سنڌ سلامت جا ساٿيو، اڄ صُبح کان وٺي ڏات جي ڪينواس تي ڪُجهه ڏات جِي ديوي پنهنجِيون مهربانيون نڇاور ڪري رهي آهي، تخليق غزل جي صورت ۾ پنهنجي شبيهه سنڌ سميت سارِي دنيا جي سنڌين سان شيئر ڪرڻ لاءِ آتي آهي. دوستو، بظاهر هي آهي ته غزل پر هن جي تخليق کان پوءِ مان پنهنجوپاڻ کي وڃائي ويٺو آهيان. توهان سڀني جي مشورن، راين ۽ تنقيدي نقطه نگاهه جو شدت سان منتظر رهندس
تمام پياري شاعري آهي سائين نثار احمد ناز ڀاءُ توهان جي محنت واقعي لاجواب آهي توهان جي محنت جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي .
سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي سائين توهان جي ڊزائيننگ سا به پاور پوائنٽ ۾، اگر توهان ڦوٽا شاپ (ڦوٽو شاپ) يا وري ٻيو ڪو پروگرام توهان کا استعمال ڪرڻ اچي ها ته مٺا پوءِ ته واهه واهه ٿي وڃي ها۔ ٻيو سائين توهان جي طبيعت هيئنر ڪيئن آهي۔
ادا نثار ناز حق موجود سائين منهنجا، الله اوهانجي ڏات تي مهربان رهي ۽ اوهان پنهنجي ڏات ذريعي سنڌ کي حق جي راه جا سبق ٻڌائيندا رهو ... تمام سهڻو گيت آهي خاص ڪري هي لفظ ته پاڻ لاءِ رهبريءَ جو ڪم ڪنٿا .... ٻڌ! پنهون سسئي ٿيڻ لئه دل کپي ٿي شينهن جهڙي، اٿ پٿون ڪر پير پنهنجا، ڇو ڦرين ناڪام ويٺو! واه ادا واه، جس هجي اوهانکي اهڙي پيغام ڏيڻ تي ... ڀلا يار، اوهانجي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه جو هڪ دوست عبدالوهاب اوهان کان طبيعت پڇي آهي ... خيال ڪجو جو هاڻ پنهنجي عمر ڪجه اهڙي طرف وڃي رهي آهي ” جهونا ٿيا جهاز، سٽ نه جهلن سڙه جي“ ... رب اوهانکي صحت ڪامل عطا ڪري ... آمين سدائين گڏ shal judy hujeen
سائين نثار جن لاءِ منهنجون به ساڳيون تمنائون آهن۔۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ سائين جن پنهنجي ناسازي جو ذڪر ڪيو هيو شايد اهو ئي سبب آهي جو فورم تي به گهٽ ٿا نظر اچن۔۔۔