رياض ملڪاڻي
سينيئر رڪن
ادا ماستر ڪا خبر چار ڏي دلاسو دڙو دل کي دلدار ڏي
سڃاين اوهان کي ستايو ته هوندو
گھڻو قرض وارن تپايو ته هوندو
غمن ڀي اوهان کي ورايو ته هوندو
نئون سور دل ۾ سمايو ته هوندو
خبر صاف کولي اڙي يار ڏي ادا ماستر ڪا خبر چار ڏي
ملن ڪون ٿيون ڇو؟ اوهان کي پگھارون
ڏسان دربدر ٿو اوهانجون قطارون
رڙيون روز دانهون ڪيو پيا پڪارون
ڏين ٿا ڪي قرضي اوهان کي ميارون
خدا شل ڪري خير سرڪار ڏي،
ادا ماستر ڪا خبر چار ڏي
توهان جا ٻچا بک ۾ مرندا ته هوندا
ڏکن ۾ سندن هنياءُ ڏرندا ته هوندا
سندن نيڻ پاڻي سان ترندا ته هوندا
ڳڻي روز ڳڻتيون سي ڳرندا ته هوندا
سچي دل سندا اڄ تون اظهار ڏي ادا ماستر ڪا خبر چار ڏي
سڄو ڏينهن مٿو پيا هڻو ٿا اجايو
اوهان تي نه ڪنهن کي اڃا قياس آيو
زماني جي گردش اوهان کي منجھايو
سودائي ٿيو غمگين اڳئين کان سوايو
ڪيو ڪنهن نه ڪو خيال گفتار ڏي ادا ماستر ڪا خبر چار ڏي
سڃاين اوهان کي ستايو ته هوندو
گھڻو قرض وارن تپايو ته هوندو
غمن ڀي اوهان کي ورايو ته هوندو
نئون سور دل ۾ سمايو ته هوندو
خبر صاف کولي اڙي يار ڏي ادا ماستر ڪا خبر چار ڏي
ملن ڪون ٿيون ڇو؟ اوهان کي پگھارون
ڏسان دربدر ٿو اوهانجون قطارون
رڙيون روز دانهون ڪيو پيا پڪارون
ڏين ٿا ڪي قرضي اوهان کي ميارون
خدا شل ڪري خير سرڪار ڏي،
ادا ماستر ڪا خبر چار ڏي
توهان جا ٻچا بک ۾ مرندا ته هوندا
ڏکن ۾ سندن هنياءُ ڏرندا ته هوندا
سندن نيڻ پاڻي سان ترندا ته هوندا
ڳڻي روز ڳڻتيون سي ڳرندا ته هوندا
سچي دل سندا اڄ تون اظهار ڏي ادا ماستر ڪا خبر چار ڏي
سڄو ڏينهن مٿو پيا هڻو ٿا اجايو
اوهان تي نه ڪنهن کي اڃا قياس آيو
زماني جي گردش اوهان کي منجھايو
سودائي ٿيو غمگين اڳئين کان سوايو
ڪيو ڪنهن نه ڪو خيال گفتار ڏي ادا ماستر ڪا خبر چار ڏي