ٻلها، ٻلهڙا، سنڌ جا رودالي

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ٻلها، ٻلهڙا، سنڌ جا رودالي

    امر فياض

    اوهان مان جنهن به دوست گلزار جي فلم رودالي ڏٺي آهي اهو سمجي سگھي ٿو ته اها ان ڪڙم قبيلي تي ڀريل آهي جيڪي ٻين جي خوشين ۽ شادين ۾ وڃي پئسن تي لاڏا ڳائي نچي ٽپي ناهن کائيندا پر هو ٻين جي مرڻن، ۽ غمين ۾ وڃي وڏا وڏا پار ڪڍي روئي ماتم ڪري ڪمائيندا آهن. گلسرين ته هاڻي آئي، پر اڳي ڪانهن (هڪ قسم جي ٻوٽي) جو سفوف يا ٽوه جو پاڻي دٻلي ۾ وجھي ان جي ٿورڙي ذرڙي اکين سان ڇا لائي ويندي آهي جو اکيون سڄو درياءُ بڻجي اٿلي پونديون آهن.
    ۽ هو وڏا پار ڪڍي روئندا آهن.
    هاڻوڪي ڀارتي سرحدن ۾ راجستان ۽ سنڌ جي ٿر کان وٺي خيرپور جي ڦارهياڙي تائين اهي رودالي سنڌ ۾ ”ٻلها يا ٻلهڙا“ ذات جي نالي سان مشهور آهن.
    ڪوٽڏجيءَ بنگلي کان اوڀر پاسي ڪافي وٿيءَ تي جڻونجي وارو شهر آهي اتي جام ملن ٿا.
    سنڌ ۾ ميرن جي فوتگين ۾ هو ايندا هئا. جن مان ڪجھ ته اڄ به اهو رواج سنڀاليون اچن ٿا.
    اڳتي هلي ذاتي فوتگين کان وڌيڪ مهرم مهيني ۾ اوسارا ڪندا اچن ٿا. ته سندن مرد وري نوحه خواني ڪدي ملن ٿا.
    هي سنڌ هنڌ جي روايت اڃان جاري و ساري آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو