صدمن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل وجود...

'سنڌي ادب' فورم ۾ شيراز احمد نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2014۔

  1. شيراز احمد نظاماڻي

    شيراز احمد نظاماڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    70
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    بينڪر
    ماڳ:
    ٽنڊو سومرو
    ذهن جي رڻ پٽ تي اداسين جا واچوڙا واڪا ڪري رهيا آهن . سوچ صدين کان ويران پيل حويلي ۾ گمنام يادن جا آکيرا ڳولي رهي آهي . نيڻ اڻڄاتل حادثن جا ڌنڌلا عڪس ڏسي رهيا آهن . ننڊ خوابن کان ڏور بيقرار وادين ۾ ڀٽڪي رهي آهي ٽهڪ سڏڪا بڻجي هوائن ۾ اڏامي ويا آهن ۽ آئون غم ۽ خوشي جي چئوواٽيي تي زخمن جي جوڙ ۽ ڪٽ جو حساب ڪري رهيو آهيان سوچان پيو ته ڪٿان شروع ڪيان ۽ ڪٿي ختم ڪيان ڪو انت ڪو عنوان ڪو گس نظر نه پيو اچي لکڻ شروع ڪيان ٿو ته لفظن جي زنجير وجود کي ويڙهي ٿي ڇڏي ۽ لکڻ بند ڪيان ته ڊائري پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي . آئون صدين کان اداسين جي دنيا کي آباد ڪيو پيو اچان خاموشي پڇي ٿي ته اداسي جو ڪهڙو سبب آهي وراڻيم ته هتي هر ڪوئي اداسي جا گيت ڳائي دل کي ڪوڙي تسلي ڏيندو آهي مان ته

    اداسي جي عالم ۾ به خوشين ڏانهن مائل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان . ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي هر روز ڪنهن نه ڪنهن صدمي جوڳاه ڳاهيندا رهندا آهن اسين سڀ ڏک ۽ سک جي سفر جا مسافر آهيون .

    ڪنهن اجنبي دوست سفر دوران چيو هو ته شيراز دل چوي ٿي سمنڊ ڪناري ويهي سڄي رات جاڳان . پڇيم ته ڇو ڀلا سمنڊ تي ته ڏور ڏور تائين وشال ڇوليون آسمان سان ڳالهيون ڪنديون آهن اتي ويهي ڪهڙي درد جي فرياد ڪندي ؟ خاموشين جي تاريڪي ۾ گم ٿي ويو هو ان اجنبي مسافر دوست کي مون ڀڄندي ڀرندي ڏٺو هو . چاهيو هئم ته سندس رڻ پٽ جيون ۾ همدردين جا ڳاڙها گلاب وڇائي ڇڏان پر مان خود سيلاب جي زد ۾آيل اڻ تارون انسان جيان ڪنارن جي ڳولا ۾ ڀٽڪي رهيو هئس . نه ڄاڻ ڪيترن ماڻهن جا چهرا پڙهيم هر اک ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن صدمي جو ڌنڌلو عڪس نمايان رهيو آ. پنهنجا درد ته هرڪو بيان ڪري ٿو ڪير ٻئي جي تڪليف کي به محسوس ڪري ته احساس ٿئي ته زندگي صرف سمنڊ جي وشال لهرن جيان ڪو وڻندڙ نظارو ناهي پر ڀنل اکڙين جي درد جو نوحو پڻ آهي . مونکي ياد آهي ٻالڪپڻ ۾ جڏهن راند ڪندي کٽ تان ٽپ ڏنو هوته پٽ تي پيل ڪل نما ٻٻر جي ڪنڊن جي ڇڙهي به پئي هئي ۽ ٽپ ڏيڻ سان ئي هڪ سڌو سنئون اڀو ڪنڊو کاٻي پير جي اڱرين هيٺان ويهي ويو ۽ رڙ خاموشي جي کوهه ۾ وڃائجي وئي هئي ان تڪليف دوران جڏهن ناني مرحوم کنيو ته سڄو درد پنهنجائپ ڀريي پيار ۾ گم ٿي ويو اها

    ٻالڪپڻ واري زندگي درد ۽ تڪليفن ۾ به وڻندڙ ۽ خوبصورت هئي نه دنيا جو غم نه ئي ڪنهن جي پرواه آزاد پکي جي پرواز واري دور ۾ نه ڄاڻ ڪيتريون خوشيون هر روز تحفي ۾ ملنديون هيون . خبر ئي نه پئي ته ڪئين ٻالڪپڻ واري جيان هٿن مان وهي ويو ۽ جواني دردن جا انبار کڻي استقبال ڪيو. صدمن ۾ جڪڙيل وجود اسان سڀني جا آهن اسان فقط چهرن تي مُرڪن جا گلاب سجائي ٽهڪن جي ورکا ڪندا رهندا آهيون .

    مونکي خبر هئي ته هن جي چهري تي به ٽهڪن جا گلاب سجايل هئا جيڪي سندس صدمن کي لڪائڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا هئا مون سندس نيڻن جي اوناهين ساگر ۾ خشڪ لڙڪن جي رڻ پٽ کي ڏٺو هو جنهن ۾ هن جا سمورا خواب وکريل نظر آيا . چيو مانس ته مون توکي تنهنجي نظر سان ڏٺو آهي تنهنجي اکين جي چپن جي زرد پيلاڻ ٻڌائي پئي ته تون اجڙيل شهر جي ويران بازار بڻجي چڪو آهين . چيائين ته مون سان وڏو فريب ٿيو آهي منهنجي خوشگوار دنيا رڃ ۽ ريگستان بڻجي چڪي آهي..

    اهي لفظ ٻڌي مونکي احساس ٿيو هو ته سندس خواب گھڻو وقت اڳ دامن_ڪوه تان آپگھات ڪري چڪا هئا ۽ مان سندس سڏڪن جا پڙاڏا پري پري تائين ٻڌندو رهيس. پل لئي لڳو هو ته هو پنهنجا سمورا خواب دفن ڪري مايوسين جي انڌيرن ۾ آس جي ديپ جي تلاش ۾ اڻ ڄاتل رستن ڏانهن وڃي رهيو هو .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو