پيار ڪو خواب هو..

ٿو لڳي زندگي ۾ پيار ڪو خواب هو

دل جي وڃايل ڪتاب جو ڪو پراڻو باب هو

هيون منزلون ڪيڏيون پري ۽ فاصلا ڪيڏا ڊگها

هيون زندگي ۾ زندگيون ۽ قرب ها ڪيڏا ججها

ڄڻ پيار ۽ پاٻوهه جوڪو سجايل باغ هو

ٿو لڳي زندگي ۾ پيار ڪو خواب هو

رابيل جي رخُسار تان وُٺا ماڪ جا ڀنل ڦڙا

وُٺا دلبر جي ديدار تي پيار جا وڏ ڦُڙا

تن سانوڻين ۾ سمايل پيار جو شباب هو

ٿو لڳي زندگي ۾ پيار ڪو خواب هو

هيون محبتن ۾ حسرتون ۽ حسرتن ۾ زندگي

هيون زندگي ۾ چاهتون ۽ چاهتن ۾ هر خوشي

تن چاهتن ۾ سمايل پيار جو رُباب هو

ٿو لڳي زندگي ۾ پيار ڪو خواب هو

ويراني ۾ به سا ”وفا“ زندگي وڻڪار هئي

چوڏس هئا سرسبز نگر ۽ زندگي هُٻڪار هئي

ڄڻ روح جي راهه ۾ ڪو رکيل گلاب هو

ٿو لڳي زندگي ۾ پيار ڪو خواب هو

دل جي وڃايل ڪتاب جو ڪو پراڻو باب هو

ٿو لڳي زندگي ۾ پيار ڪو خواب هو .

وفا شيراز نظاماڻي
 
Back
Top