• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌڙي توکي جڏهن تڏهن قنڌارؤن جوکو

منصور سرور

سينيئر رڪن
عزيز الله ٻوهيو
عنوان ۾ ڄاڻايل قول سنڌ جي عظيم ڏاهي ۽ دانشور عبدالرحيم گرهوڙي جو اهو قول، پنهنجي قوم لاءِ هڪ تجرباتي رهنمائي جو سياسي ڏس آهي. سنڌ جا اهڙا ڪيئي سياسي اڳواڻ ۽ قومي بقا لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، پنهنجي پنهنجي دور ۾، مادر وطن لاءِ وڏا محافظ رهيا آهن جن سياسي محاذ تي ڌارين خلاف وڏا معرڪا ملهايا آهن. جيئن مخدوم بلاول، گاجي شاهه، ميان نصير، شاهه گودڙيو، محمد راشد روضي ڌڻي، سورهيه بادشاهه، تاج محمود امروٽي وغيره. انهن ماڻهن جي آزادي جي بقا ۽ غيرن خلاف جنگ جي وڏي تاريخ آهي. سورهيه بادشاهه تاج محمود امروٽي ڏي ماڻهو موڪليو ته انگريز مون کي گرفتار ڪرڻ گهرن ٿا، صلاح ڏيو ته ڇا ڪجي؟ امروٽي قاصد کي چيو ته سائين کي وڃي چئو ته اوهان مقابلو جاري رکو، جيتري تائين تاجو جيئرو آهي. ايتري تائين انگريز اوهان جو نالو به وٺي نٿو سگهي. مٿي ڄاڻايل سنڌ جي انهن عظيم سپوتن جي ڌرتي ماتا لاءِ مهاڏا اٽڪائڻ جي وڏي تاريخ آهي، جنهن کي ڪجهه مرحوم عبدالله مگسي ۽ حڪيم عبدالحميد چانڊيو جن ڪتابي صورت ۾ آندو ته ضرور آهي پر انهن شخصيتن جي اصلي تاريخ سامراجي هٿ چراند سان گم ڪيل به آهي ڌارين استحصالي مافيا جي هي قديمي ريت رهي آهي ته محڪوم قومن جي جاکوڙي شخصيتن جي مرڻ کانپوءِ انهن کي انهن جي سياسي تعارف کي گم ڪري ڪرامتن وارو پير بنائي مشهور ڪيو وڃي جنهن سان انهن جي سياسي عمل جو رد ثابت ٿئي. مون جيڪا گرهوڙي صاحب جي اڳڪٿي سان ڳالهه شروع ڪئي آهي قنڌ هارين يا پختونن جي نفسيات بابت بلوچستان جي انگريز گورنر سنڊيمن جيڪو لکيو آهي ته انهن کي ڏوڪڙ پئسي سان خريد ڪري سگهجي ٿو. ان پٽاندڙ طالبان سازي جو سمورو عمل ڊالر جي ڪرشمي جي پيداوار آهي طالبان فورس کان سعودي ۽ پاڪستان جي ڇٽي هيٺ ڪم وٺڻ جو سلسلو صرف سوويت يونين جي خاتمي تي نٿو ٿئي، نيو ورلڊ آرڊر جي سموري تڪميل جو عمل عالمي سامراج وارا نيٽو فوجن جي اڳواڻي ۾ طالبان کان وٺڻ گهرن ٿا. سنڌ ڌرتي واري سمونڊ ڪناري سنگاپور ۽ بئنڪاڪ بندر اڏي سينٽرل ايشيا جي مارڪيٽ تي قبضي لاءِ نيٽو مافيا وارن جي اسڪيم ۾ هي شامل آهي ته سنڌ جي زمين گهرجي سنڌي ماڻهن کانسواءِ قادر رانٽي پنهنجي ڪتاب روپ ٻهروپ ۾ لکيو آهي ته ان اسلام آباد جي هڪ ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي چيو ته پنجاب ۽ انهن جي ڳجهن ادارن وارن سنڌين سان وڏو ظلم ڪيو آهي، جو انهن اسان وٽ لساني تنظيم ٺاهي، اسان کي آزار ۾ وڌو آهي رانٽو لکي ٿو ته ان کانپوءِ جنرل حميد گل تقرير ڪئي ته قادر صاحب لساني تنظيم ٺاهڻ جو الزام پنجابين ۽ ڳجهن ادارن مٿان ڌريو آهي، آئون ان کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته لساني تنظيم ڳجهن ادارن ڪا نه ٺاهي آهي. اها سڌو سنئون آمريڪا وارن ٺاهي آهي هاڻ تازو اخبار ۾ حيدرآباد جي ڊي آءِ جي پوليس ثناءُ الله عباسي جو انڪشاف ڇپيو ته اسان جي سنڌ ۾ اهڙا نوان اٺ سئو مدرسا کليا آهن، جن ۾ پنجاهه هزار طالبان طالب علم جي روپ ۾ ترسايا ويا آهن ڄاڻڻ گهرجي ته عراق ۾ جيڪي طالبان موڪليا ويا آهن، انهن جون ڏاڙهيون ڪوڙي کين مسٽر بنائي اتي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ سنڌ اندر موڪليل طالبان کي مذهبي ڪٽ ۾ فٽ ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ طالبان جيڪي ڪجهه ڪرتب ڏيکاريا آهن، ايم ڪيو ايم انهن خلاف پنهنجي واويلا واري ريت بدران انهن سان ملي سياسي مذاڪرات ڪيا آهن، جنهن کانپوءِ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي خلاف ڪا به محاذ آرائي ڪو نه ٿا ڪن. مون ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ جي فٽ پاٿ تي پاڻ سان گڏ هلندڙ ٻن نوجوانن کي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندي ٻڌو ته هو چئي رهيا هئا ته مقابلي مهل سامهون جي وڏي انگ وارن منجهان ڳولي سنڌي ماڻهو تي وار ڪرڻو آهي وزيرستان منجهان نڪرندڙ طالبان جو تعداد لکن جي حساب سان ٻڌايو ويو آهي پر بنون جي رجسٽريشن آفيس ۾ انهن جو تعداد لکن بدران هزارن ۾ آهي. ميڊيا جي ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته طالبان فورس کي سنڌو درياءَ جي ڪناري ڪچي جي علائقن ۾ ترسايو ويو آهي ۽ اهي طالبان اهڙا ته آهن، جن کي اردو ڳالهائڻ به ڪا نه ٿي اچي. مون کي لڪي مروت جي هڪ پٺاڻ ٻڌايو ته اسان جي هڪ سماجي ريت آهي ته اسان پنهنجي شادين مرادين ۾ ناچو ۽ ڊانسر نوجوان گهرائي انهن کان راڳ ڳارائيندا آهيون ۽ خوشيءَ ۾ ناچ ڪرائيندا آهيون انهيءَ قسم جي ناچو ۽ ڳائڻن ڇوڪرن جا وار به وڏا رکيل هوندا آهن. سو هڪ شاديءَ ۾ ناچن جي ٽولي کي دعوت ڏني وئي هئي. اهي پروگرام مطابق شاديءَ واري ڳوٺ طرف اچي رهيا هئا، رستي ۾ هڪ ڳوٺ جي اندر ديني مدرسو هو، سو مدرسي وارن کي خبر ملي هئي پاسي جي ڳوٺ ۾ شادي آهي ۽ ان ۾ راڳ ڳائڻ لاءِ سامهون ڇوڪرا وڃي رهيا آهن، سو انهن ان راڳي ٽولي وارن تي حملو ڪيو ڇوڪرا سڀ قيد ڪيا ۽ انهن جا مٿي جا وار به سڀ ڪوڙي ڇڏيا پوئتي شاديءَ وارن کي خبر پئجي وئي. اهي هٿيار کڻي پهچي ويا ۽ راڳين کي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. مدرسي وارن ناچن جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏنائون. جيڪا پوءِ ٻي ڌر وارن به جوابي فائرنگ سڄي رات هوائي مقابلو هليو. ايتري ۾ مدرسي وارن طالبان فورس کي به فون ذريعي گهرائي ورتو پوءِ مدرسي جي وڏي مفتي محسن صاحب وچ ۾ پئجي جهڳڙو ختم ڪرايو. ناچو ڇوڪرا آزاد ڪرايا ۽ شادي وارن کان طالبان جي گاڏي اچڻ جي خرچ جا ٽيهه هزار روپيا ڀرايا جهڳڙو ته ختم ٿيو پر ڪجهه ڏينهن بعد طالبان هڪ بارود جي گاڏي ڀري مٿين شادي واري ڳوٺ تي حملي آور ٿيا ۽ جڏهن اتي بارود جا بم ڦاڙيائون ته ان ڳوٺ جا ڏيڍ سئو ماڻهو ماريا ويا ۽ اڳتي هلي ان علائقي جي مٿي ڄاڻايل مفتي محسن کي به قتل ڪيو ويو. هن تي الزام هو ته هو طالبان سان تعاون نٿو ڪري. هاڻ اهي طالبان سنڌ ۾ آيا آهن ڏسجي ته هو هتي پنهنجي مدرسن ذريعي سنڌ جي زمين سنڌي ماڻهن کان ڪيئن ٿا کسين!
 
Back
Top