ڪامورن قمبر کي ڪني پاڻي جي ڍنڍ بڻائي ڇڏيو منصور نثار هر رياست جي اها ذميواري هوندي آهي ته اها پنهنجي عوام کي صحتمند ماحول فراهم ڪري جنهن لا رياست جا ننڍا ننڍا ادارا قائم ڪيا ويندا آهن پر جڏهن اهي ادارا پنهنجو ذميواريون وساري ويهن ٿا يا وري ڄاڻي واڻي لاپرواهي ڪن ٿا ته پو عوام ذهني توڙي جسماني طور اذيتن ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو ۽ اهڙي ئي صورتحال هن وقت معدني وسيلن سان مالا مال ضلعي قمبر-شهدادڪوٽ جي هيڊڪوارٽر واري شهر قمبر جي به آهي جيڪو هن وقت ڪني پاڻي جي ٻوڏ ۾ ٻڏي رهيو آهي، شهر جا اڪثر روڊ رستا توڙي هر محلي جون گهٽيون تلا جو ڏيک ڏئي رهيون آهن خاص طور تي ٻرڙا ڪالوني، چانڊيا پاڙو، جتي ڪني پاڻي جي نيڪال جو نظام درهم برهم هجڻ ڪري ناليون اٿلي پيون آهن ۽ ڪنو پاڻي گهٽين ۾ اٿلي پيو آهي. معلوم ٿيو آهي ته ٻرڙا ڪالوني ۽ چانڊيا پاڙي لا ڌار ڊسپوزل قائم ٿيل آهي پر اهو ناڪارا ٿي ويو آهي ۽ اهي به اطلاع آهي ته نئين ڊسپوزل قائم ڪرڻ جي نالي ۾ صرف هڪ هڪ ڪوٺي ٺاهي وئي جنهن ۾ هڪ موٽر لڳايو ويو آهي جيڪو به پهرين ڏينهن کان ڪڏهن چالو ئي ناهي ڪيو ويو پر ڪاغذن ۾ اها هڪ ڪوٺي نه پر پوري ڊسپوزل جي تعمير ڏيکاري وئي آهي يعني ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي جنهن جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي. ان کان علاوه چيف سينيٽري انسپيڪٽر جو چوڻ آهي ته هن وقت به چار کان ساڍا چار ڪروڙ رپيا ميونسپل پالٽي جي کاتي ۾ موجود آهن پر ان باوجود ٽي ايم او پاران ڪني پاڻي جي نيڪال لا ڪو به بندوبست نه ڪيو ويو آهي. هن ڀيري جڏهن عيد تي ڪراچي کان قمبر وڃڻ ٿيو ته روڊ رستا، گهٽيون اهڙو ڏيک ڏئي رهيون هيون جو ڄڻ هتي ڪا تازي برسات ٿي هجي، پر خبر پئي ته اتي ڪا برسات ناهي پئي پر اها ميونسپل وارن جي مهرباني آهي جو انهن ڪيتري ئي عرصي کان رستن کي پاڻي ۾ ٻوڙي رکيو آهي، ڪيترن ئي محلن ۾ رهواسي پاڻ گهٽين کي صاف ڪندي نظر آيا جيڪي گهٽين مان ڪنو پاڻي ڪڍي اچ وڃ جي لا دڳ صاف ڪري رهيا هئا ته انهي سان گڏوگڏ نالين کي مٽي ۽ گند جا بند ائين ٻڌي رهيا هئا ڄڻ ڪنهن واهه يا شاخ کي گهارو لڳو هجي ۽ علائقي واسي ٻڏڻ جي خوف کان انهي گهاري کي بند ڪندا هجن. ٻرڙا ڪالوني ۽ چانڊيا پاڙي جي هزارين ماڻهن جي آبادي کي ميونسپل وارن نه صرف ڪني پاڻي جي گهيري ۾ آڻي رکيو آهي پر انهي سان رهواسي مختلف بيمارين ۾ به مبتلا ٿي رهيا آهن، علائقي ۾ رهندڙ ٻارن جو ڪني پاڻي ۾ ڪري پوڻ به معمول ٻڌايو پيو وڃي جنهن ۾ انهن جون جانيون ضايع ٿيڻ جو خطرو پڻ رهي ٿو ۽ اڄڪلهه جڏهن اسڪول کلي رهيا آهن ته ٻارن کي اسڪول ويندي به وڏي مشڪلات پيش ايندي جنهن سان هڪ طرف ته انهن جي صحت متاثر ٿيندي ته ٻئي طرف وري انهن جي تعليم پڻ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. قمبر کي جن ماڻهن ضلعو بڻائڻ جي لا جدوجهد ڪئي هئي انهن مان اڪثر جو تعلق به ٻرڙا ڪالوني ۽ چانڊيا پاڙي سان ئي آهي جڏهن ته قمبر ضلعي جي جان جي قرباني ڏيندڙ نوجوان رياض ٻرڙي جو تعلق پڻ ٻرڙا ڪالوني سان ئي هو ۽ انهن ماڻهن انهي لا ئي ڏينهن رات جدوجهد ڪئي هئي ته قمبر ضلعو ٿيڻ کان پو سندن ترقي ٿيندي، بنيادي سهولتون ملنديون پر هن وقت قمبر ضلعو ٿيڻ باوجود اهي ماڻهو پهريان کان به وڌيڪ عذاب ۾ اچي ويا آهن ڇو ته ضلعو ٿيڻ کان پو جيڪي ڪامورا مقرر ڪيا ويا آهن انهن جي نااهلي خلاف عام شهري هر روز احتجاج ڪن ٿا پر پو به انهن جي وار کي به تو نٿو اچي. ايترو ئي نه پر ضلعو ٿيڻ کان پو ڪجهه ماڻهو ذاتي مفادن جي حاصلات ۾ لهي پيا آهن جنهن ڪري به ”منهنجو محبوب شهر قمبر“ ڪني پاڻي ۾ ٻڏي رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري ”باشعور عوام“ وڏيرن جي خوشامند ۾ مصروف نظر اچي ٿو. قمبر ضلعو ٿيڻ کان پو قمبر ضلعو بچايو ڪاميٽي کي قمبر ضلعو سنواريو ڪاميٽي ۾ تبديلي ڪيو ويو هو پر خبر ناهي ته اها ڪاميٽي ڪٿي گم ٿي وئي آهي، چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته شهر ۾ هر احتجاج جو ريٽ لڳي ٿو يعني جيڪا به ”ڌر“ ڪنهن ڪاموري خلاف ڌرڻو هڻي ٿي ته ڪاموري پاران انهن جو کيسو گرم ڪري کين ماٺو ڪيو وڃي ٿو پر اچرج جي ڳالهه ته اها به آهي ته جن پاڙن ۾ ڪنو پاڻي چوطرف بيٺل آهي اتي شهر جا ٽي چار مشهور ۽ سينيئر پڻ رهن ٿا پر قمبر جي صحافين جي حوالي سان وري هڪ ڳالهه اها به ٻڌڻ ۾ آئي ته اهي به ڪامورن کان حصو پتي وٺن ٿا جنهن ڪري ئي هميشه پنهنجي فرضن کان پري رهن ٿا ايترو ئي نه پر هن ڀيري جڏهن سوشل ميڊيا تي اهو مسئلو آندو ويو ته صحافي به سرگرم نظر آيا هڪ صحافي جڏهن فوٽيج وٺي روانو ٿيو ته پٺيان دڪان واري جو چوڻ هو ته اها رپورٽ خبر ناهي هلي يا نه پر خبر هلڻ کان اڳ ٽي ايم او وٽ ضرور ويندي ۽ ان جي بدلي پئسا مليا ته سڀ خير، نه مليا ته رپورٽ اداري تائين پهچي ويندي. هن وقت قمبر جيڪڏهن ڪني پاڻي ۾ ٻڏي رهيو آهي، بجلي جي لوڊشيڊنگ جو شڪار آهي يا وري گهٽي گهٽي ۾ گند جا ڍير لڳل آهن ته اهي سڀ شيون انتظاميا جي نااهلي ۾ ته اچن ٿيون ئي پر شهرين جي ڪوتاهي پڻ ظاهر ٿئي ٿي ۽ سياسي سماجي، صحافي ڌريون به انهي جون ذميوار آهن جنهن ڪري عام شهر عذاب آهن ۽ ڪني پاڻي مان نه صرف سندن نياڻين جو گذر ٿئي ٿو پر امڙين جو لنگهه پڻ اتان ئي آهي تنهن ڪري انهن ڌرين کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي امڙين ۽ نياڻين جو ته خيال ڪرڻ گهرجي! انهي سان گڏوگڏ اسان اعليٰ اختيارين کان اهو به مطالبو ڪيون ٿا ته شهر مان ڪنو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، ڊسپوزل جا موٽر بهتر ڪرڻ سميت نالا تعمير ڪرايا وڃن ته جئين ڪني پاڻي جو انهي ذريعي آساني سان ڇوڙ ٿي سگهي، نالين کي پاسن کان ڀتيون ڏياريون وڃن يا وري سي سي بلاڪ نالين کان مٿي ڪري لڳرايا وڃن، شهرين کي ذهني توڙي جسماني طور اذيتن ۾ مبتلا ڪندڙ ٽي ايم او خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، چونڊيل نمائندن جو سماجي بائيڪاٽ ڪيو وڃي جيڪي ووٽ وٺڻ لا ته وات ڦاڙي واعدا ڪندا آهن پر هن وقت ڳوليا به نٿا لڀن پر حقيقت ۾ ٿيڻ تي ائين کپندو آهي جو انهن چونڊيل نمائندن عوام گهلي ڪني پاڻي وارن گهٽين مان گذاري ته جئين کين به ڪجهه احساس ٿئي. سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپيل پر اصل حالت ۾............05-08-2014 http://sindhexpress.com.pk/epaper/i...ge=Magazine012&Date=20140805&Pageno=13&View=1
ادا اها حقيقت آهي ته صرف قمبر نه بلڪه سموري سنڌ جي کوڙ سارن شهرن سان اها ويڌن آهي ، جنهن جي ڪري بيمارين ۾ اضافو ۽ عوام کي شديد مشڪلات در پيش آهن ، مگر وڃون ته ڪاڏي وڃون ، دانهن ڏيون ته ڪنهنکي !؟ اسانجي حڪمرانن ، آفيسرن ، نوابن ۽ سردارن جي اکين تي ڪاريون پٽيون جو ٻڌل آهن! ۽ انهنجي ڪنن ۾ ڄڻ سِيهو ڀريل آهي ، انهنجا نَڪَ وري آهن ئي ڪونه!