• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

Long way عمرڪوٽ سانحو! سنڌ حڪومت، سياسي پارٽيون ۽ قومپرست

منصور سرور

سينيئر رڪن
وينگس
ans_04082014023520.jpg

تون ڪنهن کي ڳولهين ٿي،

قاتل کي،

ڪهڙو قاتل؟

جنهن منهنجو هر دور جي در تي قتل ڪيو آ،

ڇا تو وٽ ڪي شاهد آهن،

جيڪي شاهدي ڏين ته تنهنجو قتل ڪيو ويو آ،

هي ڪهڙي قسم جو سوال آ،

جو مان پنهنجي قتل جي لاءِ به شاهد آڻي ڏيان،

تون کي منهنجو لاش نظر نه ٿو اچي. (هلينا)

سنڌ جي، خوف ۾ هلندڙ وقت کي ڏسندي مون کي هلينا جون سٽون ياد اچي ويون جنهن ۾ هوءَ پنهنجا قاتل ڳوليندي نظر اچي ٿي پر اُن جي قتل ٿيڻ کي به ڪير مڃڻ لاءِ تيار ناهي هوندي، هوءَ جيڪا قتل ڪئي وئي، ان جي لاش کي به مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو.

اهڙي ئي قسم جي صورتحال سنڌ ۾ آهي، جتي سنڌ جي روح ۽ دل تي هر روز وار ٿئي ٿو ۽ ڪير مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته وار ٿيو به يا نه؟

اسان سڀئي اکيون هوندي انڌا، ڪن هوندي ٻوڙا ۽ ڳالهائڻ کان به لاچار ٿيندا پيا وڃون. ڇا اها هن دؤر جي بزدلي ناهي؟ جڏهن دلين جي اندر گرمجوشي گهٽجي وڃي ۽ ذهن سوچڻ ڇڏي ڏئي پوءِ بزدلي اندر ۾ گهر ٺاهي ويهي رهندي آهي، ايترو ئي نه اهي عذر ۽ بهانا به گهڻا ڏيندا آهن.

سنڌ جو باشعور طبقو پنهنجي دل تي هٿ رکي ڏسي ته ڇا انهن جي اندر گرمجوشي رهي آهي؟ جيڪڏهن گرمجوشي آ ته پوءِ سنڌ تي ٿيندڙ وار ۽ زخمي روح کي ڇو نه ٿا ڏسي سگهو؟ ان جو جواب توهان سڀئي پاڻ کي ايمانداري سان ڏيو، ان لاءِ ڪنهن ٻئي کي بزدلاڻا عذر پيش ڪري پنهنجي جند آجي ڪرڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي مَن جي اندر سان هڪ ٻه لفظ کڻي سچ ڳالهائي ڏيو.

منهنجي مٿان تنقيد ٿيندي آهي ته مان هندن تي لکي اشوز کي خوامخواه مٿي ٿي کڻان، پر ڇا واقعي ۾ ائين ئي آهي؟ مسئلي جي اصل نزاڪت کان منهن موڙي ڪير به جنت جو محل جوڙي نه ٿو سگهي.

چڪ سانحي کان وٺي عمر ڪوٽ سانحو، هن سماج جي منهن تي هڪ زوردار چماٽ آهن ان جي باوجود به ڪير ننڊ مان نه ٿو جاڳڻ چاهي ۽ منهن لڪائي چئي ته سڀ بهتر ٿي ويندو، ائين بهتر نه پر بدتر ٿيندو پيو وڃي.

سنڌ جي اصل ڌرتي ڌڻين مٿان جهڙي نموني حملا ٿي رهيا آهن، اهي صرف هڪ ٻه ناهن، ڪيترا نه حملا ٿيا، ڪيتريون نه ناريون اغوا ٿيون، ڪيترن مندرن تي حملا ٿيا ۽ وري هندن کي قتل ڪرڻ، ڇا اڃان توهان کي نظر نه ٿو اچي؟

اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿي رهيو آهي؟ عمر ڪوٽ سانحي ۾ ٻن ڀائرن مٿان ٽارگيٽ وار ڪري قتل ڪيو ويو. يقينن مخالف پارٽيون هڪ ٻئي تي ناڪامي جو الزام هڻنديون ۽ ان حوالي سان مان ان ڪيس کي ڏسندڙن جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ڳالهايو، انهيءَ حوالي سان مردان علي شاهه سان رابطو ڪيو، جنهن مون سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته جتي اهو حادثو ٿيو آهي مان اتان کٽندو پيو اچان اهو ڪيئن ممڪن آهي جو مان پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي تڪليف ڏيندس. ان کان پهرين به ڪيترائي هندو اغوا ٿيا پر انهن کي اسان آزاد ڪرايوسين، جيڪي اسان تي الزام هڻن ٿا ته اسان جن هندن کي آزاد ڪرايون انهن کي گرفتار ڇو نه ڪيو ويو. مان توهان کي ٻڌائيندو هلان ته ڪجهه وقت اڳ سوناري کي اغوا ڪيو ويو جنهن کي اسان آزاد ڪرايوسين ۽ ان پئسه نه ڀريا جڏهن ته ان جي ايف آءِ آر به داخل ڪرائي وئي. هاڻي جڏهن منهنجا هندو ڀائر ايف آءِ آر داخل نه ڪرائيندا ته پوءِ ڇا ڪيون؟ ان کان وڌيڪ ڏوهارين کي گرفتار به ڪرايو ويو ۽ اسان هندن کي چيو ته بابا توهان هلي صرف ڏسو ته ڇا هي اهي ئي ڏوهاري آهن جن اغوا ڪيو، موٽ ۾ جواب ڏنو ويو ته نه اسان نه هلنداسين. اسان جي مٿان صرف الزام آهن ته جيئن اسان جي پارٽي ۽ مون کي بدنام ڪيو وڃي، مان پاڻ اِن ڪيس ۾ انتهائي سنجيده آهيان ۽ اسان ڪيئن به ڪري ڏوهارين کي گرفتار ڪنداسين. ان جي موٽ ۾ مان وري سوال ڪيو ته ڇا توهان جي حڪومت ان وقت اکيون کوليندي جڏهن روڊ تي لاش ڪرايا وڃن ان کان پهرين توهان سخت نوٽيس ڇو نه ورتو؟ مردان علي شاهه جواب ڏيندي چيو ته حالتون خراب آهن پر اسان ان کي بهتر ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

ان کان پوءِ مان لال مالهي جيڪو پي ٽي آءِ جو ايم اين اي آهي ان سان فون تي ڳالهايو جنهن چيو ته اسان ڪنهن تي الزام نه ٿا هڻون پر اسان چاهيون ٿا ته قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. هتان جي هندن کي تنگ ڪري لڏپلاڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ڪيترائي هندو لڏي ويا آهن جن وٽ پاسپورٽ جا پئسه نه آهن اهي غير محفوظ ۽ ظلم برداشت پيا ڪن. عمر ڪوٽ سانحي کي ڏسو ته اهو هڪ ٽارگيٽ قتل آهي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين آصف زرداري صاحب نوٽيس ورتو آ ۽ ڪميٽي به ملڻ آئي آهي پر اصل ڳالهه قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي آهي. ٿر ۾ ڪو جهنگ ناهي پوءِ اهي ڏوهاري ڪٿي وڃي لڪن ٿا. ظاهر آهي اهي وڏيرن جي اوطاقن ۽ پوليس جي تحفظ ۾ آهن.

مون هڪ سوال ڪيو ته ڇا ٿر جا ماڻهو ڏوهن ۾ ملوث آهن؟ جنهن جي موٽ ۾ هِن چيو ته سياسي پارٽين ۾ ڪرمنل موجود آهن ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ چيو هو ته هندن کي تحفظ ڏنو ويندو پر اتي عمل نه پيو ٿئي.

گيانچند ايسراڻي سنڌ حڪومت جي وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن اِهو چيو ته مان پاڻ هندو آهيان ۽ هي سانحو وڏو آهي پر اسان هينئر ئي ميٽنگ ختم ڪئي آهي جنهن ۾ ايس ايڇ او ۽ ڊاڪٽر کي معطل ڪيو ويو آهي. اسان هڪ هفتي جي اندر قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. مون سوال ڪيو ته اهڙي قسم جا بيان پهرين به آيا پر نتيجو ڪجهه به نه نڪتو، ڇا هاڻي به ائين ٿيندو؟ جنهن گيانچند ايسراڻي جواب ڏنو ته بلڪل به ائين نه ٿيندو پر عمر ڪورٽ سانحي ۾ قاتلن ۾ گرفتار ڪيو ويندو.

هڪ ماڻهوءَ نالو نه ظاهر ڪرڻ جي صورت ۾ هڪ ذريعي اِهو به ٻڌايو ته عمرڪوٽ جي ڪرائيم وارداتن ۾ 80 سيڪڙو ٿر جا ماڻهو ۽ 20 سيڪڙو اهي ماڻهو ملوث آهن جيڪي ٻاهر کان آيل آهن.

ٿر ۾ جنهن انداز سان ٻاهر کان ماڻهو اچي رهيا آهن، ان تي اکيون بند نه ٿيون ڪري سگهجن پر تعجب آهي ته سنڌ جا قومپرست آخر مسلم ليگ فنڪشنل تي چپ جو روزو ڇو رکي ويٺا آهن صرف ايترو ئي نه سنڌ ۾ وڌندڙ انتها پسندي ۽ وڏي انگ ۾ ٺهندڙ مدرسن تي به خاموش آهن. ان کان وڌيڪ ته اڄڪلهه قومپرست سعودي جا به چڪر ڪاٽي رهيا آهن، پهرين انهن تي الزام هو ته اهي پاڙيسري ملڪ جا ايجنٽ آهن پر ڇا هاڻي انهن کي سعودي جو ايجنٽ سمجهيو ويندو.

ايترو ئي نه پر پارليامنٽرين پارٽيون به خاموش آهن جيڪا خاموشي جرم برابر آهي.

سنڌ ۾ هندن تي حملن تي اکيون بند نه ٿيون ڪري سگهجن. جيڪڏهن انهن کي هتان کان ڪڍيو ويو ته پوءِ سنڌ ۾ ڇا بچندو؟ عمر ڪوٽ سانحو بظاهر ڪرائيم ڪيس آهي پر جيڪڏهن سنڌ حڪومت هِن ڀيري به صرف بيانن تائين ڪم هلايو ته پوءِ عمرڪوٽ کان وٺي هر شهر ۽ ڳوٺ تي وار ٿيندا. ان ڪري عمر ڪوٽ سانحي تي ايمانداري سان قدم کنيا وڃن صرف معطلي سان مسئلو حل نه ٿيندو، قاتلن کي گرفتار ڪري انهن کي سزا ڏني وڃي. عمر ڪوٽ سانحي تي خاموشي نه پر ڪيس کي حل ڪيو وڃي. سنڌ جي مٿان ٿيندڙ وارن کان بچايو...هاڻي گهڻو ٿيو.
 
مان بلڪل سهمت آهيان ادي وينگس جي مضمون سان مون کي خود پنهنجي انهن ڀٽڪيل سنڌين تي ڪاوڙ ايندي آهي ته ڀلي هو خوشنصيبي جا قصا ضرور ڳائين ڇو ته ڪٿي ڪٿي واقعي به هو خوشنصيب آهن پر جتي جتي ساڻن ظلم ٿيا آهن انهن کي ته نه وسارين ڪهڙو خوف آهي جو ماڻهن پنهنجن ظلمن تي بجاءَ رڙ دانهن ڪرڻ جي الٽو چون ٿا اسان فلاڻي ڳالهه ۾ خوشنصيب آهيون ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن منجهيل ماحول ۾ موجود هجو جتي وٽ سلجهائڻ جو حل ناممڪن نظر ٿو اچي
 
Back
Top