وصييت........... نا معلوم

او جانان...
تنهنجي اکين مان
ٽمندڙ ڳوڙها
ٻُڪُ جهلي
زم زم جيان
بوتل ۾ بند ڪري
رکي ڇڏيان
جنهن ڏينهن
آئون مران
ان ڏينهن
هي تنهنجا ڳوڙها
زم زم جي پاڻيءَ
يا عطر بدران
منهنجي لاش جي مٿان
ڇٽيا وڃن.
 
Back
Top