهن جو هيڊڪوارٽر انقره ۾ قائم ڪيو ويو. جنهن کي هلائڻ لاءِ ملڪ جي مشهور عالمن، اديبن، شاعرن ۽ صحافين کي مُڪمل اختيار ڏنا ته تُرڪي ٻولي جي خوبصورتي ۽ شاهوڪاري کي قائم دائم رکڻ ۽ ڌارين ٻولين جي اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ جنگي بُڻيادن تي ڪم ڪيو وڃي. جن جي ڏينهن رات جي لڳاتار محنت کان پوءِ هاڻي تائين تُرڪي ٻولي کي جديد بُڻيادن تي دنيا جي شاهوڪار ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ اثرانداز ٿيندڙ ٻولي کان اڄ تائين به آجو رکندا پيا اچن. پنهنجي ٻولي جي بقاء لاءِ تُرڪ ايترا ته اڳتي نڪري پيا جو ڪجهه سالن تائين اهي مسجدن مان ٻانگ به تُرڪي ٻولي ۾ ڏيندا هُئا. انهن جو چوڻ هو ته ٻانگ ته هڪ قسم جو سڏ آهي عبادت لاءِ، ڇونه ان کي پنهنجي ئي ٻولي ۾ ڏجي جيئن سڀ سمجهي سگهن. پر ڪجهه سالن کان پوءِ 16 جولاءِ 1950ع کان عدنان مينديريس جي حڪومت دوران واپس عربي ۾ ٻانگ ڏيڻ لڳا، جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.

    انهي اداري جو هڪ انقلابي قدم اهو چئبو جو انهن تُرڪي ٻولي کي عربي لپي مان مُڪمل آجو ڪري، حليم بروهي واري سنڌي جو روپ ڏنو، يعني رومن لپي ۾ آندو. جنهن کان پوءِ ٻولي جا سڀئي ماهر، شاگرد اُستاد، ڄاڻو سڀ لڳي ويا ان ڪم کي جو انهن ڪجهه ئي سالن ۾ سمورو تُرڪي ٻولي جو مواد رومن لپي ۾ تبديل ڪري ورتو. انهي قدم کي انقلابي قدم انهي ڪري به چئجي جو هاڻي سڄي بُڻيادي توڙي سائنسي تعليم مادري ٻولي ۾ ڏني وڃي ٿي، جنهن جا فائدا هنن ئي صفحن تي ڪافي ليکڪ بيان ڪري چُڪا آهن. پاڻ وارا همراه وري اهو چون ٿا ته انگريزي سکڻ کان سواءِ اسان پوئتي رهجي وينداسين. تُرڪي ۾ يونيورسٽي جي حد تائين سموري تعليم تُرڪي ٻولي ۾، ان کان پوءِ انجنيئرنگ ۽ ٻين ٽيڪنيڪل شعبن ۾ داخلا کان پوءِ هڪ سال انگريزي سيکاري وڃي ٿي. اهي ته پوئتي ڪونه پيا رهجن، ملڪ جي سموري سالياني اُپت جي حساب سان دنيا جي 20 وڏن ملڪن ۾ شامل آهي.

    هر مخصوص وقتن تي ٿيل گڏجاڻين ۾ اربن ڊڪشنري توڙي روزمره جي زندگي ۾ ٻي ٻولي جي ٿاڦيل هر نئين آيل لفظ لاءِ پنهنجي ٻولي ۾ نئون لفظ ٺاهي پيش ڪندا آهن. هڪ تُرڪ دوست موجب اهي کل جوڳا هوندا آهي، پر جلد ئي سڀ انهي نئين لفظ کي استعمال ڪندا آهن. جيئن اسان جو مهراڻ يونيورسٽي جو هڪ پروفيسر دوست حتي الامڪان پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ سنڌي ٻولي جا لفظ ئي استعمال ڪندو آهي، جيئن ٽي وي کي ڏور ڏسڻي، ٽيلي فون کي ڏور ٻڌڻي...... سندس ڊپارٽمينٽ جي ٻاهران وڏن اکرن ۾ ڊپارٽمينٽ جو نالو سنڌي ۾ لکيل آهي. سنڌي ٻولي جي بهتري لاءِ حيدرآباد جي ڄامشورو روڊ تي هڪ بهترين اسڪول سندس نگراني ۾ قائم آهي جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۾ بُنيادي تعليم ڏني وڃي ٿي، گڏوگڏ ثقافتي ۽ عملي هُنر به سيکاريا وڃن ٿا.

