• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مون سمجهيو تـ سينئر آهي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ M Pariyal
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

M Pariyal

سينيئر رڪن
بکن کان بيحال ٿئي وڃي بادشاه جي کليل ڪچهري ۾ پهتو ، واري اچڻ جي انتظار ۾ قطار ۾ بيٺو رهيو اُميد ۽ نااُميدي جي وڄ ۾ ، آخر ڪار سندس وارو بـ اچي ويو . بادشاه هن کان پڇيو پنهنجو ڪم ٻڌاءِ عرض ڪيائين اوهان جي بادشاهي ۾ نئون آيو آهيان ڪو سُڃاڻي ڪونـ ٿو رزق روزي جو ڪو سبب ٿي وڃي تـ دعا ڪندُس.

بادشاه وزير مملڪت ڏانهن ڏسندي چيو همراه شريف ٿو ڏسجي هن کي اسان جي محل خاصِ تي پهريدار مقرر ڪيو وڃي حڪم حاڪم جي دير هئي همراه برسر اقتدار نـ سهي پر بر سر روزگار لڳي ويو .

پگهارجو پتو ڪونـ هو تـ ملندي بـ آهي يا استادن جئيان بنا پگهار جي ڪم پيو هلندو ، البتـ مانيء ڍوءِ تي سو پگهار جي پُڇا کانسواءِ لڳو رهيو پهريداري جي پورهئي کي، ڪجهـ وقت بعد تن تي اُوڍيل ڪپڙا پراڻا ٿيڻ لڳا . پگهار ملي ڪان ، بادشاه جي محل خاص جو پهريدار خاص ڪنهن کي ائين بـ نـ چئي سگهي تـ يونيفارم ملندو آهي يا نـ ، بادشاه جي ڪچهري ۾ بـ نـ وڃي تـ متان بادشاه نوڪري نـ کسي وٺي تـ ٿئي ماني بـ بند، سو سور اندر ۾ سانڍي پهريداري ڪند و رهيو . وقت گذرندو رهيو. سلوار ڦا ٽي وڃي سٿرن تي پهتي قميص جا ڪف ڪالر تـ ڪڏهوڪا ويا ، سنڌان سنڌان هنڌان هنڌان جسم نظر پئي آيو پر مسڪين نوڪري کي انڌي محتاج جي لٺ جئيان مضبوظ جهليو بيٺو رهيو.

هڪ ڏينهن ڌوُم تتئ جو نٽهڻ اُس ۾ هڪ الف ننگو شخص پگهر ۾ شل ڪاهيندو محل ۾ گهڙيو ۽ بنا ڪنهن هٻڪ جي ڪاهيندو محل جي ان طرف رخ رکيو جنهن طرف بادشاه سلامت جي خاص آرام جو ڪمرو هو .
ان عالم ۾ بـ هي پنهنجي پهريداري جي مسند جا فرائض منصبي دلجمعي سان انجام ڏيندو رهيو اُوچتو محل جا گهنڊ وڃڻ شروع ٿئي ويا،

وزير عملدار سپاهي ڊوڙندا بادشاه سلامت جي ڪمري ڏانهن ڌوڪيندا ويا، ماجرا معلوم ڪرڻ تـ خير آهي ڪجهه دير کان پوءِ ٻـ سپاهي نازل ٿيا نڪا ڪيائون هم نـ تم همراه پهريدار کي گهليندا بادشاه سلامت سامهون آڻي پيش ڪيائونس تـ سائين محل تي هن پهرو پي ڏنو ۽ هن جي ڪوتاهي جي ڪري ئي هو الف ننگو شخص محل ۾ اوهان سائينجن جي آرام ۾ مخل انداز ٿيو، تنهنڪري هن کي خطا وارقرار ڏيندي کيس سزا ڏني وڃي.

هن جو ڏٺو تـ هاڻي سر ٿو وڃي سو هڪدم هٿ ٻڌي بادشاه سلامت کي عرض ڪيائين تـ جئيندا قبلا هن ۾ منهنجو ڪوبـ ڏوهـ ڪونهي مون سمجهيو تـ هي مون کان سينئر پهريدار آهي ڇاڪاڻ تـ منهنجي تن تي اڃان ڪپڙن جو ليڙون موجود آهن ۽ هي الف ننگو آهي تنهنڪري هن کي روڪي نـ سگهيس .
 
جواب: مونسمجهيو تـ سينئر آهي

واه واه توهان جي ڳالهه واه جو لڳي دل سان

بهترين ڪوشش ۽ سمجهاڻي آهي

سدائين گڏ
 
جواب: مون سمجهيو تـ سينئر آهي

ڳالهه ته ڀلي آهي پر مونکي ياد ٿو اچي ته اڳ به اها ساڳي ڳالهه هن ئي اوطاق تي ادي رشيد پيش ڪئي هئي ۔۔۔ پر تنهن هوندي به ادي پريل جي مهرباني جو هن ونڊ ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۔۔۔ ادا سائين مهرباني ۽ اميد ته اڳتي به پنهنجا ونڊ جاري رکندا ۔۔۔
 
Back
Top