حضرت نوح جي ٻيڙي ڳولي لهڻ جو انڪشاف چين۽ ترڪي جي مهم جوئن دعوي ڪئي آهي ته انهن حضرت نوح جي ٻيڙي جي باقيات ڳولي ورتيون آهن ، سندن چوڻ آهي ته کين اوڀر ترڪي ۾ عرارت جبل وٽ حضرت نوح جي ٻيڙي جو باقيات مليون آهن ، جن جي اڀياس ڪرڻ سان تصديق ٿي آهي ته اهي 4800 ورهيه پراڻيون آهن سندن چوڻ آهي ته ساڳي عرصي دوران ئي اهڙو طوفان آيو هيو، رپورٽ موجب کوجنا ڪندڙن جو چوڻ آهي ته کين 100 سيڪڙو نا پر 99،9 سيڪڙو يقين آهي ته سندن هٿ ڪيل قديم ٻيڙي حضرت نوح جي ئي آهي ، جنهن ۾ ڪاٺ جا ڪيترائي ڪمرا ٺهيل آهن ، جيڪي شايد مختلف جانورن رکڻ لاءَ ورهيايا ويا آهن ـ
جواب: حضرت نوح جي ٻيڙي ڳولي لهڻ جو انڪشاف ادي منهنجي خيال ۾ به اها ساڳئي ٻيڙي ٿي سگهي ٿي۔۔۔۔ باقي ادي خبر شيئر ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔
جواب: حضرت نوح جي ٻيڙي ڳولي لهڻ جو انڪشاف شيئر ڪرڻ جي مهرباني باقي تحقيق جو ڪم في الحال اسان ڦلڦوٽي فقير جن جي حوالي ڪيون ٿا