    تُرڪي جي گادي واري هنڌ انقره شهر جي هڪ يونيورسٽي، هجيتيپي يونيورسٽي ۾ هڪ تحقيقي ڪم دوران تُرڪ دوست مون کي ڪنهن پاڪستاني دوست سان فون يا اسڪائپ وغيره تي ڳالهائيندي ٻڌندا آهن ته ڏاڍو حيران ٿيندا آهن ته توهان ته تقريبن اڌ انگريزي پيا ڳالهايو، توهان جي پنهنجي ٻولي ناهي ڇا؟ توهان ته چوندا آهيو ته توهان جي پنهنجي شاهوڪار ٻولي آهي، وڏا شاعر ۽ اديب آهن، 52 اکر آهن ٻولي ۾. توهان لاءِ ته تمام آساني هُجڻ گهرجي نوان لفظ ٺاهيندي! جنهن سان سئو سيڪڙو متفق ٿيڻ کان سواءِ ڪو ٻيو چارو ڪونهي. تُرڪ پنهنجي ٻولي خاطر ايترا ته ديوانا آهن جو آئون گاڏڙ ساڏڙ ترڪش ڳالهائيندو آهيان ته سڀ پيا گد گد ٿيندا آهن. ڪي ته ماڳهين چون ته تُرڪي ٻولي جو هڪ جملو چئين ته چانهه جو ڪوپ پياريان.

    حيرانگي جي ڳالهه اها به آهي ته ڪافي سال پهريان مهراڻ يونيورسٽي، ڄامشورو جي هاسٽل ۾ رهڻ دورن منهنجا اُتر سنڌ جا دوست مون تي ڏاڍو کلندا هُئا، جڏهن مون کي سنڌي ٻولي جا لفظ لاڙ جي لهجي ۾ ڳالهائيندي ٻڌندا هُئا، جيئن، ادا پکو ته بند ڪر، بتي ته چالو ڪر، هلو ته هلي ماني کائون، ڪُرسي اورتي کسڪائي اچ، تنهنجو ڪوپ ڪٿي آهي؟. سندس چوڻ هو ته انهي جي جاءِ تي مون کي چوڻ گهُرجي ته فين ته آف ڪر، لائيٽ ته آن ڪر، هلو ته لنچ ڪريون، چيئر کي ڪلوز ڪر، تنهنجو ڪپ ڪٿي آهي؟. انهن مان هڪ ايترو ته انگريزي ٻولي جو شيدائي هو جو مذاق خاطر ئي سندس چوڻ هوندو هو ته آئون پنهنجي ايوريڊي لائيف ۾ ريرلي انگلش لينگويج جا ورڊس يوز ڪندو آهيان.

    سنڌ جي دل حيدرآباد ۾ قائم سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي ڪيل اُپٽار کي ڏسندي هاڻي اُن اداري کي بي اختيار ادارو ٿا چون. توڙي جو آئون سائنس ۽ انجنيئرنگ جو شاگرد آهيان، تنهن هوندي به ٻولي جي بگاڙ ۽ ان کي مستقبل لاءِ سگهارو ۽ قائم دائم رکڻ لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جو قائل آهيان. انفرادي طور تي اسين ڪوشش ڪري وڌ کان وڌ سنڌي جا لفظ استعمال ڪريون، پنهنجي ايندڙ نسلن کي به انهن شين ڏانهن متعارف ڪرايون. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ماجد ڀرڳڙي کان سواءِ ٻين کي به اڳتي اچي سنڌي ٻولي جي بچاءُ لاءِ عملي ڪم ڪرڻو پوندو. نه ته جيڪڏهن ٻولي جي بقاء ۽ واڌ لاءِ اسان جو پنهنجو اهو حال هوندو ته ٻين 70 سالن کان آيل انهن مستقل مهمانن تي ڪهڙي ميار ڪريون جن جو چوڻ آهي ته سنڌي ٻولي ڏاڍي ڏکي آهي، جڏهن ته اُهي ڊينش، فرينچ، جرمن، ڊچ، پولش ۽ ٻيون ٻوليون هڪ سال ۾ ئي سکي ڀڙ ٿي ٿا وڃن، جيئن 3 مهينن ۾ ئي آئون ڪُجهه تُرڪي سکي ويو آهيان، گهٽ ۾ گهٽ گِٽپِٽ ته ڪيڏانهن ڪونهي وئي.

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏4 آگسٽ 2014
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين بلڪل درست، اسان کي انفرادي ڪوشش ڪرڻي پوندي سنڌ ٻولي کي بچائڻ لا، باقي ٻين ادارن تي انحصار ڪرڻ غلط هوندو، اهي ته ڪجھ وقت ڪوشش ڪندا پرپو ننڊ هميشه وانگر. تنهن ڪري انفرادي ڪوشش لازمي آهي ۽ اها اڄ کان شروع ڪريو ٿا.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان ترڪي سکي ويا آهي اهو به ڀلو. ترڪي ۾ ترڪي ٻولي ۾ سکيا آهي اهو ته لاجواب ڪم آهي ..... پر يار اسان وٽ ٻولي اختياري سواء ادبي ۽ شاعري واري ڪم جي ٻيو مڙئي خير ...... انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جي دور ۾ ٻولي اختياري ڇا پئي ڪري سڀني کي خبر آهي. اسان وٽ به نوان لفظ اچي سگهن ٿا ان لاء ادارن جو فعال هجڻ ضروري آهي، جيڪي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نظر رکن ۽ ٻولي ۾ پيدا ڪيل بگاڙ لاء ان کي چنتا ڏين.

    پر يار بيوس آهيون جو سواء لکڻ جي ۽ حوالن ڪرڻ جي ٻيو ڇا ٿا ڪري سگهون .... پر پوء به پنهنجو آواز اٿاريندا رهون ٿا. واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو

    اوهان جو هي مضمون تحقيق جي دائري ۾ سٺو لڳو ..... خوش هجو ۽ لَکندا رهو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 آگسٽ 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    شايد چائنا کان پو سنڌي هڪ واحد خانداني ۽ شاهوڪار لفظن جي ٻولي آهي، شاه جو رسالو به گواهي ڏي ٿو ۽ ڏُکيا لفظ نثر جي بجا شعرن ۾ استمال ڪبا هُئا! ۽ اها ٻولي اڄ به لائبريرين ۾اڃا بقا رکي ٿي جنهن کي انگريز سرڪار به پنهنجن ڪارندن جي سنڌ جي ماڻهن سان لهه وچڙ (ڪوآرڊينيشن ۽ بهتر گورنس) لا عربي مان سنڌي آئيويٽا ٺاهي محفوظ ڪري رکيو هو! ۽ سينٽرل سنڌ (حيدرآباد) ۾ قائم سنڌي ادبي بورڊ (جويو صاحب جي سرپرستي ۾) ان کي بهتر انداز ۾ ۽ آسان جوڙيل سنڌي کڻي اڳتي وڌيو ۽ پو ڀُٽي صاحب جي دئور ۾ اُتر جي طرف وارن ليکڪن، شاعرن ۽ ماڻهن کي ٽيليويزن توڙي ريڊيو توڙي پرنٽ ميڊيا ۽ ادارن ۾ گهڻي ۾ گهڻيون نوڪريون ڏيڻ ڪري سنڌ مان اصلي ۽ سولي سنڌي غائب ٿي وئي ۽ ان جي پهرين ڇيڙ خاني اسان پاڻ سنڌين ڪئي ۽ بازارُن ۾ ڳالهائجندڙ ٻولي، الاهي سرائڪي ۽ اُترادي ڏُکيا لفظ، اڻ پورو ۽ غير مبهم سنڌي گرامر (جهڙوڪ کائي ٿو پيو) ۽ سنڌي کي ڦٽي جوڙي توڙي ٻيا لفظ شامل ڪيا! پو اها سنڌي ڏُکي ٿيندي وئي ۽ ايستائن جيڪي انگريز ۽ ڌاريون قومون آرام سان ڳالهائي سگهيا ٿي سي به ڳالهائڻ کان محروم رهجي ويا ۽ پناهگير سنڌ ۾ ڄمندي به سنڌي نٿا ڳالهائي يا اُچاري سگهن ! اهو ئي سبب هو سنڌي جو نقصان ٿي پيو ۽ ٻين ڌارين ٻولين جو سنڌي ٻولي ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويو(مهرباني ڪري هن نوٽ کي تعصب يا تعصب جي نظر سان نه ڏسجو پر هڪ پازيٽو تنقيد ۽ زميني حقيقتون سمجهجو). اڄ به جيڪڏنهن اسان واڻين جي زماني وارا يا گهٽ ۾ گهٽ 1965 کان اڳيان ڪتاب ۽ نساب واپس آڻيون ته سنڌ ۽ سنڌي اڳتي هلي تباهي کان وڌيڪ بچي سگهي ٿي.وڌيڪ تفصيل لا لنڪ جوڙيو!
    سنڌي گرامر سان انگريزي گرامر پڙهو ۽ پڙهايو!
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 آگسٽ 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هڪ ڪمائتي تحرير. اهو ئي مقصد آهي ته ڌارين مُلڪن جي خرچ تي نه رُڳو پرائڻ پر پڙهائڻ ۽ ڦهلائڻ پڻ.
    واقعي هي اُهي لفظ ايڏو آرام سان پيا استعمال ڪم جو ڪنهن کي ڪا به حيرت ڪانه ٿئي. بليو بيري کي ماوي ميوي (ماوي معني بليو ۽ ميوي معني ميوو)، سمارٽ فون کي عقل فون چون.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا هتي قطر ۾ به هنن عرب سڳورن جو سٺو طريقو رائج آهي ، غير ملڪين کي حڪومت طرفان عربي ٻولي سکڻ لاءِ ادارو قائم ٿيل آهي ، مڪمل عربي سکڻ لاءِ 6 ليول تي مشتمل هڪ ڪورس ڪرايو ويندو آهي ، هر ليول 3 مهينن جو هوندو آهي ۽ انکانپوءِ سيمسٽر ڏيڻو پوندو آهي ، اهڙيءَ طرح 6 ليول ڇهن سيمسٽرن ۾ پاس ڪرايا ويندا آهن مون به چار ليول پڙهيا آهن ، هنن وٽ ٻولي جو قدر آهي ، ۽ هتان جا حڪمران به ملڪ ۽ عوام سان سچا آهن ، باقي اسانوٽ سج لٿو پيو آ ، رڳو اوندھ لڳي پئي آ !
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    دوستئو! انتهائي تيزيءَ سان سنڌ ۾باقي بچيل تعليمي سرمايو! (تعليمي، علم و ادب شخصيتون) اسان کان موڪلائينديون پيو وڃن! اسان به هاڻ پُڇڙي ۾ پُهچي واڪا پيا ڪريون ۽ اک پوري وٺنداسون! شايد پو واڪا گهٽ، نچڻ، ڪڏڻ ، ڳائڻ ، وڄائڻ ۽ ناٽڪي ماحول ئي وڃي بچي.

    حيرت آهي ته ادب دوست جو خاتمون ۽ زوال به سنڌي ماڻهن تي اثر نه ٿو وجهي! ۽ خاص طور هن من موجي هلندڙ جنريشن (نئون نسل) تي. ڇو جو اُهي اڃا باقي بچيل تعليمي ماهرن کان گهربل تعليم، عقل، فهم، چڱائي، ڏاهپ، فلاسافي، تهذيب، رواداري ۽ عزت و احترام جا فن وغيره حاصل نه ڪري سگهيا آهن، جنهن ۾ بلا شعبه ۽ سراسر موالي ۽ نشائي ڪلچر جو ڏوه آهي جيڪو سنڌ دُشمن اسان جي رت ۾ گهولي اسان کي سُسست ، ڪاهل، اپاهج، موالي، نشائين، ڪم چور، ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر وارن، نوڪريون کپائڻ وارن، رُشوتي ڪامورو ٺاهڻ وارن، ڪوڙا شناختي ڪارڊ، ڊوميسائل، سنڌ جي زمينن جا ڪاغذ ۽ ڪليم ، ڌارين کي چند ٽڪن ۾ وڪرو ڪري ڏيڻ وارن ۽ هاڻ ته گهٽڪو ۽ پان کائي اپاهج ٿي وڃڻ وارن به گهٽڪي ۽ پان تي باقي نالي ماتر رهيل سنڌ کپائڻ جي تياري ڪئي آهي ۽ پوءِ اسان هاڻ (ايجيوڪيٽ سنڌ) جا واڪا ڪري هن ڊسڪو نسل کي جاڳائڻ جي ڪوشش پيا ڪريون پر کڙ تيل نه پيو نڪري. ته خبردار ٿيو! جهالت جي يلغار سنڌ کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو