• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان اعتراف ٿو ڪريان ته......نصير مرزا

منصور سرور

سينيئر رڪن
مان اعتراف ٿو ڪريان ته تمام تر ڪوششن جي باوجود مان پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن ۾ هڪڙي وڏي شاعر طور سامهون اچي نه سگهيس، اهو ان ڪري جو براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ مصروف رهڻ سبب ۽ ڪمپيئرنگ جي فضوليات ڏانهن وڃڻ ڪري شاعري ڏانهن گهربل ڌيان نه ڏئي سگهيس.

منهنجي نثر ۾ دوستن جي دلچسپي سبب مون کان رڳو مهاڳ لکرايا ويا، جنهن ۾ منهنجو وقت ضايع ٿيو، ٻيو ته آءُ روايت پسند ڪو نه آهيان ، پنهنجي مزاج ۾ غير روايت پسند هئڻ سبب هن دنيا کي پنهنجي رهڻ لائق نه ٿو سمجهان، جي ٻيو جنم ٿيو ته هن دنيا ۾ اچڻ پسند نه ڪندس. مان هن اعترافي سلسلي ۾ اها وصيت به ڪريان ٿو ته منهنجي مرتئي کان پوءِ منهنجي مرتئي جي خبر ڪنهن به اخبار يا ميڊيائي چينل تي نه اچي، نه رڳو ايترو پر پنهنجي ميڊيائي دوستن کي به مان مون تي ڪالم وغيره لکڻ جي زحمت کان به آجو ٿو ڪريان.
 
Back
Top