جبلت، فطرت ۽ عادت

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    احمد خان جمالي

    اسانجي روزمره جي زندگيءَ ۾ مختلف ماڻهو، مختلف وقتن تي مختلف معنيٰ ۾ پنهنجن تبصرن ۾ گهڻو ڪري جبلت، فطرت ۽ عادت جهڙا لفظ استعمال ڪندا آهن، ۽ ڇاڪاڻ جو اهي لفظ نه صرف اهم آهن پر وسيع، معنيٰ ۽ وسيع مفهوم جي لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا، ان ڪري انهن لفظن جي ڄاڻ ۽ اصل مفهوم سمجهڻ جي ضرورت نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ هارڊ موئر جي ڪتاب Savage survivak جي ٿيل سنڌي ترجمي ”وحشي جيوت جا نشان“ جيڪو محترم محمد ابراهيم جويي صاحب جي طرفان ڪيل آهي. ان مان اهم ۽ بنيادي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي.

    ”جبلت“ انسان حيوان ۽ پکي پکڻ سميت سڀني جاندارن ۾ هڪ اهڙي لاڙي يا ڇڪ جو نالو آهي جيڪو پيدا ٿيڻ سان ئي ساڻن ايئن گڏ هوندو آهي جيئن پٺيءَ جو ڪنڊو، ڪرنگهي جو هڏو، نرم نرم کنڀڙاٽيون ۽ سندن کاڌي کائڻ يا کير پيئڻ جي ”ڇڪ“.

    اسانجي پهرين”فطرت“ اها ئي آهي. اها اسانجي انهن لاڙن جو مجموعو آهي جيڪو ڄمڻ کان به اڳ بدني واڌ سان گڏ وڌندو رهندو آهي.”جبلت“ اسانجي فطرت جو ڪنهن خاص ڪم ڪرڻ ڏانهن هڪ لاڙو يا ڇڪ آهي. جڏهين ته عادت وري اسانجي ڪنهن خاص ڪم ڪرڻ جي ”نموني“ جو نالو آهي، جيڪو اسان ڄمڻ کان پوءِ پرايون ٿا. اسانجي فطرتي ڪم ڪرڻ جي طريقن کي اسان جون ”عادتون“ تبديل ڪري سگهن ٿيون.

    دراصل ” عادتون“ ساڳيو عمل باربار ورجائي ڪرڻ سان ٺهن ٿيون. جيڪڏهن اسان اهڙي دنيا ۾ رهندا هجون جتي ڪابه ڳالهه نه ورجائي سگهجي ته پوءِ ”عادتون“ پرائڻ ممڪن ئي نه ٿي سگهندو.

    ڪو به ڪم جيترو هر، هر ورجائبو ته اوتروئي ان جو ”لاڙو“ سگهارو ٿيندو اهڙي طرح ”لاڙو“ عادت ۾ ۽ ”عادت“ فطرت ۾ تبديل ٿي ويندي.اسان جيڪي به جبلتون ڄمڻ سان گڏ پاڻ سان آڻيون ٿا، اُهي اسانکي عقل ۽ تجربي جي بدران ڪم اچن ٿيون. جاندارن جي الڳ الڳ جنسن کي جبلتن جا به جدا جدا ”سيٽ“ مليل آهي. پر ساڳي جنس جي سڀني ميمبرن کي ساڳيون جبلتون مليل آهن.

    انسانن ۾ جيڪي اهڙا لاڙا يا ڇڪون اسان محسوس ڪيون ٿا ان کي ئي پاڻ ماڻهوءَ جو سڀاءُ يا انساني فطرت سڏيون ٿا.

    اهڙي طرح جنهن فطرتي دنيا ۾ پاڻ رهون ٿا اها پڻ آفاقي قانونن هيٺ ڪم ڪندي رهي ٿي. ان فطري دنيا جي ترتيب ڪيئن ڪيل آهي؟ ۽ اها ڪيئن ڪهڙن قانونن تحت ڪم ڪري رهي آهي؟ انهن سوالن جا جواب ڳولڻ جي علم جو نالو سائنس آهي.

