• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

( ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ايم پي اي صاحبه جي اڄ جي عوامي آواز واري مضمون جو آخري حصو )

( ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ايم پي اي صاحبه جي اڄ جي عوامي آواز واري مضمون جو آخري حصو )
___________________________________
پيپلز پارٽي مڪاني چونڊ جي حق ۾ ته آهي ئي ڪونه، ان ڪري اهي ڪم جيڪي ميونسپل ادارن کي ڪرڻ کپن، انهن جو ڪو به اوهي واهي ناهي، پر ته به انتظامي نااهليءَ ۾ حڪومتي وزيرن ۽ سندن مقرر ڪيل دادلن آفيسرن، پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ورتيون آهن، ان ڪري سندن سموري اهليت ۽ انتظام کي، هڪڙي برسات هڻي ڌوئي رکيو آهي. ماڻهو، مڪاني ادارن واري وزير موصوف کي ڳوليندا ٿا وتن، يقيناً وزير موصوف، ڪو نه ڪو دانشورانه نقطو کڻي ان نااهلي ۽ بدانتظاميءَ جي وضاحت ڪندو. اطلاعات کاتي اهو بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. وزير صاحب شهر جو دورو ڪري، ضروري احڪام جاري ڪري ڇڏيا آهن. آخر ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇرڪائيندڙ ۽ حيرت انگيز بيان ، جناب حضرت قائم علي شاھ صاحب، وزيراعلى سنڌ جو آهي. فرمائين ٿا” اسڪول ۾ پکا ۽ ڪرسيون ناهن ته ماستر اسڪول ڇو اچي؟ ”تمام گهڻي غربت ۽ بيروزگاري آهي، رڳو حڪومت تي نه ڀاڙيو“ ”اسانجا اسڪول اجڙيل آهن، بهتريءَ جي ڪوشش ڪيون پيا“ گيس ڪمپنين جا فنڊ روڊن رستن ۽ ٻين ترقياتي اسڪيمن تي خرچ ڪنداسين“ ”هزارين نوڪريون ڏنيون آهن. پوليس کاتي ۾ اڃا به 10 هزار نوڪريون ڏينداسين.“
 
Back
Top