• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فليش ڊرائيو کي محفوظ بنائڻ لاءِ انتهائي ڪار آمد سافٽويئر ۔۔۔۔ يو ايس بي سيف گارڊ۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
هڪ عام مسئلو جيڪو ڏٺو پيو وڃي اهو آهي ۔۔۔ اهو آهي پنهنجي قيمتي ڊاڪومينٽس سان ڀريل فليش (يو ايس بي) ڊرائيو جو گم ٿي وڃڻ ۔۔۔ ان جو سبب آهي فليش ڊرائيو جو سائيز ۾ گهٽ هجڻ ۔۔
پنهنجي قيمتي ڊيٽا جي بيڪ اپ لاءِ فليش ڊرائيو هڪ زبردست ۽ ڪارائتو خيال آهي پر مٿين ٻڌايل صورتحال هميشه ڊيڄاريندي رهندي آهي ۔۔۔ ته توهان جي قيمتي فائيلز سان ڀريل فليش ڊرائيو ڪنهن غلط هٿ تائين نه پهچي۔۔۔
اڄ توهان جي اهڙي ذاتي ۽ ڪانفيڊينشل ڊيٽا کي غلط هٿن تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ مون آندو آهي هڪ زبردست مفت جو ڊجيٽل پرزو ۔۔۔ جي ها هي آهي ۔۔۔ USB Safeguard

usbsafeguard_protect_usb_encrypt_password.jpg

يو ايس بي سيف گارڊ هڪ مفت جو پورٽيبل سافٽويئر آهي ۔۔۔ جنهن کي انسٽال ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي آهي۔۔۔ بس سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪري پنهنجي فليش ڊرائيو ۾ رکو ۽ هلايو ۔۔۔ هي سافٽويئر استعمال ۾ آسان آهي۔۔۔ سافٽويئر کلندي ئي توهان کان پاسورڊ رکڻ لاءِ چوندو ۔۔۔ جنهن کانپوءِ توهان يو ايس بي ڊرائيو ۾ رکيل ڪنهن به فائيل يا فولڊر کي ڊريگ ڊراپ ڪري پروگرام ۾ آڻيو ۽ encrypt يا encrypt all کي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
هاڻي توهان جي يو ايس بي موجود ڊيٽا ڪير به کولي يا ڪاپي ڪري نه سگهندو۔۔۔
هن جي اضافي خوبين ۾ شامل آهن ٽي وڌيڪ ايپليڪيشنس۔۔۔
نمبر هڪ: ورچوئيل ڪي بورڊ
جنهن جي ذريعي توهان پاسورڊ لڳايو جيڪو محفوظ رهندو ۽ ڪي بورڊ هسٽري محفوظ ڪندڙ سافٽويئر توهان جي لڳايل پاسورڊ کي نوٽ نه ڪري سگهندا۔۔۔

نمبر ٻه: شريڊر۔۔
جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي يو ايس بي مان پنهنجي فائيلز کي اهڙي طرح ڊيليٽ ڪري سگهو ٿا جو ڪنهن به ريڪوري جي سافٽويئر سان واپس نه اچن۔۔۔۔

نمبر ٽي: انٽرنيٽ ايڪسپلورر
جنهن جي ذريعي توهان محفوظ ۽ تڪڙي برائوزنگ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ جنهن جو ريڪارڊ يا هسٽري ڪاٿي نه ملندي۔۔۔

وڌيڪ تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو ۔۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=Pb2cw8YAii4

مون کي يقين آهي ته توهان هي صرف 736 ڪلوبائيٽ جو سافٽويئر هٿن مان وڃڻ نه ڏيندو۔۔۔ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
 
جواب: فليش ڊرائيو کي محفوظ بنائڻ لاءِ انتهائي ڪار آمد سافٽويئر ۔۔۔۔ يو ايس بي سيف گار

ڀاء رشيد صاحب تمام وڏي ڪم جي شيء توهان ونڊ ڪئي آهي، مون کي هميشه توهان جي تحرير، ۽ ونڊ جو انتظار رهندو آهي۔ مهرباني، الله توهان کي خوش رکي آمين
 
جواب: فليش ڊرائيو کي محفوظ بنائڻ لاءِ انتهائي ڪار آمد سافٽويئر ۔۔۔۔ يو ايس بي سيف گار

محترم سائين رشيد سمون صاحب
اسلام وعليڪم
ادا سائين اميد ته اوهان خيرو آفيت سان هوندا۔۔۔۔۔
ادا سائين اوهان تمام لاجواب سافٽويئر سنگت سان ونڊ ڪيو آهي واقعي سائين تمام ڪم جو سافٽويئر آهي ڪاش ان سافٽويئر جي مون کي ڪجه وقت اڳ ۾ خبر پوي هان خير ادا سائين اوهان جا لک قرب سدا آباد هجو آمين
 
جواب: فليش ڊرائيو کي محفوظ بنائڻ لاءِ انتهائي ڪار آمد سافٽويئر ۔۔۔۔ يو ايس بي سيف گار

السلام وعليڪم

واه سائين واه۔۔۔

تمام بهترين
 
جواب: فليش ڊرائيو کي محفوظ بنائڻ لاءِ انتهائي ڪار آمد سافٽويئر ۔۔۔۔ يو ايس بي سيف گار

لاجواب شيئرنگ آهي ادا رشيد

ٻيو ته مفت واريون شين جو ڪو ڏس پتو ته توهان کي وٺجي !


سدائين گڏ
 
جواب: فليش ڊرائيو کي محفوظ بنائڻ لاءِ انتهائي ڪار آمد سافٽويئر ۔۔۔۔ يو ايس بي سيف گار

سائين سافٽوئير بهترين آهي ليڪن ڊائون لوڊنگ ۾ مسئلو ڪري رهيو آهي ان کي ٿورو سڌو ڪندا ته مهرباني ٿيندي۔
 
جواب: فليش ڊرائيو کي محفوظ بنائڻ لاءِ انتهائي ڪار آمد سافٽويئر ۔۔۔۔ يو ايس بي سيف گار

سرڪار وڏي مهرباني ۔۔۔۔ ڪجهه ڊاڪومينٽس اهڙيون هونديون آهن جو هر حال ۾ انهن دوستن کان لڪائڻيون پونديون آهن جيڪي اسان جي يو ايس بي جي پٺيان هٿ منهن ڌوئي پئجي وڃن ٿا۔۔۔۔ هاڻي نه يو ايس بي کُلندن نه وري اڳتي گهر ڪندا۔۔
ها ها ها
 
جواب: فليش ڊرائيو کي محفوظ بنائڻ لاءِ انتهائي ڪار آمد سافٽويئر ۔۔۔۔ يو ايس بي سيف گار

سائين سافٽوئير بهترين آهي ليڪن ڊائون لوڊنگ ۾ مسئلو ڪري رهيو آهي ان کي ٿورو سڌو ڪندا ته مهرباني ٿيندي۔

لنڪ تبديل ڪيو ويو آهي ۔۔۔۔ هاڻي ڪوشش ڪريو۔۔۔
 
جواب: فليش ڊرائيو کي محفوظ بنائڻ لاءِ انتهائي ڪار آمد سافٽويئر ۔۔۔۔ يو ايس بي سيف گار

سائين هاڻي بالڪل درست آهي۔
 
جواب: فليش ڊرائيو کي محفوظ بنائڻ لاءِ انتهائي ڪار آمد سافٽويئر ۔۔۔۔ يو ايس بي سيف گار

سائين ڊاونلوڊ اڄ پيو ڪيان
اهو ته هڪ وڏو مسئلو حل ٿي ويو
 
Back
Top