گوشت ڇڏيو، سايون ڀاڄيون کائو

'صحت سرير جي' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جرمنيءَ ۾ گوشت کان پرهيز جي مشهوريءَ لاءِ پهريان به تمام گھڻيون ڪوششون ٿي چڪيون آهن پر جيترو اثر آمريڪي ليکڪ جوناٿن زعفرون فور جي تازو ڇپيل ڪتاب ”ايٽنگ اينيمزل“ کان پوءِ ڏسڻ ۾ آيو آهي، پهريان ڪنهن به ذريعي ڏسڻ ۾ ناهي آيو، هي آمريڪي اديب هن وقت تائين پنهنجي ڪامياب ناولن سبب مشهوري ماڻي چڪو آهي، جوناٿن هن موضوع تي قلم کنيو آهي ته ڪهڙن جانورن کي وڏن وڏن فارمن ۾ اذيتون ڏيندڙ حالتن ۾ رکيو ويندو آهي.
    [​IMG]
    هن ڪتاب آمريڪا ۽ اولهه دنيا جي ٻين ملڪن جيان جرمنيءَ ۾ به نئين بحث جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هاڻ گھڻو ڪري هن ئي ڪتاب جو اثر آهي جو جرمن معاشري ۾ اهڙن فردن جو انگ وڌي رهيو آهي، جيڪي گوشت کان اعلانيل پرهيز ڪندا آهن، رڳو ۽ رڳو سايون ڀاڄيون کائيندا آهن.

    سايون ڀاڄيون کائيندڙن جي مرڪزي جرمن تنظيم جي ناظم سيباتيان سوئش چوي ٿو: ”عوام جي رجحانن ۾ تبديلي آئي آهي، هاڻي سايون ڀاڄيون کائڻ جديد ۽ فيشن جو حصو سمجھيو ويندو آهي، هالي ووڊ جا ڪيترائي مشهور ستارا به سايون ڀاڄيون کائيندا آهن. ماڻهن جي سوچ مٽجي رهي آهي، ماڻهو اهڙيءَ طرح ان ڳالهه جو اظهار ڪندا آهن ته هو هن دؤر جي تقاضائن سان گڏ هلن. انهن ۾ همدرديءَ جو جذبو آهي ۽ هو پائيدار بنيادن تي زندگي گذارڻ چاهين ٿا.“

    آمريڪي ليکارو ڳوڙهي تحقيق کان پوءِ پنهنجي ڪتاب ۾ اهو به لکيو آهي ته گوشت جو گھڻو استعمال ۽ ان گوشت جي پيداوار جو انتظام ڪندڙ فيڪٽري سسٽم انساني صحت لاءِ مختلف قسم جا مسئلا ساڻ کڻي ايندو آهي، ان سان گڏوگڏ زميني گرمي پد ۾ واڌ ۽ ٻين قسمن جي ماحولياتي تباهڪارين جو سبب به بڻجي رهيو آهي.

    سايون ڀاڄيون کائيندڙن جي جرمن تنظيمن جو اڳواڻ سوئش چوي ٿو: ” منهنجي خيال ۾ هي نقطو به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ته ماڻهو مڪمل شعور سان اهو چوندا آهن ته گھڻن شعبن ۾ جيترو گھٽ هجي، اوترو بهتر آهي، گڏ ئي اسان کي اهو احساس به ٿي رهيو هجي ته ساين ڀاڄين جي لذت وارو پاسو سبزي خورن اڳيان گھڻو اهم ٿيندو پيو وڃي، اسان هاڻ سبزي خورن جو هڪ ٽريڊ ميلو لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، اهو آهي ”ويجي ورلڊ.“ ان ۾ اسان انهن ٻنهي رجحانن کي هڪ ڪرڻ ٿا چاهيون، يعني هڪ طرف ماحول سان اهڙو ورتاءُ ته وسيلن تي گھڻو وزن نه پئي ۽ ٻئي طرف ان طريقي سان سايون ڀاڄيون کاڌيون وڃن جو لذت وارو پاسو به نظر انداز نه ٿئي.“

    [​IMG]آمريڪي ليکڪ جي تحقيق موجب ماحول ۾ نقصانڪار گيسن جي نڪرڻ جو ذميوار انسان آهي، ان جي 18 کان 51 سيڪڙو ذميوار جانورن جا وڏا فارم آهن، جرمنيءَ ۾ عام ماڻهن پاران گوشت ڇڏڻ بابت پڇيو ويو ته هڪ همراهه جو چوڻ هو ته: ” ها، اهو سٺو ته آهي، پر مون کي پاڻ گوشت ايترو وڻندو آهي جو مان ان کي ڇڏي نه ٿو سگھان، ها، مان ان ڳالهه جو تصور ضرور ڪري سگھان ٿو ته گوشت جو استعمال ڪجھه گھٽ ڪيان. مسئلو اهو آهي ته مان جڏهن به ڪينٽين ۾ ويندو آهيان ته عام طور سدائين گوشت ئي هوندو آهي ۽ سايون ڀاڄيون سدائين ڏسڻ ۾ به سٺيون ناهن لڳنديون.“

    هڪ عورت ان سوال جو هن طريقي جواب ڏنو: ” هونئن ته مان ان ڳالهه جي حامي آهيان، هڪ وقت تائين مون ان تي عمل به ڪيو آهي. هاڻ جيڪڏهن مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وغيره بابت ٻڌان ته پوءِ ته انسان کي واقعي گوشت کان ڄاڻي واڻي جان ڇڏائڻ تي غور ڪرڻ گھرجي.“

    هڪ ٻئي همراهه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪجھه هيئن ڪيو: ”منهنجي خيال ۾ مون وٽ هڪ مخصوص رجحان نظر اچي رهيو آهي، ٿي سگھي ٿو ته عام رجحان به اهوئي هجي ته هاڻ معيار تي گھڻو ڌيان ڏنو وڃي ۽ گوشت جي گھڻي استعمال تي نه، هاڻ عام گوشت بجاءِ بائيو گوشت گھڻو کاڌو ويندو آهي.“

    33 سالن جي ليکڪ جوناٿن زعفرون فور جو چوڻ آهي ته هونئن ته مان گذريل ڪيترن ئي سالن کان رڳو سبزيون کائڻ لاءِ سوچي رهيو هئس پر گوشت ڇڏڻ جي سلسلي ۾ منهنجي سوچ ۾ بنيادي تبديلي جو سبب مون پاران پاليل ڪتو جارج آهي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالجبار شاھ راشدي

    عبدالجبار شاھ راشدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2012
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    301
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ
  3. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    تمام بهترين ڄاڻ.....پر انسان گوشت خور آهي اهو ڪئين کائيڻ ڇڏيندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو