استاد بخاري ــــــ ڪجهه يادون .... پروفيسر نذير احمد سومرو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2014۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    [​IMG]


    پروفيسر نذير احمد سومرو


    استاد بخاري ــــــ ڪجهه يادون


    پاڪستان ٺهئي ٻه چار سال مس گذريا آهن. سنڌ ۾ جيڪب آباد وارو تاريخي ۽ روايتي ميلو زور شور سان شروع ٿي چڪو آهي. ميلي ۾ ڏينهن واري ماڻهن جي پيهه کان وڌيڪ رات جو ٿيندڙ، سنڌي مشاعري جي پنڊال ۾، ماڻهن جي رش ۽ رونق گهڻي آهي. جنوريءَ جا سُڪا سيءَ پئجي رهيا آهن. سيءَ کان بچڻ لاءِ، هر ڪو ماڻهو پاڻ کي گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيو سيڙهيو ۽ لڪيو ويٺو آهي. مشاعري ۾ سنڌ جي سڀني ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن کان نوان ۽ پراڻا، ڪُهنه مشق شاعر آيل آهن. ضلعي دادوءَ جي شهر ڦلجي اسٽيشن کان ٻه ٽي ميل پري هڪ ڳوٺ غلام چانڊئي کان قدآور، سُهڻي مُنهن مهانڊي سان هڪ نوجوان شاعر، مشاعري جي پهريون ڀيرو ڪوٺَ ملڻ تي، اڳينءَ قطار جي ڇيڙي ۾، آخري ڪُرسيءَ تي ڪنڊائتو ٿيو ويٺو آهي. ڪجهه شاعرن کان پوءِ، پراڻي رنگ جو معروف شاعر سيد احسن الهاشمي شعر پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي اچي ٿو. سيد احسن الهاشميءَ جي شعر پڙهڻ کان ئي پنڊال ۾ واڪا، نعرا ۽ وري چئه، ٻيهر ٻڌاءِ جا آواز ٻڌي، غلام چانڊئي کان آيل نوجوان شاعر دل ئي دل ۾ چوي ٿو؛ “ههڙي طاقتور شاعري ٻڌي، اسان پارن نَونَ شاعرن جي شاعري ڪير ٻڌي، اهڙو داد ڏيندو؟ هنن سٺن شاعرن جي درياءَ واري تيز وهڪري (شاعريءَ) ۾ اسان پارن شاعرن جا پير ڪٿي ڄمندا؟” پنهنجو پاڻ سان پهه ڪري ٿو؛ “آئنده شاعري ڪرڻ کان بس ڪئيسون. رڳو اڄوڪي رات خير سان گذري.”

    پنهنجن ئي خود ساخته سوالن جي مونجهارن ۾ ڦاٿل نوجوان شاعر کي، اسٽيج سيڪريٽريءَ شعر پڙهڻ لاءِ مٿي گهرايو. هو تحت اللفظ ۾ شاعري ٻڌائي ٿو ته پنڊال ۾ موجود ماڻهن جي زوردار تاڙين ۾ کيس داد ملي ٿو، جنهنڪري سندس مَنَ کي، وڌيڪ شعر پڙهڻ لاءِ آٿت ملي ٿو. هو غزل ٻڌائي ٿو؛

    رات کــــــڻـــي آئــــــــي اڌ رات،
    مون ڏي سوچڻ جي سوغات.

    چــــئــن گهڙين ۾، ڪهڙي چُرپُر،
    چـــــوڳــــــو، چــــاهت، اُڏرڻ، لات.

    گھُگهه اونداهين ڏي جو گھُوريان،
    جوت ڪــــــري پئي مُرڪي؛ هات.

    تـــنـهـنــجــو هــي انــداز استاد،
    تـــــوبــهه! مُـنهنجي ناهي بات.