    انساني عمل جو صحيح تصور ئي حقيقت ۾ سائنسي علم ۽ نظريي ٻنهي جي لاءِ شروعاتي قدم جي حيثيت رکي ٿو. اهو درست آهي ته انساني معاشرو، فطرت کان مختلف آهي پر اها به حقيقت آهي ته اهو ساڳي وقت فطرت جو حصو به آهي ڇاڪاڻ جو انساني معاشري جي وجود جو واسطو فطري دنيا سان ئي آهي ۽ اهي ٻئي هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيندا رهن ٿا.

    اهوئي سبب آهي جو جيئن جيئن سائنسي کوجنا تيزي سان اڳڀري ٿي رهي آهي تيئن تيئن هن دنيا ۽ هن ڪائنات جي اسرارن تان پردا پڻ هٽي رهيا آهن.

    جيئن ته انساني حسرتون ۽ تمنائون دنيا جي هر هڪ حصي ۾ تقريبن هڪجهڙيون ئي رهيون آهن ان ڪري ان سلسلي ۾ هن جيڪي وسيلا ڪتب آندا آهن. يا جيڪي حيلا هلايا آهن اُهي پڻ تقريبن ساڳي قسم جا آهن. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته گڏيل علم، شعور ۽ تحقيق جي نتيجي ۾ انساني مختلف مرحلا طئي ڪري آخرڪار ”سائنس“ کي پنهنجي منزل مڃي ورتو آهي.

    فطرت جي قانونن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ انهن کان ڪم وٺڻ جو هڪ نتيجو اهو نڪتو آهي جو انسان جي ”اعتمادِ نفس“ کي طاقت ملي آهي.

    ان ساڳي جستجو ۽ ڪوشش جي نتيجي ۾ انسان جي زهن ۾ اها حقيقت پڻ واضح ٿي آهي ”ناانصافي ختم ڪرڻ سان ئي، هڪ اهڙو معاشرو قائم ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ سمورا ماڻهو خوشي، خوشحالي ۽ آسودگي جي زندگي گذاري سگهن.“

    انسان کي احساس آهي ته موت اٽل آهي، ان ڪري هو پنهنجي زندگي مان پوري طرح فيض ياب ٿيڻ جو خواهش مند آهي. جتي سائنس هن کان خيالي ۽ جذباتي سهارا کيسي ورتا آهن اُتي کيس پنهنجي ذاتي تي ڀروسو ۽ اعتماد ڪرڻ جي همت پڻ ڏياري آهي، انسان کي هاڻي اها خبر پئجي چڪي آهي ته هو پاڻي جذباتي لحاظ کان هڪ ٻار نه رهيو آهي پر ڄاڻ جي لحاظ کان به هڪ بالغ شخص آهي. انسان کي يقين آهي ته هڪ ته هڪ ڏينهن پنهنجي سياسي، معاشي ۽ سماجي مسئلا سلجهائڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو. سائنس جو تعلق موت جي تاريڪي سان نه پر حيات جي روشني سان آهي ۽ دانائي اها آئي آهي ته موت جي گهور انڌيرن ۾ وڃائجي وڃڻ جي بدران انسان ”حيات“ جي روشني ميڙڻ لاءِ آماده ٿئي ۽ هڪ گل وانگر مرجهائڻ کان اڳ پنهنجي چئن ئي پاسي ” مهڪ“ ۽ مسڪراهٽون وکيري ڇڏي ڇاڪاڻ جو هن فاني دنيا ۾ سندس اصل ”مقام“ اهو ئي آهي.

    انسان، بدي ۽ منفي، جبلتن ۽ عادتن مان علم، شعور ۽ عمل جي مدد سان پنهنجو پاڻ کي ڪافي حد تائين آزاد ڪيون آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندس جستجو ۽ جنگ جو اهم هٿيار ”سائنس“ آهي. جڏهين ته انساني معاشرو پڻ مختلف مرحلا طئي ڪري تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن کي اڳتي وڌائڻ ۾ پڻ فلسفي ۽ سائنس اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

    سچي ڳالهه اها آهي ته فطرت، انساني معاشرو۽ شعور، هڪ ٻئي کان الڳ الڳ يا لاتعلق نه آهي ۽ نه ئي هڪ ٻئي جي راھ ۾ رڪاوٽ آهن. پر هڪٻئي تي اثرانداز ضرور ٿيندا رهن ٿا.

    اهو سچ آهي ته ”آفاقي فطرت“ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي، ان جا سبب به فطري هوندا آهن. فطرت ۾ جيڪي قوتون هڪٻئي تي اثرانداز ٿين ٿيون، اُهي انڌيون ۽ ”خودرو“ هونديون آهن پر انساني معاشري ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي، اهو انسانن جي سرگرمي ۽ پنهنجي گڏيل عمل جو نتيجو هوندا آهن. انسان هاڻي هڪ باشعور هستي آهي، ان ڪري هو جيڪو ڪجهه ڪندو آهي، اهو سندس ”دماغ“ مان ئي دڳ ٺاهيندو آهي.

    ”انسان ڏسي سگهجن ٿا، کين پرکي سگهجي ٿو. توهان هنن تي حملو ڪري سگهو ٿا، کين پڪڙي سگهو ٿا، قيد ڪري مٿن ڪيس هلائي سگهو ٿا ۽ کين ڦاسي تي لٽڪائي سگهو ٿا پر ”خيالن“ يا سندن سوچ کي ايئن دبائي نٿو سگهجي، اهي نامحسوس طريقي سان ڦهلجن ٿا، جذب تي وڃڻ ٿا، لڪي وڃن ٿا ۽ پنهنجي چاهيندڙن جي نظرن کان اوجهل ٿي وڃن ٿا روح جي گهرائي ۾ لڪي پلجن ٿا، پکڙجن ٿا ۽ پاڙون ڪڍن ٿا، جيترو توهان انهن جون شاخون جيڪي بي احتياطي جي ڪري ظاهر ٿيون هجن، ڪاٽيندئو، اوتر ئي انهن جو پاڙون زمين اندر وڌيڪ مضبوط ٿينديون“

    ڪيترائي دوست هن دور ۾ به چوندا آهن ”انسان فطرتن خود غرض آهي.“

    اهو درست آهي ته قديم زماني کان وٺي ماڻهو انفرادي طور خود غرضي کان به ڪم وٺندو رهيو آهي ان جي ڪري سنگين ڏوھ پڻ ڪندو رهيو آهي پر ايئن چوڻ ته ”خود غرضي سندس فطرت ۾ شامل آهي“ انتهائي ناانصافي ٿيندي. مجموعي طور تي سڀني انسانن تي اهڙو الزام هڻڻ درست نه آهي.“

    دراصل ”انسان“ گذريل هزارين سالن ۾ جيڪي مختلف مرحلا ڀوڳيا آهن، انهن جي دوران سندس سوچ به بدلجندي رهي آهي ته سندس ڪردار پڻ تبديل ٿيندو رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ انساني فطرت، مادري ۽ پدري جبلتن جو مجموعو آهي.

    صنعتي انقلاب توڙي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جي نتيجي ۾ جيئن جيئن اقتصادي نظام بدلجندو رهي ٿو تيئن تيئن انساني اخلاق، ڪردار ۽ سندس سوچ پڻ تبديل ٿيندي رهندي ۽ وقت سان گڏ انساني فطرت جا تعميري ۽ مثبت پهلو وڌيڪ نکرندا، مضبوط ٿيندا، هو پنهنجو پاڻ کي عالمي انساني برادري جو فرد سمجهڻ شروع ڪندو ۽ اهو ثابت ڪندو ته هو خود غرض نه آهي.

    دراصل ڳالهه ڦري گهري ان جاءِ تي اچي ٿي ته ڪابه شئي جامد يا هڪ هنڌ بيٺل نه اهي. انساني، معاشرو، ۽ شعور ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌندو رهي ٿو ۽ اهڙي طرح انساني سڀاءَ ۾ پڻ تبديلي ۽ بهتري ايندي رهي آهي. ان ڪري ڪو به ”گُڻ“ يا اوگڻ“ انسانن سان مستقل منسوب ڪرڻ ڪنهن به طرح درست نٿو ٿي سگهي.

    فطرت، جبلتون، ۽ عادتون، انساني معاشري سان گڏ هم سفر آهن ۽ بهتري ڏانهن مائل آهن، ان ڪري ان سلسلي ۾ مروج حالتن کي نظرانداز ڪرڻ کانسواءِ ڪابه راءِ قائم ڪرڻ يا فتويٰ ڏيڻ ڪنهن به طرح مناسب نه ٿيندي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو