سنڌي ڪافين جو بادشاه ”مصري شاه“

ابن قابل قاضي

سينيئر رڪن
مثنوي _ غزل

ڪار ڪر ڪاهل م هو، ڪر ڪار ڪامل رهـ ڪمال،
ڪم ڪوس، ڪم ڪرلک لمحـ ، هرمهل هر دم کاءِ حلال .

ڪم ڪار در محڪمـ مهل سر ،هوءِ ڪوڪس هڪ ڪلام،
سو سرد سور آ ماه مڪرم آهـ محرم دل مدام ،

وِهُـ م معطل ڪر مطالع اسم احمد صـ ۽ الله ذوالجلال
اهو ڪار ڪم سارو سرس آه ، وِره واهر واه واه .

واه واحد آه اعلي1 ملڪ مالڪ مددگار،
سو سدا سرد و گرم در آه همدم هر دوار.

دو م لِک ڪر دُور دو ۽ رام راه هِڪ ،
ره سدا سرهو سُک حالو لا وهم لاحد م لڪ .
 
جواب: سنڌي ڪافين جو بادشاه ”مصري شاه“


ادا ڦلپوٽا فقير سائين اوهان جيڪي آئڪون استعمال ڪيا آهن سي نظر نٿا اچن انجي جاءِ تي ڪي نشان نظر اچنٿا جن مان محسوس ٿئي ٿو ته مون جيئان اوهانکي به ڪافي ڪجهه سمجهه ۾ آئي ڪجهه نه ۔۔۔
باقي مصري شاهه جو نالو ئي ڪافي آهي جو سندس ڪافيءَ جي اسلوب ۽ الفاظ مان معلوم ٿئي ته وحدت جي ڳالهه ٿيل آهي ۽ واحد جي وحدت کي سمجهڻ جي تلقين ۽ انسان کي مشقت ڪري ان وحدت کي سمجهڻ جي صلاح ڏنل آهي ۔۔۔ اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي ئي موٽ ۔۔۔
:-?
 
Back
Top