• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نِم جي گهاٽي ڇانو، لڙڪن جي لپ ۽ شهر جو ڪارپوريٽ ڪُن...!

منصور سرور

سينيئر رڪن
شوڪت لوهار
ans_03082014035503.jpg

جڏهن شام لڙندي هئي ۽ پکي پنهنجي آکيرن ڏانهن ورندا هئا، تڏهن خيال ايندو هو ته گهر به وڃڻو آهي ۽ بلور راند کي اڌ ۾ ڇڏي يا پراڻي گاڏي واري ڦيٿي کي هٿن ۾ ڪاهيندي ۽ ڪو گيت جهونگاريندي گهر اچبو هو. جيڪو حال حاضر هوندو هو، اِهو کائي وري وڏڙن جي ڪچهري ٻڌبي هئي. مهمان مڙو، الله جي رحمت ڪري ڄاڻبو هو. گهر جا وڏڙا ڪانڀ ڪڍي اجرڪ جي پينگ ٺاهي، هڪ ٻئي کان احوال وٺندا هئا.

ڳوٺ جون صبحون به ڇا صبحون هونديون اچيون کير جهڙيون، صبح ٿيڻ تي ڪانون جي ڪان ڪان ۽ ڪويل جي اندر ۾ وڍ وجهندڙ ڪوڪ پر سڪون ننڊ مان سجاڳ ڪري ڇڏيندي هئي. پاڙي وارن جي گهرن مان لسي جهڳڻ جو آواز، مال کي ڪاهي چاري ڏانهن ويندڙ ڌنار جي ڪنهن لوڪ گيت جي دانهن، ڇا ته اِهي منظر هئا. سنئون لکندي مَن ملول ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ جي ٻهراڙين ۽ ڳوٺن جي مرندڙ ورثي، شايد ڪنهن ثابت علي شاهه جو جنم ٿي پوي. هن اڇي کير جهڙي صبحن کي خبر ناهي ته ڪهڙن ڪارن نانگن جا زهريلا ڏنگ کاهي ويا، جو اِهي ڳوٺاڻي زندگي جون سڀئي مسرتون، خوشيون، اُمنگون، ٽهڪ ۽ تاڙا ملائڻ، هڪ پل ۾ ئي شهر ۾ ڇانيل ڪاربان مونو آڪسائيڊ جي دونهين جي نظر ٿي ويا. سرنهن ڦلارن ۾ ڪنهن ڪنوار جيان سينگارجندڙ ڳوٺ جي سونهن، خبر ناهي شهر جي ڪهڙي برائيڊل ميڪ اپ ۽ پيڊيڪيور ۽ هٿرادو سونهن جي ازدها جي ور چڙهي ويئي؟

سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪڻڪ ۽ سارين سان جهنجهيل کيت ۽ ان جي وزن ڪارڻ انهن جا سر ائين جهڪيل هوندا هئا، جيئن ڪا نئين نويلي ميندي لڳل ڪنوار گهونگهٽ پايو سيس نوايو ويٺي هجي ۽ پنهنجي سهاڳڻ ٿيڻ تي سندس من کٽڻ هار بڻجندو هجي؟ سڄو سڄو ڏينهن ليسوڙي جي وڻن تان ليسوڙا لاهڻ ۽ انهن کي واهه جي ميٽوڙي پاڻي مان ڌوئي کائڻ، سڄو سڄو ڏينهن پير ۽ بڙ جي وڻ جي ڇانون ۾ گذارڻ، سرنهن جي گلن جا هار ٺاهي هڪ ٻئي کي پارائڻ، نم جي گهاٽي ڇانو هيٺيان ڳائي لسي جي کيپ تي الوٽ ٿيڻ، اِهي سڀ لمح، هي سيٽلائيٽ جي منافقت ۾ ورتل وڻ ويڙهي جهڙي زندگي، جيڪا نام نهاد ڳاڙهن ۽ ساون نوٽن جي لالچ ۾ هن جي وڏن نالن ۾ روزانو شامل ٿي رهي آهي. ڇا اِها اسان کان سوال نٿي ڪري ته اسين پنهنجي لاشن جا پاڻ ئي جنازا ڪلهن تي کڻي پيا هلون؟ اسين پنهنجي موت جو سامان پاڻ ڪنهن ٽچ اسڪرين تي گڏ نه ڪري رهيا آهيون.

ڪي ڏينهن هئا جو ڳوٺن ۾ ويڙها وسندا هئا، خوشيون واقعي پنهنجي پوري جوڀن سان زمين تي لهي اينديون هيون. ماڻهن کي مهانگائي جي ڪاري واسينگ ڪين کاڌو هو، تڏهن عيدون مرادون سڀ گجي ملهائبيون هيون ٻڍا، ٻار، جوان سڀ هڪ ئي لئه ۾ هوندا هئا. ڳوٺ جي مسجد جي مولوي جي سنڌي لهجي واري عربي به وڻندڙ هوندي هئي، ان جو منظوم ترجمو دل ۾ ڌڻي جو نور اوتي ڇڏيندو هو؟ پر اهي سڀ شيون شهر جي وڏن مالن ۾ وڪرو ڪري اسين پنهنججو پاڻ لاءِ اذيتن جا عذاب ورتا.