    ان مشاعري جي ويهن ورهين کان پوءِ، نئين پاڪستان جي جشن جي موقعي تي سڄي پاڪستان ۾، عوامي راڄ جي حوالي سان فنڪشن ٿيا. ائين لاڙڪاڻي ۾ به جشن جمهوريت جي حوالي سان جناح باغ ۾ هڪ ادبي فنڪشن، ٽيويهين سنڌي ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو ٿيو. مشاعري ۾ مرحوم غلام محمد گرامي، شمشير الحيدري، دادن فقير کان وٺي استاد بخاريءَ ۽ سيد احسن الهاشميءَ شعر پڙهيا. هن مشاعري جي صدارت مخدوم طالب الموليٰ ڪئي. رات جو دير سان جڏهن ننڊاکڙي ماحول ۾ استاد بخاريءَ کي شعر پڙهڻ لاءِ سڏ ڇا ٿيو، سامعين جي اکين مان ننڊ پَرَ ڪر اُڏامي وئي. سندس شعر پڙهڻ جي موٽ ۾ تاڙين جي ڦهڪن، چوڙين جي ڇمڪن، هُوڪرن ۽ نعرن جي آواز، اسٽيج کي به لوڏي وڌو ۽ اُن رات مشاعرو استاد بخاري لُٽي ڦُري ويو. جڏهن استاد بخاري لهڻ واري پئي ڪئي ته؛ ونس مور، هڪ دفعو ٻيهر، ترنم سان. اهڙن آوازن اُستاد بخاريءَ کي ٻيهر شعر پڙهڻ لاءِ هَر هَر موٽايو پئي. اُستاد بخاري شعر پڙهي، جڏهن اسٽيج تان لٿو ته سيد احسن الهاشميءَ، خوشيءَ وچان اُستاد بخاريءَ کي ڀاڪر پائي چيو؛ “واهه اُستاد، شاعري به تنهنجي ۽ شاعر به تون، اسان پارا کوڙ شاعر...!”

    لاڙڪاڻي کان ڳوٺ پهچڻ تي، کيس مخدوم طالب الموليٰ صاحب خط ذريعي، هالا يا حيدرآباد اچڻ لاءِ، نينڍ ڏيندي لکيو؛ “جڏهن به حيدرآباد اچڻ ٿئيوَ ته قرب ڪري هن فقير (طالب الموليٰ) جي آستاني تي ليئو پائڻ نه وساريندا. جيڪڏهن اچڻ جي پڪ ڏيو ته صرف ريل گاڏيءَ جي ڪوٽڙيءَ اسٽيشن تي پهچڻ وارو وقت ۽ ڏينهن لکي موڪليندا. جيئن هن فقير لاءِ اهو اعزاز ٿئي ته پاڻ ريلوي پليٽ فارم تي توهان جي آجيان لاءِ موجود هجي.” اُستاد بخاريءَ اهو خط پاڻ سان، مرڻ گهڙيءَ تائين، قيمتي چيزن وانگر ساهه وانگر سانڍي رکيو.

    دادوءَ ۾ نوڪريءَ دوران، استاد بخاريءَ سان شام جو ڪچهريون ڪرڻ، روزاني جو معمول هو. آءٌ ساڻس وڌيڪ هُجائتو به هوس. هڪ دفعي کانئس پڇي ويٺم؛ “بخاري صاحب، هڪڙو سوال ڪريان؟”

    چيائين؛ “سڄي عمر سوالن منجهائي رکيو آهي. الائي ڪهڙو سوال ذهن ۾ اٿئي؟”

    چيومانس؛ “هي جو سنڌ ۾ وڏو غوغاءُ متل آهي ته سنڌ جو وڏو شاعر ڪير آهي؟ اياز يا اُستاد؟ توهان جو پنهنجو ڇا خيال آهي ته ڪير وڏو شاعر آهي؟ توهان يا شيخ اياز؟”

    چيائين؛ “نذير، تو ڏاڍو سٺو سوال ڪيو آهي. حقيقت پڇين ٿو ته مان کليءَ دل سان چوان ٿو؛ اهو فيصلو تاريخ ڪندي ته ڪير وڏو شاعر آهي؟ پر شيخ اياز مون کان وڏو شاعر آهي. هُو عمر ۾ به وڏو آهي، مطالعي ۾ به وڏو آهي. پڙهيل ڪڙهيل به وڏو آهي ۽ شاعر به وڏو آهي.” وڌيڪ ٻڌايائين؛ “شيخ اياز منهنجي شاعري بابت جيڪو روبرو مون کي چيو، جي اهو جيئن جو تيئن لکان ته پاڻ پڏائڻ واري زمري ۾ اچي ويندو ۽ منهنجي رقيبن کي هڪ نئون موضوع ملي ويندو.”

