حيدرآباد ع ق شيخ ........ هيءَ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جيڪا سنڌين جي لڏپلاڻ بابت آهي جيڪا ورهاڱي وقت ٿي هئي.جنهن کانپوء مهاجر اچي شهرن تي قابض ٿياجن سنڌين کي اٺن ۽ گڏهن جي تهذيب ڪوٺيو.پر انهن جي پنهنجي حالت ڪهڙي هئي. هي ڪهاڻي ان جو عڪس پيش ڪري ٿي. .......... ”حيدرآباد، حيدرآباد ڪٿي آهي، يار؟ مارواڙ آهي مارواڙ!“شاهي بازار وٺيو پئي ويس ته مٿيون پڙلاءُ منهنجي ڪنن تي پيو. پڙاڏي وانگر اهو آواز دل ۽ دماغ تي اوٽ موٽ ڪرڻ لڳو، نامعلوم خوف لامارا ڏيڻ لڳو، جهڙو ڪجهه ٿيڻ وارو هجي. بي آرامي وڌندي رهي. خيال پکڙبا ويا،ارادا ۽ جذبا هستيءَ جا، جوانيءَ جا، معصوم محبت جي جنت جا، تصور جي دنيا مان ڦيرا پائيندي حقيقت جو روپ وٺڻ لڳا، پاڻهي ئي پاڻهي چپ چُريا ۽ ازخود زبان مان اکر نڪتا: ”حيدرآباد، حيدرآباد ڪٿي آهي يار!“اڳيان هڪ ڪاري شيرواني ۽ جناحٽوپيءَ سان ماڻهو وڃي رهيو هو. سامهون برقعن سان، منهن کليل عورتن جو ٽولو اچي رهيو هو، پاسي کان ”هلو سائين هلو!“ جي بي ڊوليءَ ۽ پرائيءَ رڙ واڪو ڪيو، چار ٿڪل پناهگير ڪٻٽ کڻي وڃي رهيا هئا.“”هلو سائين هلو“ سنڌيءَ ٻوليءَ جا اکر آهن، پنهنجي ٻوليءَ جا اکر ٻڌي ڪير رنج ٿيندو؟ پر منهنجي سيني تي اهي اکر ائين ڪريا، جيئن زمين تي آسمان ڏانهن اڇلايل پٿر واپس ڪرندو آهي. پاسن کان ماڻهو وڃي رهيا هئا، ڪلها ڪلهي سان هڻندا. هيءُ اجميري آهي، هو ڪاٺياواڙي آهي، هي گجراتي آهي ۽ هو جوڌپوري ــــٿڪل، بيمار، ضعيف، ڏٻر، بي رونق، گدلا ۽ بي روح، سڀيئي جهڙا سڪل ڪرڙ جا لتاڙيل ڊنگر. شاهي بازار، رستو ساڳيو ئي هو، گنڀير، بردبار، رازدان، پرخاموش.ها، ته هينئر وري هڪ پلنگ وڃيرهيو هو. پلنگ نه هو، جهڙو ڪنهن جو تابوت، جنهن سان هزارين ارمان ۽ ڪروڙين حسرتون به گڏ واويلا ڪري رهيون هيون، سي به لڪل اڪيليون، بي سرو سامانيون، مجبوريون ۽ مايوسيون- اُهو وياڪل منظر پيش ڪري رهيون هيون، جهڙي طرح سرءُ ۾ گلشن جي آبادي، جوانيءَ جو خمار، اوجاڳي جون راتيون، آسمان جي هيرن جَڙيل چادرهيٺان الفت جون آکاڻيون، شوق، جون شرنائيون، ارواحن جون شادمانيون، عيش عشرت جو تخت، ڪنهن پري چهري جو بخت، ائين تڙجي رهيو هو، جيئنڪنهن شاهوڪار جي درتان ڪتو يا بکايل فقير.اهي عورتون، وائڙن وانگر وڌنديونويون، سندن برقعا اهڙا هئا، جهڙيون چاڪين جون جوريل چادرون، لهساٽيل، ڦڪا ڦڪا منهن، پراڻي ڦاٽل رليءَ جهڙا وات، ڪَٿي ۽ چُوني جا ساڙيل چپ،ڪٽيل ۽ ڪاراٽيل ڏند، لڙڪيل سينا، هڏن جا پڃرا، جهڙا ڪنهن قبرستان جا اوڳاريل مردا ڪفن مٿي تي کڻي نڪتا هجن. پاسي کان هڪڙو اهڙو ماڻهو نڪتو، جو چئي نٿو سگهجي ته ڪٿي جو هو. مارواڙي پٽڪو، پنجابڪي گوڏ، صاحبلوڪي واسڪوٽ ۽ هڪڙي ڪن ۾ واليءَ جهڙو ايرنگ لٽڪي رهيو هوس. ويجهو بلڪل