تڏهن چار آنن جي شيرڻي ۽ هڪ برف جو رنگين گولو، انهيءَ ڏينهن جو وڏي ۾ وڏو پيڪيج هوندو هو. محمد علي، زيبا، نديم ۽ شبنم جي فلم بس زندگي ۾ ڀرپوريت جي گارنٽي هونديون هيون.

پر هي سڀ ڳالهيون ته خوابن جيان لڳن ٿيون. ڇا اهي حقيقت هيون؟ ها اها ئي حقيقت هئي. سنڌ جي جواني جڏهن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪر موڙي اٿندي هئي ته ان جو مزو ئي پنهنجو هوندو هو. اڄ جهڙي سنڌ جون ٻهراڙيون ڪچي شراب جي بٺين ۾ تبديل ٿي ويون آهن، تن ڏينهن ۾ جيڪڏهن ڪو جوان پن جي ٻيڙي دُکائيندو هو، تڏهن به هيڏي هوڏي ڏسي دکائيندو هو، شرم ۽ حياءُ هوندو، اخلاق ۽ خوف گاڏڙ احترام هوندو هو.

مگر هي ڇا ٿي ويو؟ هن وقت سنڌ جا ڳوٺ تباهي جو منظر پيش ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ٻهراڙين جو ڪلچر ئي تبديل ٿي ويو آهي. اڄ جي نوجوان کي ڪارپوريٽ ڪلچر جي بلائن چوڌاري وڪوڙي ڇڏيو آهي. هو ڳوٺاڻو جيڪو ڪنهن ٻٻر جي وڻ کي ٽيڪ ڏيئي چنگ چوريندو هو يا بوڙينڊي مان ڪا دانهن ڪڍندو ته وڻن تي ويٺل پکي به جهومڻ لڳندا هئا ۽ گاهه جي ڀري کڻي ويندڙ ڪنهن نينگري جي اندر ۾ عشق جي چڻنگ ٻري پوندي هئي، اهو نوجوان هاڻ چائنا جي موبائل تي هندستاني فلمن جي واهيات گانن جي آفيم واپرائي سرهائي محسوس ڪري ٿو.

ٺڳ واپارين، قاتل ۽ ڪاسائي ڪامورن جي ذهني گند جو سڌو سنئون شڪار ٿيندڙ سنڌ جون ٻهراڙيون، اڄ ائين ڪوڪي رهيون آهن، جيئن غزا ۾ هر گهڙي هڪ ٻار اسرائيلي گولي جو شڪار ٿي رهيو آهي.

مفادپرست، ذاتي ۽ خانداني سياست سنڌ جي ٻهراڙين کي اڏوهي جيان کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. چونڊيل نمائندا جن کي حقيقت ۾ نمائندا نه بلڪه پنهنجي پنهنجي تڪن جا سوداگر، پنهنجي پنهنجي ڪرنسي کي ڪيش ڪرائيندڙ گرناري جڏهن چونڊجي ڪراچي ۽ اسلام آباد جي مصنوعي ۽ سيٽلائيٽ دلدلن ۾ اهڙا ته غرق ٿي وڃن ٿا، جو انهن کي اهو خيال ئي نٿو رهي ته جنهن ٻڍڙي انهيءَ آسري تي ووٽ ڏنو ته هن جي نوجوان پٽ کي ڪا نوڪري ملندي پر نوڪري ته ڪو نه ملي پر هن کي جيون جي جوتي کي اُجهائڻ لاءِ جيت مار دوا ملي. ڀلا سياستدان ۽ نمائندن کي سنڌ جي ٻهراڙين تي رحم اچي ته ڇو اچي؟ ڇاڪاڻ ته ليڊر ليس گورننس ۾ سواءِ پنهنجي ذات جي ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي.

هن وقت سنڌ جي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ بک راڄ ڪري رهي آهي. ماڻهو غربت جي ڪري آپگهات ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ڳوٺن ۾ موت جو وحشي رقص جاري آهي. اتر سنڌ جي هر علائقي هر واهڻ هر وستي ۾ بيمارين گهر ڪري ڇڏيا آهن. ڊان گولن ۽ آڪڙا پرچين جي ٺوڳين ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ اٽي لپ ڪو نه ڇڏي آهي. ٽائون ڪميٽين ۽ ٽي ايم اوز جيڪي هاڻ اي ٽي ايم چئجن ته وڌ نه ٿيندو سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن کي هڪ گند جي ڪني ڪُن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. روڊ رستا سڀ مڪلي جي قبرستان جيان لڳا پيا آهن. هٿرادو لوڊشيڊنگ جي ڪري ماڻهو روزانو الله کان دعائون گهرن ته کين جلدي موت اچي. چوويهه ڪلاڪن مان ڪو اڌ ڪلاڪ بجلي منهن ڏيکاري ٿي، باقي ڪل خير، اوهان کي سنڌ جي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ گهرن جي مٿان سولر پليٽون اهو ٻڌائينديون ته هتي لائيٽ نالي ڪا شيءِ نه آهي، هر ڪو ماڻهو سولر بجلي افورڊ نٿو ڪري سگهي. هن وقت اتر سنڌ ۾ گرمي پد پنجاهه سينٽي گريڊ کان مٿي آهي. مڇر ۽ مکين جو آزار الڳ آهي. ڇا ڪنهن چونڊيل نمائندي کي توفيق ٿيندي جو هو عيد جون مبارڪون وصول ڪندي ٿورو پنهنجي ضمير ۾ جهاتي پائي ڏسي ته هي قبيلائي ۽ برادري ۽ داٻي ۽ دونس تي قائم ڪيل ڪوڙي سلطنت سندس ڪيستائين هلندي. سنڌ جا پڙهيل لکيل نوجوانو! توهان جون ٻهراڙيونم واڳون واتن ۾ آهن توهان جي ليگي مري رهي آهي، اها گهڙي اوهان اها تقاضا ڪري ٿي ته اوهين شهرن جي راڪشس لوهي ٻيڙيون لاهي ڦٽي ڪريو ۽ پنهنجي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ڏانهن رخ ڪيو. هي وقت جي ضرورت آهي. هن وقت سڀئي نوجوان جيڪي جيڪي پنهنجي نوڪرين يا ڪنهن ڪم ڪار سانگي شهرن ۾ ترسيل آهن، کين گهرجي ته پنهنجي پنهنجي علائقن جي مالڪي ڪن. پنهنجي تڪ جي چونڊيل نمائندن کي سندن نشيلي ننڊ مان سجاڳ ڪرائين. ٻي صورت ۾ هن سڪي ويل ڀڀڙ جي ڀنن مان سواءِ پاراتي جي ٻيو ڪجهه ڪين ملندن. پاڻي کان خالي واهن ۾ اڏامندڙ واري کين معاف ڪو نه ڪندن. وڏن وڏن پلازائن جي ماچس جي دٻن ۾ ويٺل ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ انهيءَ نوجوان کي هن وقت ڳوٺ جا وياج لاءِ وڪرو ٿيندڙ وڻ روئي سڏي رهيا آهن ته کين مالڪي ڪئي وڃي.
 
هڪڙي ڳالهه ڪيان ادا مضمون ڪافي حساس آهي ۽ حقيقتون ڪافي تلخ...پر انهيءَ بربادي جي پويان اسان جا پنهنجا هٿ آهن مان خود ڳوٺ ويندي آهيان ته ڀاڄيون گهرن ۾ ائين جيئن گاهه جون سٿيون پيون هجن کير ائين جيئن پاڻي جون بالٽيون پيون هجن رونقون ائين جئين ڳوٺ نه هڪ وڏو گهر هجي پر هاڻي ڳوٺ ۾ راڪاس لڳو پيو آهي وري ماڻهن کي ٻار سڌارڻ جي سڌ جيڪا سٺي ڳالهه آهي ڀلي شهرن ۾ اچن پر پنهنجي گهرن کي ڪرائي ائيرن غيرن کي حوالي ڪري ڳوٺن کي پنهنجائپ کان خالي ڪرڻ سٺو سنوئڻ ناهي پر ڇا ڪجي پيٽ کي پٿر ته ڪو نه ٻڌي زندگي گهاريندي تنهنڪري سڀ پئسي سڃ ۽ گهٽ برداشت جو ڪارڻ آهي جنهن ڪري هاڻي ڳوٺ ڳوٺ نٿا لڳن
 
هڪڙي ڳالهه ڪيان ادا مضمون ڪافي حساس آهي ۽ حقيقتون ڪافي تلخ...پر انهيءَ بربادي جي پويان اسان جا پنهنجا هٿ آهن مان خود ڳوٺ ويندي آهيان ته ڀاڄيون گهرن ۾ ائين جيئن گاهه جون سٿيون پيون هجن کير ائين جيئن پاڻي جون بالٽيون پيون هجن رونقون ائين جئين ڳوٺ نه هڪ وڏو گهر هجي پر هاڻي ڳوٺ ۾ راڪاس لڳو پيو آهي وري ماڻهن کي ٻار سڌارڻ جي سڌ جيڪا سٺي ڳالهه آهي ڀلي شهرن ۾ اچن پر پنهنجي گهرن کي ڪرائي ائيرن غيرن کي حوالي ڪري ڳوٺن کي پنهنجائپ کان خالي ڪرڻ سٺو سنوئڻ ناهي پر ڇا ڪجي پيٽ کي پٿر ته ڪو نه ٻڌي زندگي گهاريندي تنهنڪري سڀ پئسي سڃ ۽ گهٽ برداشت جو ڪارڻ آهي جنهن ڪري هاڻي ڳوٺ ڳوٺ نٿا لڳن
جي ادا بلڪل سچ پيان چون، ڳوٺن جون ڇا ڳالھيون ڪجن. ڳوٺ ڳوٺ آهن يار.
 
Back
Top