    1955ع دوران، ون-يونٽ اندر، سنڌ کي ضم ڪيو ويو. سنڌ جي وڏيرن پيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن ون-يونٽ جي حمايت ڪئي ته ٻئي طرف، سنڌ جو درد رکندڙ ماڻهن ۾، ٻين سميت، اُستاد بخاريءَ جي چپن تي، اندر جو اوٻر اجهو هيئن ظاهر ٿيو:

    ڳــــــاڙهــــا ڳوڙهـا هــيڏهـون، هوڏهــن ڳاڙِهـا ڳلَ
    هــــيڏهــــن ســـادا سُـــودڙا، هـوڏانـهن پِير پڙهيل.
    هـيڏهن ســــورج ساڙيا، هوڏانهــن پينگهه پلـــيل،
    هيڏانهن حامي ڪو نه ٿئي، هــــوڏانهن “دادا” دَلَ
    هـيڏهن ڪــــارا قـــائـــدا، هـــوڏانـــهن جهل نه پل
    ڪهڙيءَ ڀر “اُستاد” آ، ڪنهن کي ڪهڙي ڪَلَ
    هـيڏهـن گهــوڙا گهل، مـــاريو مـــاريو هــــوڏنهن.

    هڪ دفعي پڇيومانس؛ “جيڪڏهن شاعريءَ ۾ هڪ سٺي شاعر جو توهان کي نوبل پرائيز ملي ته ڪيئن ٿا ڀانيو؟”

    جواب ۾ چيائين؛ “مان ته هرگز هرگز ‘نَوَبل پرائيز’ جو انسان دشمن ڳٽ، پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڪو نه وجهندس. مون کي ايتري بم بارود جي ڌپ ايندي جو منهنجو ساهه ٻوساٽجي ويندو! ڇاڪاڻ ته بم جو ايجاد ڪندڙ به ته نوبل ئي هيو. مون ته سڄي عُمر بم ۽ بارود جي خلاف لکيو ۽ شاعري ڪئي آهي.”

    هڪ دفعي پنهنجي ٻاروتڻ جي يادن واري ڪتاب جو ورق ورائيندي ٻڌايائين؛ “ننڍڙو هوس ته رات جو سمهڻ وقت، مون کي سهرا يا گيت ٻڌڻ کان سواءِ ننڊ ڪو نه ايندي هئي. امڙ سانئڻ رات جو مون کي ننڊ ڪرائڻ خاطر سهرا ٻڌائيندي هئي. هڪ دفعي رات جو امان سانئڻ هڪ سهرو ٻڌايو، جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت هئا؛

    آءٌ ٿـي ڀــانـــيان، راڻل منهنجي راڄ سڏايو
    مان ٿي ڀانيان “پنهل” منهنجي راڄ سڏايو

    “امڙ سانئڻ مون کي گهر ۾ پنهل ڪري ڪوٺيندي هئي. الائي ڇو مون امان سانئڻ جي چپن تي پنهنجون آڱريون رکي پنهنجي مادري زبان سرائيڪي ۾ کيس چيو؛

    “امان، اَي نه ڳاءِ، ميڪون ڊڄ پيا لڳدائي.

    “راڄ رڳو خوشين ۽ شادمانن ۾ ته ڪو نه ايندو آهي. خدا نه ڪري ته ڪنهن گهر ۾ ڪو حادثي جهڙو واقعو برپا ٿيڻ تي ۽ گهر ۾ موتي فوتي ٿيڻ تي به ته راڄ ڪٺو ٿيندو آهي نه؟”

    مئي مهيني 1990ع جي ڳالهه آهي. آءٌ ڪراچيءَ جي انچولي بس اسٽاپ، نزد يوسف پلازه تي بس ۾ سوار ٿيڻ لاءِ بيٺو هوس. اوچتو صدر کان ايندڙ هڪ بس مان آواز آيو؛ “نذير! اتي بيهه!” ڏسان ته سنڌ جو معروف شاعر ۽ پبلشر، قاضي مقصود گل لٿو ۽ ٻڌايائين؛

    “چڱو ٿيو جو هتي ملي وئين. اُستاد بخاريءَ جو تو لاءِ خاص نياپو آهي. ساڻس شاليمار هوٽل ڪينٽ اسٽيشن تي ملي وڃ، جو هُو لنڊن وڃڻ لاءِ تيار آهي.” مون ڳوٺ وڃڻ جو ارادو بدلائي، سڌو ڪينٽ اسٽيشن ڏانهن رُخ رکيو. ڪائونٽر تان معلوم ڪري، سڌو ڪمري ۾ ويم. مون تي نظر پوڻ سان ئي چيائين؛ “هيڏي اچڻ کان اول، توکي فون ڪيم. خبر پئي ته تون سروهين ويجهو، رپڙيءَ ويل هُئين ۽ اُتان ڪراچيءَ وڃڻو آهين. ڏاڍو سٺو ٿيو، جو ملي وئين. سڀني پرين پيارن کان موڪلائي آيم پئي، ته ذهن ۽ دل جي پردي تي تون نمودار ٿئين. توکان ريءَ موڪلائڻ، ڏاڍو موڳو ڪري ڇڏيو هو.”

    لنڊن کان موٽيو ته ٻڌايائين؛ “اڃا هڪ دفعو ٻيهر وڃڻو پوندو.”

    ٻيهر به ٿي آيو ته پڇيومانس؛ “ٻه دفعا لنڊن مان ٿي آيو آهين، ڪا خاص ڳالهه؟”

    چيائين؛ “اگهو ويو هيم، ڪاش سگهو وڃان ها. البته اُن ڏينهن دل وڏي ٿي وئي، جڏهن ڊاڪٽر انور هاليپوٽي سان گڏجي، سنڌ جو نامور اديب جمال ابڙو پڇڻ آيو. الائي ڇو جمال ابڙي سان ملڻ وقت اکيون ڀرجي آيون. لڳو ته ڄڻ منهنجي گهر جو ڀاتي، هوائن جي رستي لنڊن هليو آيو آهي.” پنهنجي والده جو هي سودائي ٻچڙو، هن دنيا ۾ بي چيني، بيقراريءَ ۽ تڙپ سان زندگي گهاريندڙ، 9 آڪٽوبر 1992ع تي رات جو پاڻ سان سنڌ جا سُور، محبوبن جا ماڻا ٽاڻا، رقيبن جون نفرتون ۽ هزارين سوداءَ کڻي هيئن چئي هليو ويو؛

    الائي ڇا ٿيندو هن خطي جو؟
    مُئو اُستـــاد ٻـــڏتر ۾ وڃان ٿو.

    اڄوڪي سنڌ ۾ هر ڏهن ماڻهن کان پوءِ هڪ قافيه طراز، تڪبند ۽ متشاعر شخص آسانيءَ سان ملي ويندو. جڏھن ته هڪ موزون طبع، اصلي شاعر ۽ تڪبند مُتشاعر ۽ پراوا خيال ۽ شاعراڻا جملا چورائيندڙن جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي سو اُستاد بخاريءَ جي شاعري پڙهڻ سان معلوم ٿي ويندو. اهلِ نظر، ان کان ناواقف به ناهن. اُستاد بخاريءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي چوڻين ۽ پهاڪن، تشبيهن ۽ استعارن کي استعمال ڪرڻ تي وڏي دسترس (مهارت) حاصل هئي. هن گهڻو تڻو سمورين صنفن تي لکيو آهي. هن جي ڪافين ۽ گيتن ۾ غزل جهڙو رنگ سمايل آهي. اُستاد بخاريءَ جي شعرن ۾ جيڪا وسعت ۽ شدت آهي، اُها ساراهڻ جوڳي آهي.

    عالمي شهرت يافته ناول نگار گابريل گارشيا مارڪيز، ٻئي ڪنهن لاءِ غم جو اظهار ڪندي جيڪي جملا چيا هيا، سي مان به هلڪي ۽ معمولي ڦيرڦار سان اُستاد بخاريءَ جي لاءِ هتي لکان ٿو؛

    “اُن خوبصورتيءَ جو خاتمو ٿي ويو،
    جنهن ويهين صديءَ جي سنڌي شاعريءَ کي،
    پنهنجي منفرد،
    روانيءَ واري شاعراڻي انداز سان،
    هڪ طرف کان ٻئي طرف تائين،
    سيراب ڪيو!”
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 آگسٽ 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    استاد بخاريء جون خوبصورت يادون وري وري پڙهيم ... استاد اسان سڀني سنڌين جو دل گهريو شاعر. استاد صرف شاعر ئي ناهي هو اسان جي دماغن تي به ڇانيل رهي ٿو ته سوچن تي به ...

    اڌ رات جو اٿلي پٿلي
    استاد بخاريءَ تڙپي
    هي گيت لکيو هو ڪيئين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    چوان ٿو ته توکان وڃان موڪلائي ، وڃان موڪلائي !
    متان اوچتو مان وڃان موڪلائي ، وڃان موڪلائي !

    استاد جون يادون هميشه سچي سنڌيءَ جي سيني ۾ سمايل هونديون
     
  4. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    منهنجو پسنديده نظم استاد جي ڪتاب ”جستجوءَ لاتقنطوءَ“ مان ورتل جڏهن هو علاج لاءِ لنڊن ۾ هو

    ”ٽُــرٿ از بيـــوٽــي“ تــوکــي گــڊ مـارننـگ،
    مــيڊم آن ڊيــوٽـي تـوکـي گُــڊ مـارنـنـگ،

    سالن کن جنهن ۾ رهئين سو گهر عظيم،
    منهنجي لئه هِن گهر جو هر منظر عظيم،

    ”حــسن جــا شـاعر“ مون جـو تـو ڏي ڏٺــو،
    تـــون آن قـــد، بــت، عــمر کـان ڏاڍو وڏو،

    شــاعـريءَ جــي هــر ڪــڙي، رومـانـٽڪ،
    زنــدگيءَ جــي هــر گـــهڙي رومــانـــٽـڪ،

    ”ٽــين ايــــجز ٽــــام“ ٽـــي- بـــــي ماريـــــو،
    ان جـــــي ڳــاراڻـي بــه هــونـــدءَ ڳـــــاريــو،

    صـدمـــو جـوڀـــن ۾ سَـٺـو، تـــو ڀــاءُ جــو،
    هڪ ســـبب هـي هــو ســـندءِ سوداءَ جو،

    بــيوفا فيـنـــي ٿــــي يـا تــــون ٿــي وئيــــن،
    هي به قـــاتــــــل زهــر شـاعــر پــي وئــــين،

    مرض مهلڪ ڪيٽس هو توکي ڪُٺو،
    ماٺيـڻي، ماڻـڪ ته هو خود کــي ڪُــٺو،

    عــالــماڻــي ۽ نــــظر جـــــــــوڀـــــن ۾ ويــا،
    عـابــــــد ۽ بـــــادل، بــــدر جـــوڀـــن ۾ ويـا،

    تنهنجـي جهٽ، جهُرڻـي جوانـيءَ تي پِٽـيان،
    تنهنجـي جِيـونَ - جـاودانـيءِ کــي چـٽيـان،

    مــوت جــو حــاسد، حــماقـــت ڏي ڏسـان،
    غيـــر فانـــي تنهنجـــي طـاقــت ڏي ڏسـان،

    تنهنجون چيزون تنهنجون تصويرون جوان،
    تنهنجون سوچون تنهنجون تحريرون جوان،

    خـوبصـــورت شــاعـري، تــنهنجـــي جــوان،
    هـــــر زمــانــي زنـدگــيءَ، تــنهنجــي جــوان،

    (1) ڪيٽس جي شاعريءَ جي اڌ سِٽ، (سچ خود خوبصورت آهي) (2) انگريز ليڊي جنهن اٽينڊ ڪيو، ڪيٽس لنڊن ۾ دوست جي انهيءِ گهر ۾ تمام ٿورو عرصو رهيو، (3) ڪيٽس کي پوئٽ آف بيوٽي چيو ويندو آهي، (4) ڪيٽس جو ننڍر ڀاءُ جو 19 سالن جو هو، اهو ٽي بي م وفات ڪري ويو، (5) فيني، برائون ڪيٽس جي مڱيندي جنهن سان سندس شادي رچي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو