• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان اعتراف ٿو ڪريان ته...... بدر ابڙو

منصور سرور

سينيئر رڪن
مان اهو اعتراف ٿو ڪريان ته سڄي عمر جي ڪوششن باوجود سڄي سنڌ نه ڏسي سگهيو آهيان، سنڌ جي جاگرافيائي ڊيگهه ويڪر ۾ مون پري جا علائقا ۽ ان جا قديم ماڳ مڪان، جبل، قلعا وغيره ته ڏسي ورتا پر ويجهو وارا رهجي ويا. مون اهو سمجهيو هو ته ڏورانهان علائقا ڏسي وٺجن ويجهو وارا ماڳ مڪان ته ڪڏهن به ڏسي سگهجن ٿا ۽ ايئن اهي ڏسجڻ کان رهجي ويا. پرهاڻي ويجها ماڳ به پري ٿا لڳن. اصل ۾ ڪم جا ڏينهن جوانيءَ وارا هوندا آهن. جڏهن جسم ۾ طاقت هوندي آهي. سو هاڻي مان پڇتايان ٿو ۽ سمجهان ٿو ته ماڻهوءَ کي ڪو به ملندڙ موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي. مونکي جيڪڏهن ويجهو وارا علائقا ڏسڻ جو موقعو مليو هو ته ان کي ٻنهي هٿن سان وٺڻ گهربو هو. ضايع نه ڪرڻ گهربو هو.

جڏهن ته هاڻي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ سهوليتون به وڌيڪ آهن. ماضيءَ ۾ اسان انتهائي ڏکين حالتن ۽ محدود وسيلن ۾ مهم جوئي ڪئي هئي جڏهن ڌاڙيلن جو راڄ هو، امن امان جو مسئلو هو. هاڻي به سهولتون ڪي گهڻيون ناهن پر ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه بهتر آهن پر هاڻي نه اها جواني رهي آهي ۽ نه ئي جسم ۾ اها طاقت-
 
Back
Top