آواز آيو، ”مڇلي ڪاشامي ڪباب، پيسه پيسه“ جان کڻي ڏسان ته هڪ پيرسن اوڪڙو ٿيو، ڪنڌ گوڏن ۾ هنيو، هوڪو به پيو ڏئي ۽ اڳيان تڙ جهڙين ٻانهن سان رکيل ٿالهه تان مکيون به پيو هڪلي. هن مٿي نهاريوئي ڪونه ٿي. سندس ميري پتلون ۽ گري ٽويءَ تي مکين آرام پئي ورتو. ٿالهه ۾ مرچن کان ڳاڙهي ٿيل تيل ۾ ڪبابَ، گٽر ۾ گڏ ٿيل گند وانگر نظر اچي رهيا هئا مٿان بورڊ پئي لٽڪيو، جنهن تي ’بسم الله هوٽل‘ لکيل هو، سامهون ٻيو بروڊ هو، جنهن تي وري ”سبحان الله هوٽل“ جا اکر لکيل هئا. سمججهيم ته اُهي ڪي نئين نموني جون اسلامي هوٽلون کليون آهن، جن ۾’لا الله الا الله‘ جو ذڪر اذڪار ٿيندو هوندو، چتائي کڻي ڏسان ته هت ته ڪوپ ساسر جي ڪڙڪڙ ۽ سگريٽ جي دونهين جون لاٽون لامارا ڏيئي رهيون هيون... باقي خير صلاح.پاسي کان، ’پاڪستاني اسٽور‘ وٽ/ ٻهراڙيءَ جا ڪارن ڪپڙن سان ماڻهو، بافتي جو ڪپڙو ڏسيرهيا هئا. منهنجو روح به نه رهيو،اڳتي وڌي مون به ڪپڙي کي هٿ لاتو ۽ اگهه پڇيو، چي، ”صرف تين روپيه گز“ تاڪئي کي اٿلائي کڻي ڏسان ته احمد آباد جي ڪارخاني جو ٺپو نظر آيو ۽ مال هلندڙ مهيني جوئي نڪتل هو،وري عجب ته اهو، جو ان جي ريزڪي وڪري جو اگهه ڏهه آنا وال هو.بيٺلن مان هڪڙي ڄڻي چيو، ”شڪرآهي ڪپڙو ملي ته ٿو، سهانگو يا مهانگو، نه ته ڪنٽرول جي زماني ۾ ته ڪپڙو ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو.“ وري ٻئي ڦٽل ڦٽلاردوءَ ۾ چيو، ”دو روپيه وٺينگا؟“ اهي اکر ٻڌندي دڪاندار جي چهري جو رنگ بدلجي ويو، ڳوٺاڻنکي هيٺ مٿي نهاري، چرئي وانگر رڙ ڪري چوڻ لڳو: ”جائو جائو، بڙي آئي ليني والي، دو روپئي مسن تو ٽاٽ ڪي بوري بهي نهين ملتي،... جا، جا! تمهاري بابپ دادا ني بهي ڪپڙا پهنا تها.“ هن جو آواز هن جي چهري وانگر ڦري ذري گهٽ جانور جهڙو ٿي پيو.هو ويچارا هڪا ٻڪا ٿي، دڪان ڇڏي، پاڻ ۾ گڏجي ٻاهر ٿي بيٺا، جهڙيءَ طرح ڪارا ٽنڊڻ ننڍن ٻارن جي ستائڻ تي ڇرڙ هڻي دت ڪندا آهن.ڪي لانگهانو وري پاڻ ۾ چوندا ويا: ”وه ديکو ڪالي شلوار والي سنڌي هين!“ بئي چيو، ”سڀ سنڌي ڪالي شلوار پهنتي هين.“ نه ڄاڻان ڇو، منهنجو دماغ پينگهه وانگر لوڏا کائڻ لڳو، اکين اڳيان بنهه ڪاير ڪاري اوندهه اچي ويئي. اها اوندهه، اها ڪاراڻ، وڌندي، وڏي ٿيندي رهي. بازار جي رونق، نظارو، هل بکيڙو الائجي ڪيڏانهن ڪا گهڙي گم ٿي ويا. ايسين تائين، جو منهنجي ڪنن هڪ مٺو مٺو آواز ٻڌو، چوڌاري ساڳي دنيا جاڳي اٿي، ساڳيا رستاس، ساڳيون محلاتن جهڙيون جايون هيون، پر اهي ماڻهو جن سان اها رونق هوندي هئي، سي ڪيڏانهن ويا؟ منهنجي ڀرسان ڪي ڪارن برقعن سان ۽ ڪي منهن اگهاڙيون عورتون کلنديون، ٽهڪڏينديون، ڀڙڪو ڏيئي هليون ويون ۽ اهي ڪارن ڪپڙن وارا سنڌي، هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم، پر نظر نه آيا..